Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 39 - Muslim Sindhi Bible


بابل جا ايلچي
( 2.بادشاهَہ 20‏:12‏-19 )

1 هيڏانهن جڏهن بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلہ‌دان ولد بلہ‌دان ٻڌو تہ بادشاهہ حزقياہ بيماريءَ مان ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو آهي، تڏهن هن پنهنجي ايلچين هٿان ڏانهس خط ۽ سوکڙيون پاکڙيون موڪليون.

2 حزقياہ انهن ايلچين جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هنن کي پنهنجي قيمتي شين جا سڀ گدام ڏيکاريائين، جن ۾ چاندي، سون، مصالحا ۽ قيمتي عطر موجود هئا. هن کين پنهنجا اسلحہ خانا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريو. مطلب تہ شاهي محل توڙي سڄيءَ بادشاهت ۾ ڪابہ اهڙي شيءِ ڪانہ رهي جيڪا هنن کي ڏيکاري نہ ويئي.

3 تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”اهي ماڻهو ڪٿان آيا هئا ۽ تو کي ڇا چيائون؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”اهي ماڻهو تمام ڏورانهين ملڪ بابل کان مون وٽ آيا هئا.“

4 يسعياہ کانئس پڇيو تہ ”هنن تنهنجي محل ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”منهنجي محل ۾ جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ هنن ڏٺو آهي. منهنجي خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي، جيڪا مون هنن کي نہ ڏيکاري هجي.“

5 تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ ”ٻڌ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ

6 يقيناً اُهو وقت ايندو جڏهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ آهي ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ملڪ ڏانهن کڄي ويندو ۽ ڪابہ شيءِ پٺ تي نہ ڇڏي ويندي.

7 تنهنجي پنهنجي اولاد مان ڪيترن ئي کي قيد ڪري نيو ويندو ۽ کين نامرد بڻائي بابل جي بادشاهہ جي محل ۾ خواجہ‌سرا ڪري رکيو ويندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.“

8 تڏهن حزقياہ بادشاهہ يسعياہ کي وراڻيو تہ ”خداوند جو جيڪو فرمان تو ٻڌايو آهي سو ٺيڪ آهي.“ هن اهو انهيءَ ڪري چيو جو سوچيائين تہ گھٽ ۾ گھٽ سندس حياتيءَ جي ڏينهن ۾ تہ امن وَ سلامتي رهندي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan