Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 23 - Muslim Sindhi Bible


صور ۽ صيدا شهرن بابت پيغام

1 هي پيغام صور ۽ صيدا شهر بابت آهي. اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو بندرگاهہ وارو شهر صور اهڙو تہ برباد ڪيو ويو آهي، جو اتي اوهان لاءِ ڪوبہ گھر يا در سلامت ڪونهي. اها خبر اوهان کي قبرص جي ٻيٽ تي پهچڻ وقت ملندي.

2 اي سمنڊ جي ڪناري واري شهر صيدا جا واپاريؤ! اوهين روئو رڙو. اوهين سوداگرن کي سمنڊ جي هُن پار موڪليندا هئا،

3 تہ جيئن اوهين سڀني قومن سان واپار ڪري سگھو. هنن ٻين قومن سان واپار ڪندي اوهان کي دولتمند بڻائي ڇڏيو آهي. اوهين سيحور مان اناج خريد ڪري اچي وڪرو ٿا ڪريو، جيڪو مصر ۾ پوکيو وڃي ٿو.

4 پر اي صيدا شهر وارؤ! اوهين تہ هاڻي خوار خراب ٿيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ سمنڊ اوهان کي پنهنجي اولاد جيان پناهہ نہ ٿو ڏئي. هائو، سمنڊ هڪ سنڍ عورت جيان اوهان کي ڌڪاريندي چوي ٿو تہ ”مون تہ ويم جا سور ڏٺا ئي نہ آهن، پوءِ اوهين ڪٿان منهنجو اولاد بڻجي آيا آهيو؟“

5 سو جڏهن مصر وارا انهيءَ شهر جي تباهيءَ بابت ٻڌندا، تڏهن کين اهڙو ئي ڏک ٿيندو، جهڙو کين صور جي برباديءَ تي ٿيو هو.

6 اي سمنڊ جي ڪناري وارن انهن شهرن جا رهاڪؤ! اوهين زاروزار روئندي ترسيس ڏانهن ڀڄي وڃو،

7 ڇاڪاڻ تہ اوهان جا خوشين ڀريا شهر، جيڪي قديم زمانن کان قائم هئا، سي هاڻي برباد ٿي ويا آهن. ڪڏهن تہ انهن جا رهاڪو لڏي وڃي پري پري وارن ملڪن ۾ شان سان رهندا هئا.

8 ڀلا اهو ڪير آهي، جنهن صور شهر کي برباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو؟ هائو، انهيءَ شهر کي ڪنهن ناس ڪيو، جيڪو بادشاهن کي تاج پهرائيندڙ هو، جنهن جا واپاري امير هئا، ۽ جنهن جا سوداگر پوريءَ دنيا ۾ معزز ليکيا ٿي ويا؟

9 اهو منصوبو قادرِمطلق خداوند ئي رٿيو، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ شهر جي مغرورن جي شان وَ شوڪت کي چٽ ڪري ڇڏي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ معزز سمجھيا ٿي ويا.

10 هاڻي اي ترسيس جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ سان گھمو ڦرو، جيئن نيل نديءَ جو پاڻي سڄي مصر ۾ وهندو ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تان صور وارن جي روڪ ٽوڪ ختم ٿي ويئي آهي.

11 خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.

12 خداوند صيدا جي رهاڪن کي فرمايو تہ ”اي صيدا جا رهاڪؤ! اڄ تائين اوهان جي شهر کي ڪنهن هٿ بہ نہ لاتو آهي، پر هاڻي اوهان جون خوشيون ختم ٿي وينديون. هائو، اوهين مظلوم ٿي قبرص ڏانهن ڀڄي نڪرندا، جتي بہ اوهين امن وَ سلامتيءَ سان رهي نہ سگھندا.“

13 بابل ملڪ اهڙي تباهيءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنهن جي قوم کي اشورين ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄي ملڪ کي جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻائي ڇڏيائون. هنن شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ ٺُلهہ کڙا ڪيا ۽ پوءِ انهن جي محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو بابل ملڪ ويران ٿي ويو.

14 اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو قلعي وارو شهر صور بہ اهڙيءَ طرح ئي برباد ڪيو ويو آهي.

15 انهيءَ ڏينهن کان وٺي صور شهر کي ستر سالن تائين وساريو ويندو، جيڪو ڪنهن بادشاهہ جي ڄمار جيترو وقت آهي. ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ صور جو حال هن گيت واري ڪڃريءَ جهڙو ٿيندو تہ

16 ”اي ڪڃري! تون جيڪا وساري ويئي آهين، هاڻ تون هڪڙو دنبورو کڻي شهر ۾ گھم ڦر، خوب ڳاءِ ۽ وڄاءِ، تہ من ڪو تو کي وري ياد ڪري.“

17 جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا، تڏهن خداوند صور شهر جي سار سنڀار لهندو. ان وقت جيئن ڪا ڪڃري ٻيهر ساڳئي نموني پنهنجي ڪمائي ڪري، تيئن ئي صور شهر وري دنيا جي هر قوم سان پنهنجو واپار ڪندو.

18 پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan