Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 4 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن هڪڙي مرد کي ست ست عورتون پڪڙي چونديون تہ ”اسين پنهنجي هڙان کائينديونسين ۽ پهرينديونسين، تون رڳو ايترو ڪر جو اسان کي پنهنجيون زالون سڏجڻ ڏي، ائين اسان تان مڙس واريون نہ هجڻ جي خواري لاهہ.“


يروشلم وري بحال ٿيندو

2 اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن خداوند جي چونڊيل زمين خوبصورت ۽ شاندار ٿي پوندي ۽ بني اسرائيل مان جيڪي بچي ويل هوندا تن لاءِ انهيءَ جو ڦل لذيذ ۽ وڻندڙ ٿي پوندو.

3 صيئون جبل جي شهر يروشلم ۾ خداوند جن ماڻهن کي مرڻ کان بچايو هوندو تن سڀني کي پاڪ سڏيو ويندو.

4 انهيءَ سبب جو ان وقت پروردگار يروشلم جي سڀني رهاڪن جا گناهہ ڌوئي ڇڏيندو. بيشڪ هو پنهنجي جلال واري باهہ ۾ تپائي يروشلم کي هر ڪنهن خون ۽ بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪندو.

5 تڏهن خداوند صيئون جبل جي هر جاءِ کي ۽ ان تي رهندڙ سندس قوم کي ڏينهن جي وقت ڪڪر ۽ رات جي وقت دونهين ۽ شعلي واري باهہ سان ڍڪيل رکندو. خدا جو جلوو پوري شهر تي ڇانيل رهندو ۽ انهيءَ جي حفاظت ڪندو.

6 سندس جلوو ڏينهن جي وقت گرميءَ کان ڇانوَ ڪندو ۽ آنڌيءَ ۽ برسات ۾ ڍڪ ۽ پناهہ ثابت ٿيندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan