يسعياہ 32 - Muslim Sindhi Bibleعدل واري حڪومت 1 ڏسو، يهوداہ ۾ هڪڙو اهڙو شخص بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سچائيءَ سان بادشاهي ڪندو. اتي جا قومي اڳواڻ پڻ انصاف سان حڪومت ڪندا. 2 انهن مان هر ڪو جھولي کان لڪڻ جي جاءِ وانگر، ۽ طوفانن کان پناهہ جيان هوندو. اهي بيابان مان وهندڙ نهرن وانگر، ۽ ويران زمين مٿان وڏي ٽڪر جي ڇانوَ مثل هوندا. 3 پوءِ ڪابہ اک ۽ ڪوبہ ڪن بند رهڻ جي بجاءِ، سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳندو. 4 تڏهن ماڻهو اٻهرائيءَ جي بجاءِ، سوچي سمجھي ڪم ڪندا، ۽ چپن ۾ ڳالهائڻ جي بجاءِ، صاف ۽ چٽيءَ طرح ڳالهائڻ لڳندا. 5 تنهن بعد ڪنهن بہ ڀٽڪيل کي نيڪ نہ سمجھيو ويندو، نڪي ڪنهن دوکيباز کي ايماندار ڄاتو ويندو. 6 تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ ڀٽڪيل ماڻهو بيوقوفيءَ واريون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙي خدا کي رد ٿا ڪن. هو خداوند بابت ڪوڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ لاءِ بکايل جي پيٽ تي لت ٿا ڏين، ۽ اڃايل کي پاڻيءَ کان محروم ٿا رکن. 7 جڏهن تہ دوکيباز ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين، تانتہ حق جون ڳالهيون ڪندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان برباد ڪري ڇڏين. 8 پر نيڪ ماڻهو نيڪيءَ وارا منصوبا ٿا جوڙين. بيشڪ اهي پنهنجي انهن نيڪ منصوبن تي قائم رهندا. سزا ۽ بحالي 9 اي آرام طلب عورتون! اوهين اُٿي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. هائو، اي لاپرواهہ عورتون! منهنجيون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌو. 10 ياد رکو، جيتوڻيڪ هينئر اوهين مطمئن آهيو، تہ بہ هڪ سال جي اندر اندر اوهان کي ڏڪڻي وٺي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو انگورن جو فصل چٽ ٿي ويندو، بلڪ اوهان کي ڪوبہ فصل حاصل ٿي نہ سگھندو. 11 سو اي آرام طلب عورتون! اوهين خوف وچان ڏڪو. اي لاپرواهہ عورتون! اوهين ڊپ وچان ڪنبڻ لڳو. هائو، اوهين پنهنجي بدن جا ڪپڙا ڦاڙي ڦٽا ڪريو، ۽ سوڳ ڪندي کٿا ڍڪيو. 12 اوهين پنهنجي زرخيز ٻنين، ۽ انگورن جي باغن جي برباديءَ تي ڏک وچان پنهنجيون ڇاتيون پٽيو. 13 هائو، اوهين پنهنجي خوشحال شهر جي سڀني گھرن لاءِ روئو رڙو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم جي سرزمين ۾، رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. 14 يروشلم جو شاهي محل پڻ اجاڙيو ويندو، ۽ وڏي آباديءَ وارو اهو شهر بلڪل ويران ڪيو ويندو. ٽڪر وارو قلعو ۽ اهي ٺُلهہ جن تي پهرو ڏنو ٿو وڃي، سي هميشہ جي لاءِ کنڊر بڻجي ويندا. اهي جھنگلي گڏهن جي جُوءِ، ۽ رڍن ٻڪرين جو چراگاهہ بڻجي ويندا. 15 اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهندو، جيستائين خدا وري اسان تي پنهنجو پاڪ روح نازل ڪري. تڏهن بيڪار زمين سرسبز ٿي پوندي، ۽ سرسبز زمين ۾ بيحد جھجھا فصل ٿيندا. 16 تڏهن ملڪ اندر بيابان ۾ توڙي آباد سرزمين ۾ هر هنڌ سچائي ۽ انصاف قائم ٿي ويندو. 17 جيئن تہ هر ڪو سچائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳندو، تنهنڪري هميشہ جي لاءِ سلامتي ۽ آرام وَ اطمينان ٿي ويندو. 18 هائو، تڏهن اسان جي قوم ڳڻتين کان آزاد ٿي ويندي، ۽ پنهنجي گھرن ۾ امن وَ سلامتيءَ ۽ آرام وَ آسائش جي زندگي گذاريندي. 19 پر اڳ مصيبت جي وقت جڏهن ڳڙا وسيا هوندا، ۽ ٻيلن ۽ شهرن کي چپي ڇڏيو هوندائون، 20 تڏهن اهي ئي ماڻهو سڀاڳا هوندا، جن ٻهراڙين ۾ رهي ندين جي ڀرسان فصل پوکيا هوندا، جتي سندن گڏهن ۽ ڍورن ڍڳن جا چراگاهہ هوندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society