Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 3 - Muslim Sindhi Bible


يهوداہ ۾ وڳوڙ

1 ڏسو، اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان هر اها شيءِ يا هستي هٽائي ڇڏيندو، جنهن تي ماڻهو دارومدار رکن ٿا. هو هنن جي کاڌي ۽ پاڻيءَ سان گڏوگڏ

2 سندن بهادر، جنگي جوان، جج، نبي، فال وجھڻ وارا، اڳواڻ،

3 لشڪرن جا سالار، معزز، مشير، ماهر جادوگر، ۽ هوشيار ساحر کانئن دور ڪري ڇڏيندو.

4 اٽلندو خداوند انهن جي مٿان ٻارن کي اڳواڻ مقرر ڪندو، هائو، انهن تي ننڍڙا ٻار حڪومت ڪندا.

5 هر ڪو هڪٻئي تي ظلم ڪندو. ٻار وڏي عمر وارن جي عزت نہ ڪندا، ۽ ڪميڻا ماڻهو شريفن سان گستاخي ڪندا.

6 حالات اهڙا تہ خراب هوندا جو ماڻهو پنهنجي ڪنهن مائٽ کي چونڊي کيس چوندا تہ ”تو کي گھٽ ۾ گھٽ پائڻ لاءِ تہ ڪجھہ هوندو، سو اچ ۽ اسان جو حاڪم ٿيءُ، ۽ هن اجڙيل ملڪ تي حڪمراني ڪر.“

7 پر اهو ماڻهو کين وراڻيندو تہ ”نہ، آءٌ اوهان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿو سگھان. اوهين مون کي قوم جو حاڪم نہ بڻايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي گھر ۾ بہ نہ کاڌو آهي ۽ نہ ڪپڙو.“

8 بيشڪ يروشلم جا حالات خراب ٿي ويا آهن، بلڪ سڄو يهوداہ سخت بدحاليءَ جي کڏ ۾ وڃي ڪريو آهي. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اتي جي رهاڪن جو ڳالهائڻ، ۽ سندن چال چلت خداوند جي خلاف آهي. هائو، هنن عظمت واري خداوند کان بغاوت ڪئي آهي.

9 هنن جي بي‌انصافي سندن ئي خلاف شاهدي ٿي ڏئي، اهي ماڻهو سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن وانگر ظاهر ظهور گناهہ ڪن ٿا، ۽ لڪائين نہ ٿا. سو ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ پنهنجي سر تي بڇڙائي آندي آهي.

10 جڏهن تہ سچار ماڻهو ڄاڻي ڇڏين تہ ساڻن ڀلائي ٿيندي، بيشڪ سندن چڱن ڪمن جو کين اجر ملندو.

11 پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.

12 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهنجا رهبر ئي تو کي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجيون راهون بگاڙيو ٿا ڇڏين. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان تو تي ظلم ڪن ٿا، ۽ نادان عورتن جيان تو تي حڪمراني ٿا ڪن.“


خداوند جو پنهنجي قوم سان انصاف

13 خداوند مقدمو هلائڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي. هائو، هو قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي.

14 خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.

15 آءٌ خداوند قادرِمطلق اوهان کي چوان ٿو تہ ڇو اوهين منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن کي ستايو ٿا؟“


يروشلم جي عورتن کي تاڪيد

16 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، يروشلم جون عورتون ڪيڏيون نہ مغرور آهن! اهي ڪنڌ آڪڙائي شوخ نظرن سان اشارا ڪنديون ٿيون وتن. اهي ناز نخرا ڪندي، ۽ پيرن ۾ پازيب جي جھنڪار ڪندي ٿيون هلن.

17 تنهنڪري آءٌ پروردگار يروشلم جي عورتن جا مٿا گنجا ڪري ڇڏيندس، هائو، آءٌ سندن وار ڪوڙي ڇڏيندس.“

18 بيشڪ اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن پروردگار يروشلم جي عورتن کان سينگار جي هر شيءِ کسي وٺندو، جنهن تي هو فخر ٿيون ڪن، يعني پازيبون، ٽِڪا ۽ هار،

19 پنڙا، ڪنگڻ ۽ روءِ‌بند،

20 تاج، ٻانهن جا زيور، ڪمربند، عطردانيون ۽ تعويذ،

21 منڊيون ۽ نٿون،

22 عمديون پوشاڪون، پهراڻ، روا ۽ ٻٽون،

23 ڄاريءَ واريون قميصون، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، سربند ۽ سنها نقاب.

24 انهن عورتن لاءِ خوشبوءِ جي بدران بدبوءِ هوندي، ڪمربند جي بجاءِ رسو هوندن، سينگاريل وارن جي بدران گنجو مٿو هوندن، عمدين پوشاڪن جي بجاءِ کٿو هوندن، ۽ سونهن جي بجاءِ منهن تي داغ هوندن.

25 يروشلم جا ماڻهو تلوار سان ماريا ويندا، بيشڪ انهيءَ جا بهادر مرد بہ جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا.

26 شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan