يسعياہ 31 - Muslim Sindhi Bibleخدا، يروشلم جو محافظ 1 ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بيشمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن. 2 پر سياڻو تہ رڳو خداوند آهي. هو پنهنجو قول ضرور پورو ڪندو آهي. سو هو بدڪارن تي مصيبت آڻيندو، ۽ سندن حمايت ڪندڙن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندو. 3 مصري تہ رڳو فاني انسان آهن، اهي خدا جيان غير فاني نہ آهن. انهن جا گھوڙا بہ رڳو هڏ ماس جا ٺهيل آهن، اهي روح جيان لازوال نہ آهن. جڏهن خداوند سزا لاءِ پنهنجو هٿ وڌائيندو، تڏهن مدد گھرڻ وارن سان گڏ سندن مدد ڪرڻ وارا بہ نابود ٿي ويندا. هائو، اهي سڀ جو سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا. 4 خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”جهڙيءَ طرح ڌنار ڪيتريون بہ رڙيون ڪن تانتہ شينهن کي سندس شڪار کان ڀڄائي ڪڍن، پر اهو پنهنجي شڪار تي بيهي گجڪار ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح صيئون جبل وارن جي حفاظت ڪرڻ کان مون قادرِمطلق خداوند کي ڪوبہ ڀڄائي نہ ٿو سگھي. 5 هائو، جيئن پکي پنهنجي آکيري مٿان ٻچن جي حفاظت لاءِ لامارا ڏيندو رهندو آهي، تيئن ئي آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي حفاظت ڪندس ۽ انهيءَ کي بچائيندس.“ 6 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي خلاف سخت بغاوت پئي ڪئي آهي، پر هاڻي مون آڏو توبهہتائب ٿيو. 7 ڏسو، اهو ڏينهن ايندو جڏهن اوهين پنهنجي گنهگار هٿن سان ٺاهيل سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي کڻي اڇلائي ڇڏيندا. 8 تڏهن اشوري جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، پر انساني طاقت سان نہ. هائو، اهي لڙائيءَ ۾ ماڻهن جي هٿان نہ ماريا ويندا. هو جنگ کان ڀڄندا رهندا، پر سندن نوجوانن کي پڪڙي غلام بڻايو ويندو. 9 انهن جو محافظ شهنشاهہ دهشت وچان ڀڄي ويندو، ۽ سندن لشڪر جا سالار اهڙا تہ ڊڄي ويندا، جو پنهنجا جنگي جھنڊا بہ اڇلائي ڀڄي نڪرندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي. انهيءَ خداوند جو، جنهن جو خوفناڪ قهر، ٻرندڙ تنور جي باهہ جيان يروشلم ۾ ٿو ڀڙڪي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society