Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 36 - Muslim Sindhi Bible


اشورين جي يهوداہ تي ڪاهہ
( 2.بادشاهَہ 18‏:13‏-27 ، 2.تواريخ 32‏:1‏-19 )

1 بادشاهہ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي چوڏهين سال، اشور جو شهنشاهہ سنحيرب يهوداہ جي سڀني ڪوٽ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ مٿن قبضو ڪري ورتائين.

2 تڏهن اشور جي شهنشاهہ پنهنجي اعليٰ عملدار کي هڪڙي وڏي لشڪر سان لڪيس شهر کان يروشلم ڏانهن موڪليو تہ هو حزقياہ بادشاهہ کي پيش پوڻ لاءِ چوي. هو اوڏانهن ويو ۽ ڌوٻي گھاٽ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو.

3 تڏهن الياقيم ولد خلقياہ، جيڪو محل جو انتظام سنڀاليندو هو، شبناہ جيڪو شاهي محرر هو ۽ يوآخ ولد آسف جيڪو شاهي منتظم هو، سي نڪري وٽن آيا.

4 اشور جي اعليٰ عملدار انهن ماڻهن هٿان بادشاهہ حزقياہ ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”شهنشاهہ اعظم، اشور جو بادشاهہ فرمائي ٿو تہ ’تو کي ڇا تي هيڏو ڀروسو آهي؟

5 تون سمجھين ٿو تہ تو کي سٺي حڪمت عملي ۽ فوجي طاقت آهي، اهي تہ رڳو لفظ آهن. آخر تو ڪنهن جي آسري تي مون سان بغاوت ڪئي آهي؟

6 تون مصر تي ڀاڙيو ويٺو آهين جيڪو هڪ ڦٿل ڪاني مثل آهي ۽ جيڪو ماڻهو ان تي اَهل ڏيئي هلندو آهي تہ اهو ڪانو سندس هٿ ۾ چڀي پوندو آهي! مصر جو فرعون انهن سڀني سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري ٿو جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا.‘“

7 اعليٰ عملدار انهن ماڻهن کي وڌيڪ چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘

8 سو هاڻ آءٌ پنهنجي مالڪ اشور جي شهنشاهہ طرفان تو سان هڪ شرط ٿو رکان تہ آءٌ تو کي ٻہ هزار گھوڙا ڏيندس، پر انهيءَ شرط سان تہ تو وٽ انهن تي سواري ڪرڻ لاءِ ماڻهو بہ هجن.

9 پر تو وٽ تہ اهي بہ نہ هوندا، تہ پوءِ تون ڪيئن منهنجي مالڪ جي خسيس عملدار کي بہ پوئتي هٽائي سگھندين؟ جڏهن تہ تون جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن لاءِ بہ مصر تي ڀروسو رکيو ويٺو آهين؟

10 ٻيو تہ آءٌ هن شهر کي حملو ڪري برباد ڪرڻ لاءِ خداوند جي چوڻ کان سواءِ ئي آيو آهيان ڇا؟ خداوند پاڻ مون کي چيو تہ ’هن ملڪ تي چڙهائي ڪري کيس تباهہ وَ برباد ڪر.‘“

11 تڏهن عملدار اعليٰ کي الياقيم، شبناہ ۽ يوآخ چيو تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، ڇو تہ اسين اُها سمجھون ٿا. يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهايو، ڇو تہ ڀت تي ويٺل ماڻهو ٻڌن ٿا.“

12 تنهن تي عملدار اعليٰ هنن کي چيو تہ ”منهنجي مالڪ مون کي رڳو توهان جي مالڪ ۽ توهان ڏانهن ئي ڪونہ موڪليو آهي، بلڪ هن مون کي ڀت تي ويٺل ماڻهن ڏانهن بہ موڪليو آهي. هو بہ اوهان وانگر ئي پاخاني جو گند ڪچرو کائيندا، جهڙيءَ طرح اوهين کائيندا.“

13 پوءِ اعليٰ عملدار اُٿي بيٺو ۽ يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”اوهين شاهہِ عظيم، اشور جي شهنشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو.

14 حزقياہ جي دوکي ۾ نہ اچو. هو اوهان کي اسان جي هٿن مان ڇڏائي نہ سگھندو.

15 حزقياہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يقين نہ ڪجو تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ضرور ڇڏائيندو ۽ هي شهر اشور جي شهنشاهہ جي قبضي ۾ نہ ڏيئي ڇڏيندو.

16 حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اشور جو شهنشاهہ اوهان کي چوي ٿو تہ ’پنهنجي شهر مان نڪري اچي مون وٽ پيش پئو. اوهان مان هر ڪنهن کي اها اجازت هوندي تہ هو ايستائين پنهنجي ئي انگورن جي ول مان انگور کائي، پنهنجي ئي انجير جي وڻ مان انجير کائي ۽ پنهنجي ئي کوهہ مان پاڻي پيئي،

17 جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ئي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا.

18 حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو ائين چئي اوهان کي گمراهہ ٿو ڪري تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ڇڏائيندو. ٻين قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ هڪڙي پنهنجو ملڪ مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڪڏهن ڇڏايو آهي ڇا؟

19 حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفروائم جا معبود ڪٿي آهن؟ ڇا انهن سامريہ کي منهنجي هٿن مان ڇڏايو؟

20 انهن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪير آهي جنهن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿن مان ڇڏايو؟ تہ پوءِ خداوند ڪيئن يروشلم کي منهنجي هٿن مان ڇڏائيندو؟‘“

21 پر ماڻهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪڇيائون، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ حزقياہ کين اهو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ هن کي ڪوبہ جواب نہ ڏنو وڃي.

22 پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي اعليٰ عملدار واريون ڳالهيون ٻڌايائون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan