يسعياہ 35 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جي قوم لاءِ پاڪيزگيءَ وارو رستو 1 اڃايل بيابان سرهو ٿيندو، ۽ سڪل ڌرتي خوشيون ملهائيندي، هائو، ان ۾ گل ٽڙي نڪرندا. 2 بيابان ۾ هر طرف گل ئي گل ٽڙندا، ۽ انهيءَ مان خوشيءَ جي گيتن ۽ شادمانن جا آواز پيا ايندا. اهو اهڙو شاندار ٿي پوندو جهڙو لبنان جبل. اهو اهڙو تہ زرخيز ٿي پوندو، جهڙو ڪرمل جبل ۽ شارون جي ماٿري. تڏهن هر ڪو خداوند اسان جي خدا جي عظمت ۽ قدرت ڏسندو. 3 اي خداوند جي قوم! اوهين جيڪي ڪمزور ٿي پيا آهيو سي همت وارا ٿيو، ۽ جيڪي خوف وچان ڏڪو ٿا سي دلجاءِ ڪريو. 4 اوهين ڊڄڻيءَ دل وارن کي هي چئي همتايو تہ ”اوهين ڊڄو نہ، بلڪ همت ڌاريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بچائڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي. هائو، هو اچي رهيو آهي تہ جيئن اسان جي دشمنن کي سزا ڏيئي کانئن اسان جو پورو پورو بدلو وٺي.“ 5 ان وقت انڌا ڏسي سگھندا، ۽ ٻوڙا ٻڌي سگھندا. 6 تڏهن منڊا ماڻهو هرڻ وارا ڇال ڏيندا، ۽ گونگا خوشيءَ وچان نعرا هڻندا. بيابان مان چشما ڦٽي نڪرندا، ۽ رڻپٽ منجھان نديون وهڻ لڳنديون. 7 رُڃ بدلجي ڍنڍ ٿي پوندي، ۽ سڪل ٺوٺ زمين منجھان پاڻيءَ جا چشما جاري ٿيندا. جنهن بيابان ۾ ڪڏهن گدڙن جي جُوءِ هوندي هئي، اتي ندين جي ڪناري ٻُوڙا ۽ ڪانا اڀري ايندا. 8 اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بيوقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا. 9 ڪوبہ شينهن يا ڪو ٻيو خونخوار جانور انهيءَ رستي جي ويجھو بہ نہ ايندو. جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي ئي انهيءَ رستي تان گذري سگھندا. 10 هائو، جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي خوشيءَ جا گيت ڳائيندي موٽي يروشلم ۾ داخل ٿيندا. اهي هميشہ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا رهندا. ڏک ۽ غم انهن جي ويجھو بہ ڪونہ ايندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society