يسعياہ 34 - Muslim Sindhi Bibleادوم لاءِ سزا 1 اچو، اي سموريون قومون! چوڌاري اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو. اچو اي سڀ امتون! ڪن ڏيو. هائو، سڄي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر مخلوق هتي اچي ۽ ٻڌي. 2 ٻڌو، سڀني قومن تي خداوند سخت ناراض آهي، سندن سمورن لشڪرن تي سندس غضب نازل ٿيڻو آهي. هو قتل ڪرڻ لاءِ کين دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهي، هائو، هن انهن کي بلڪل تباهہ ٿيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. 3 انهن جا قتل ٿيل دفن نہ ٿيندا بلڪ ڦٽا ڪيا ويندا، سندن لاشن مان بدبوءِ نڪرندي. انهن جو رت جبلن تان وهي هلندو. 4 سج، چنڊ ۽ تارا ڀُري دز ٿي ويندا. آسمان ڪاغذ جي ويڙهوٽي وانگر ويڙهجي ويندو، ۽ ان مان ستارا ائين ڇڻي ڪرندا، جيئن انگورن جي ول ۽ انجير جي وڻ مان پن سڪي ڇڻي پوندا آهن. 5 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون پنهنجي تلوار کي آسمان ۾ تيار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اها ادوم تي اچي ڪڙڪندي، جنهن جي رهاڪن لاءِ مون تباهي مقرر ڪئي آهي. 6 مون خداوند جي تلوار انهن جي رت، ۽ چرٻيءَ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن قربانگاهہ گھيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان ۽ گھٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. آءٌ خداوند بُصراہ شهر ۾ اهڙي قرباني ڪندس، بلڪ ادوم جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو وڏو قتلام ڪندس. 7 ادوم جا جھنگلي سانَهہ ماڻهن سان گڏ ماريا ويندا. بلڪ سندن طاقتور ڏاند پڻ ماريا ويندا. انهن جي ملڪ کي سندن رت سان ريج اچي ويندو، ۽ هنن جي چرٻي سندن ٻنين کي ڀري ڇڏيندي.“ 8 خداوند اهو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن هو صيئون وارن سان انصاف ڪرڻ ايندو، ۽ سندن دشمنن کان بدلو وٺندو. 9 ادوم جي ندين جو پاڻي ڏامر جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندو، ان جي مٽي گندرف بڻجي ويندي، ۽ سڄو ملڪ ٽهڪندڙ ڏامر ٿي پوندو. 10 اهو رات ڏينهن ٽهڪندو رهندو، جنهن جو دونهون زماني جي آخر تائين پيو اٿندو رهندو. ادوم جو ملڪ پيڙهي بہ پيڙهي ويران رهندو، ۽ انهيءَ مان وري ڪوبہ سفر نہ ڪندو. 11 اهو ملڪ رڳو بازن ۽ ڄاهن جي حوالي ٿي ويندو، جتي رڳو چٻرن ۽ ڪانوَن جا آکيرا هوندا. خدا انهيءَ ملڪ کي بلڪل کنڊر بڻائي ڇڏيندو. هائو، اتي رڳو پٿرن جا ڍير نظر ايندا. 12 ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هوندو، بلڪ انهيءَ جو ڪو اڳواڻ ئي نہ رهندو، جنهن کي بادشاهہ چونڊي سگھجي. 13 انهيءَ جي محلاتن ۽ ڪوٽ وارن شهرن ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. ملڪ رڳو گدڙن ۽ اُلو پکين جي جُوءِ بڻجي ويندو. 14 جھنگلي جانور اچي اتي پيا ڀٽڪندا، ڀوت پيا هڪٻئي کي پڪاريندا. رات جو راڪاس اتي پيو گھمندو، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ ڳولي لهندو. 15 اتي چٻرا پنهنجا آکيرا ٺاهيندا، اهي آنا لاهيندا ۽ آرو ڪري ٻچا ڦوڙيندا، ۽ انهن جي سار سنڀال ڪندا. ڳجھون جوڙو جوڙو ٿي اتي اچي گڏ ٿينديون. 16 اوهين خداوند جي ڪتاب کي جاچي پڙهي ڏسو، انهيءَ لاءِ تہ ڪابہ سٽ رهجي نہ وڃي، بلڪ هر ڪا سٽ ٻيءَ سٽ سان گڏ پڙهي وڃي. اهي سڀ خداوند جون ئي فرمايل ڳالهيون آهن، جيڪي هن پاڻ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون آهن. 17 اهو خداوند ئي آهي، جنهن انهن زندہ مخلوقات کي علائقا ورهائي ڏنا آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس حصو عطا ڪيو اٿس. اهي پيڙهي بہ پيڙهي اتي رهندا، ۽ اهو علائقو هميشہ جي لاءِ انهن جو رهندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society