Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 22 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم بابت پيغام

1 هي پيغام رويا واري واديءَ بابت آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ اوهين سڀ پنهنجي گھرن جي ڇتين تي ڇو خوشيون پيا ملهايو؟

2 اوهان جي شهر ۾ ڇو خوشيءَ جا نعرا، گوڙ شور ۽ هل هنگامو لڳو پيو آهي، جڏهن تہ جنگ ۾ اوهان جا قتل ٿيل ماڻهو، وڙهيا ئي ڪين هئا تہ بہ مارجي ويا.

3 بلڪ اوهان جا سڀيئي اڳواڻ ڀڄي نڪتا هئا، ۽ انهن سڀني کي بنا تير هڻڻ جي قيد ڪيو ويو آهي. توڙي جو اهي تمام پري نڪري ويا هئا، تہ بہ کين پڪڙي گڏ ڪيو ويو.

4 اهو سڀ ڏسي مون چيو تہ ”آہ! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، تان‌تہ آءٌ پنهنجي قوم جي برباديءَ تي زاروزار روئان رڙان. اوهين مون کي ڪا تسلي ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو.“

5 خداوند، قادرِمطلق خدا هي وقت رويا واري واديءَ جي لاءِ جنگ جي شور، دهشت ۽ هراس واسطي چونڊيو آهي. يروشلم شهر جون ديوارون ڀڃي ڪيرايون ويون آهن. پهاڙن ۾ مدد جي پڪارن جو پڙاڏو پيو گونجي.

6 عيلام ۽ قير جي تيراندازن حملي لاءِ جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سوارن سان گڏ تيرن سان ترڪش ڀري کنيا آهن، ۽ پنهنجي ڍالن تان پوش هٽائي ڇڏيا اٿائون.

7 يهوداہ جون سرسبز واديون انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين سان ڀرجي ويون آهن. سندن گھوڙي سوار سپاهي يروشلم جي دروازن اڳيان صفون ٻڌيو بيٺا آهن.

8 سڄي يهوداہ جو دفاع ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويو آهي. اي يروشلم وارؤ! انهيءَ وقت اوهان پنهنجي خدا تي ڀروسو نہ ڪيو، بلڪ پنهنجي لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان ٺهيل محل جي اسلحہ خاني مان وڃي هٿيار ڪڍيا.

9-10 اوهان ڏٺو تہ يروشلم شهر جي ڀتين جا گھڻا حصا ڀڳل هئا. سو اوهان يروشلم جي گھرن جي جاچ پڙتال ڪئي ۽ انهن مان ڪن گھرن کي ڊاٺو، تان‌تہ شهر جي ڀڳل ڀتين جي مرمت ڪرڻ لاءِ انهن مان پٿر حاصل ڪريو. اوهان هيٺاهين تلاءَ ۾ پاڻي گڏ ڪيو.

11 اوهان اندرين ٻنهي ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو وڏو حوض تعمير ڪيو، تہ جيئن پراڻي تلاءَ کان وهندڙ پاڻي ڪٺو ڪيو وڃي. پر جنهن خدا اهو سڀ ڪرڻ لاءِ گھڻو اڳي رٿي ڇڏيو هو، تنهن کان اوهان منهن موڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.

12 انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.

13 پر ڏسو، انهيءَ جي بدران اوهان خوشيون ۽ شادمانا ڪيا، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون، ۽ هيئن چوندي گوشت کائڻ ۽ مئي پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويا تہ ”اچو تہ کائي پي عيش ڪريون، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي شايد اسين مري وڃون.“

14 تڏهن قادرِمطلق خداوند پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي مون کي فرمايو تہ ”يقيناً جيستائين هي جيئرا آهن، تيستائين هنن جون اهي بڇڙايون هرگز معاف نہ ڪيون وينديون. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“


شبناہ کي تنبيهہ

15 پوءِ خداوند قادرِمطلق خدا مون يسعياہ کي شاهي محل جي ناظم شبناہ ڏانهن پنهنجو هي پيغام ٻڌائڻ لاءِ موڪليو تہ

16 ”اي شبناہ! تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون پهاڙ جي بلنديءَ تي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ مقبرو ٿو ٺهرائين؟ تنهنجو ڪهڙو مائٽ هتي دفن آهي جو تون پنهنجي لاءِ بہ هتي قبر ٿو کوٽائين؟

17 ياد رک، ڀلي تون ڪيترو بہ طاقتور هجين، مگر آءٌ خداوند تو کي پڪڙي تمام زور سان پري اڇلائي ڇڏيندس.

18 بيشڪ آءٌ تو کي مروڙي سروڙي کينهوءَ وانگر هڪ ڏورانهين وڏي ملڪ ۾ اڇلائيندس. اتي تون مرندين ۽ اهي جنگي گھوڙي گاڏيون جن تي تون فخر ٿو ڪرين سي اتي ئي رهجي وينديون. اهڙيءَ طرح تون پنهنجي آقا جي گھر جي خواريءَ جو سبب بڻبين.

19 آءٌ خداوند تو کان تنهنجو عهدو کسي وٺندس. هائو، آءٌ تو کي تنهنجي اعليٰ مرتبي تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندس.

20 انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند پنهنجي ٻانهي الياقيم ولد خلقياہ کي سڏيندس

21 ۽ تنهنجي خلعت انهيءَ کي ڍڪائيندس. آءٌ تنهنجو ڪمربند انهيءَ کي ٻڌندس ۽ تو وارا اختيار انهيءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس. الياقيم يروشلم جي رهاڪن توڙي يهوداہ جي شاهي گھراڻي جي ابي ڏاڏي جيان ٿيندو.

22 آءٌ خداوند دائود جي گھراڻي جون سموريون چاٻيون انهيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندس. سو هو پوري اختيار سان هر ڪم ڪندو. هو جيڪا شيءِ کوليندو سا ڪوبہ بند ڪري نہ سگھندو ۽ جيڪا شيءِ هو بند ڪندو تنهن کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو.

23 آءٌ خداوند کيس اهڙيءَ طرح قائم ڪندس، جيئن ڪنهن مضبوط جاءِ تي ڪلي کوڙبي آهي. سو الياقيم پنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي لاءِ شان وَ شوڪت جو باعث بڻبو.

24 الياقيم جو اولاد توڙي مٽ مائٽ سڀيئي سندس محتاج بڻبا. هائو، اهي مٿس ائين ٽنگيل هوندا، جيئن ننڍا وڏا ٿانوَ پيالن کان مٽڪن تائين ڪليءَ ۾ ٽنگيل هوندا آهن.

25 تنهن هوندي بہ جيڪا ڪلي هاڻي مضبوطيءَ سان لڳائي ويندي، سا ڪنهن ڏينهن مون قادرِمطلق جي فرمان موجب لوڏي لوڏي ڍلي ڪري هيٺ ڪيرائي ويندي. پوءِ انهيءَ تي ٽنگيل هر ڪا شيءِ ڪري ناس ٿي ويندي. اهو ئي مون خداوند جو فرمان آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan