Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 24 - Muslim Sindhi Bible


ڌرتيءَ لاءِ سزا

1 ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.

2 تڏهن سڀني جو حال هڪجهڙو ٿيندو، جهڙو عام ماڻهوءَ جو تهڙو ڪاهن جو، جهڙو نوڪر جو تهڙو مالڪ جو، جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سائڻ جو، جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو، جهڙو اڌاري وٺندڙ جو تهڙو اڌاري ڏيندڙ جو، جهڙو وياج ڏيندڙ جو تهڙو وياج وٺندڙ جو.

3 ڌرتي بلڪل ويران ٿي ويندي، هائو، اها بلڪل لٽيل ڦريل حالت ۾ هوندي، اهو خداوند جو فرمان آهي جيڪو ضرور پورو ٿيندو.

4 ڌرتي سُڪي ٺوٺ ٿي ويندي، سو سڄي دنيا بيتاب ۽ ڏکي ٿي ويندي. هائو، دنيا جا زورآور اڳواڻ بہ زبون حال هوندا.

5 بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.

6 تنهنڪري خداوند ڌرتيءَ کي لعنت سان ڀري ڇڏيندو. انهيءَ جا رهاڪو پنهنجي گناهن جي ڪري مرندا ڳرندا ويندا، ۽ رڳو ڪي ٿورا ماڻهو باقي وڃي بچندا.

7 انگورن جون وليون سڪي سڙي وينديون، سو مئي اڻ‌لڀ ٿي ويندي. تڏهن جيڪي اڳ ۾ مئي پي خوشيون ڪندا هئا، سي سڀ هاڻي غمگين ٿي ويندا.

8 دڦن ۽ سارنگين جا خوشين ڀريا آواز بلڪل بند ٿي ويندا، هائو، شادمانا ڪندڙن جا آواز ختم ٿي ويندا.

9 مئي پيئڻ وارن جي خوشيءَ جا گيت ٻڌڻ ۾ نہ ايندا، بلڪ نشي واري ڪابہ شيءِ پيئڻ واري کي ڪو مزو نہ ڏيندي.

10 شهر ويران ۽ ناس ٿي ويندا، سڀ گھر مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويندا، تان‌تہ انهن ۾ ڪوبہ داخل ٿي نہ سگھي.

11 مئي نہ ملڻ جي ڪري ماڻهو گھٽين ۾ رڙندا وتندا. خوشيون هميشہ جي لاءِ موڪلائي وينديون، ۽ سرهائي ڌرتيءَ تان ئي گم ٿي ويندي.

12 شهرن کي ڊاهي بلڪل کنڊر بڻايو ويندو، ۽ انهن جا دروازا ڀڃي ناس ڪيا ويندا.

13 بيشڪ ڌرتيءَ تي رهندڙ قومن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو ميوو ڇاڻڻ کان پوءِ زيتون جي وڻ جو، يا جهڙو انگور چونڊجڻ کان پوءِ خالي ول جو.


عادل خدا جي واکاڻ

14 ماڻهو خوشيءَ وچان وڏي آواز ۾ پيا ڳائين. هائو، اولهہ وارا خداوند جي حشمت جي واکاڻ ٿا ڪن،

15 اوڀر وارا خداوند جي ساراهہ پيا ڳائين، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن وارا سڀيئي ماڻهو پڻ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان پيا ڪن.

16 بيشڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان عادل خدا جي واکاڻ جا گيت ٻڌڻ ۾ ٿا اچن. پر ويل آهي مون لاءِ! ڇاڪاڻ تہ منهنجا حالات تمام خراب آهن، بلڪ آءٌ ڳرندو ٿو وڃان، هائو، جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ دغابازي ڪندڙ دغابازيءَ جي هلت کان باز نہ ٿا اچن، بلڪ سندن دغابازي ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.


ڌرتيءَ جي تباهي

17 ياد رکو، اي ڌرتيءَ جا رهڻ وارؤ! دهشت، کڏ ۽ ڦندو، اهي اوهان سڀني جي انتظار ۾ آهن.

18 هائو، جيڪي دهشت واري آواز کان ڀڄندا، سي کڏ ۾ وڃي ڪرندا. جيڪي کڏ مان نڪري ٻاهر ايندا، سي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا. مطلب تہ اوهان مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو، ڇاڪاڻ تہ آسمان مان برسات جو وهڪرو اچي نازل ٿيندو، ۽ ڌرتيءَ جا بنياد لوڏيا ويندا.

19 زمين کي ايڏو تہ سختيءَ سان لوڏيو ويندو، جو اها ڦاٽي پوندي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي.

20 ان وقت ڌرتي نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿڙندي ٿاٻڙندي، اها طوفان ۾ لڏندڙ جھوپڙيءَ وانگر هيڏي هوڏي لڏندي. سندس گناهن جو مٿس ايترو تہ ڳرو بار هوندو، جو اها اهڙي ڪرندي جو وري اُٿي نہ سگھندي.

21 اهو ڏينهن ايندو، جڏهن خداوند آسماني طاقتن کي آسمان ۾، ۽ ڌرتيءَ جي حڪمرانن کي ڌرتيءَ تي سزا ڏيندو.

22 خدا بادشاهن جي ميڙ کي قيدين وانگر گڏي آڻي کڏ ۾ وجھندو. هائو، انهن کي سندن سزا جي ڏينهن تائين قيدخاني منجھہ بند رکيو ويندو.

23 انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan