يسعياہ 25 - Muslim Sindhi Bibleشڪرگذاريءَ جو گيت 1 اي خداوند! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو اهي عجيب وَ غريب ڪم بلڪل ساڳئي نموني پورا ڪري ڏيکاريا آهن، جيئن تو قديم زمانن کان رٿي ڇڏيا هئا. 2 تو اسان جي دشمنن جي شهرن کي مٽيءَ جي دڙن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جي مضبوط قلعن ۽ محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو اهي ابد تائين وري نہ اڏجي سگھندا. 3 تنهنڪري زورآور ۽ ظالم قومن وارا تو کان ڊڄندا ۽ تنهنجي تعظيم ڪندا. 4-5 تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہگاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِپناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين. خداوند، اسان جو بچائيندڙ 6 قادرِمطلق خداوند هن صيئون جبل تي دنيا جي سڀني قومن لاءِ هڪ وڏي دعوت ڪندو، هائو، اهڙي دعوت جنهن ۾ سڻڀا۽ عمدا شاهي طعام، ۽ عمدي خالص مئي هوندي. 7 اتي هو ڏکن جا اهي ڪڪر هٽائي ڇڏيندو، جيڪي دنيا جي سڀني قومن مٿان ڇانيل آهن. 8 هائو، قادرِمطلق خداوند موت کي هميشہ لاءِ ماري مات ڪري سڀني جي اکين مان ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. هو سڄيءَ دنيا مان پنهنجي قوم جي خواري مِٽائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي. 9 انهيءَ ڏينهن ماڻهو هيئن چوندا تہ ”ڏسو، اهو ئي اسان جو خدا آهي، جنهن ۾ اسان جي اميد هئي تہ هو اسان کي بچائيندو. سو هن اسان جي توڪل موجب اسان کي بچايو آهي، هاڻي اسين خوش ۽ سرها آهيون.“ 10 بيشڪ خداوند هن جبل صيئون جي حفاظت ڪندو رهندو. مگر موآب جا ماڻهو پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙي ناس ڪيا ويندا، جيئن سڪل گاهہ لتاڙجي ڇيڻي سان ملي ويندو آهي. 11 پوءِ اهي ڪنهن ٻڏندڙ ماڻهوءَ جيان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندا، پر سندن هر طرح جي ڪوشش جي باوجود خدا سندن غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو. 12 هو موآب جي مضبوط قلعن وارين ڀتين کي ڊاهي ڇڏيندو، هائو، هو انهن کي ڌرتيءَ تي ڪيرائي مٽيءَ سان گڏ مٽي ڪري ڇڏيندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society