Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 38 - Muslim Sindhi Bible


حزقياہ بادشاهہ جي بيماري ۽ صحتيابي
( 2.بادشاهَہ 20‏:1‏-11 ، 2.تواريخ 32‏:24‏-26 )

1 انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪو ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“

2 تڏهن حزقياہ پنهنجو منهن ڦيري ڀت ڏانهن ڪيو ۽ خداوند کان دعا گھريائين تہ

3 ”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.

4 تڏهن خداوند يسعياہ کي حڪم ڏنو تہ

5 هو موٽي وڃي حزقياہ کي سندس هي پيغام ٻڌائي تہ ”مون خداوند، تنهنجي ابي ڏاڏي دائود جي خدا تنهنجي دعا ٻڌي ورتي آهي ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم. سو ڏس، آءٌ تنهنجيءَ عمر ۾ پندرهن سالن جو اضافو ٿو ڪريان.

6 آءٌ تو کي ۽ هن شهر يروشلم کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائيندس ۽ شهر جي حفاظت ڪندو رهندس.“

21 پوءِ يسعياہ حزقياہ جي نوڪرن کي چيو تہ ”انجير جي هڪڙي ٽڪي آڻي بادشاهہ جي ڦرڙيءَ تي رکو تہ هو چڱو ڀلو ٿي ويندو.“

22 تڏهن حزقياہ يسعياہ کان پڇيو تہ ”مون لاءِ ڪهڙي نشاني آهي تہ آءٌ اُٿي وري هيڪل ۾ عبادت لاءِ وڃي سگھندس؟“

7 يسعياہ کيس وراڻيو تہ ”جيڪا ڳالهہ خداوند فرمائي آهي سا هو ضرور پوري ڪندو. ڏس، انهيءَ جي ثابتيءَ لاءِ خداوند وٽان تنهنجي واسطي هيءَ نشاني هوندي تہ

8 آخز بادشاهہ جي ڌوپ گھڙيءَ تان جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويندو آهي، تنهن کي خداوند ڏهہ قدم پٺتي موٽائي ڇڏيندو.“ سو ڌوپ گھڙيءَ تان جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو هو، سو ڏهہ قدم پٺتي موٽي ويو.


حزقياہ جو خداوند جي شڪرگذاري ڪرڻ

9 يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ بيماريءَ مان شفاياب ٿيڻ بعد شڪرگذاريءَ لاءِ هي لکيو تہ

10 ”مون سوچيو ٿي تہ منهنجي حياتيءَ جا باقي رهيل سال مون کان کسيا ويا آهن، سو آءٌ پنهنجي ڦوهہ جوانيءَ ۾ ئي مري وڃي مئلن جي دنيا ۾ داخل ٿيندس.

11 هائو، مون سوچيو ٿي تہ جيئرن جي هن جهان ۾، آءٌ پاڻ جهڙن انسانن کي وري ڪين ڏسندس، نڪي وري خداوند جي هيڪل ۾ وڃي سندس آڏو حاضر ٿيندس.

12 منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڄڻ تہ خانہ‌بدوش جي تنبوءَ وانگر وقت کان اڳ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. اي خداوند! مون سمجھيو ٿي تہ تو انهيءَ ڪوريءَ وانگر منهنجي حياتي ويڙهي رکي ڇڏي آهي، جيڪو آڏاڻي مان تاني اڌ ۾ ڇنيو ڇڏي. هائو، مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.

13 سڄي سڄي رات آءٌ تڪليف وچان رڙندو رهندو هئس، ڄڻ ڪنهن شينهن وانگر تو منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هجن. مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.

14 آءٌ ابابيلن ۽ ڪنگن جهڙي جھيڻي آواز ۾ رڙندو ٿي رهيس، مون ڳيري وانگر اوسارا پئي ڪڍيا. منهنجيون اکيون عرش ڏانهن نهاري نهاري ساڻيون ٿي پيون هيون. سو مون چيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ستايل آهيان، تون اچي منهنجو ساڻي ٿيءُ.

15 اي خداوند! آءٌ تہ ڪجھہ چئي بہ نہ ٿو سگھان، ڇاڪاڻ تہ مون سان هي سڀ تو ئي تہ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي حياتي زهر ٿي پيئي آهي، تنهن هوندي بہ مون کي پنهنجا ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.‘

16 اي پروردگار! تنهنجيون ڳالهيون ۽ تنهنجا ڪم مون سميت هر ڪنهن کي حياتي ٿا بخشين. سو تو ئي مون کي چڱو ڀلو ڪيو آهي، ۽ نئين حياتي بخشي اٿيئي.

17 بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.

18 مئلن جي دنيا ۾ ڪوبہ تنهنجي شڪرگذاري يا واکاڻ نہ ٿو ڪري سگھي، نڪي اهي قبر وارا تنهنجي رحمتن کي ڏسڻ جي ڪا اميد رکي ٿا سگھن.

19 جيئرا، هائو، جيئرا ئي تنهنجي واکاڻ ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان. هر پيڙهي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي وفا جا ڪم بيان ڪري ٻڌائيندي.

20 اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. تنهنڪري اسين سڀيئي پنهنجي سڄي عمر تنهنجي هيڪل ۾ تار وارن سازن تي تنهنجي واکاڻ ڳائيندا رهنداسين.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan