Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 21 - Muslim Sindhi Bible


بابل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي

1 هي پيغام مون کي سمنڊ جي ڀر واري بيابان ۾ ڏنو ويو. جهڙيءَ طرح ڏکڻ کان واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگھندا آهن، تهڙيءَ طرح انهيءَ خوفناڪ بيابان ۾ هڪڙي رويا اچي مون تي ڪڙڪي.

2 هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تان‌تہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“

3 سو مون رويا ۾ جيڪي ڪجھہ ڏٺو ۽ ٻڌو، تنهن مون کي دهشت وٺائي ڇڏي، ۽ آءٌ اهڙن سورن ۾ مبتلا ٿي ويس، جهڙا ڪنهن ويم واري عورت کي ٿيندا آهن.

4 سو هاڻ تہ منهنجو مٿو ئي ڦري ويو آهي، خوف مون کي ڪنبائي ڇڏيو آهي. شام جو سڪون، جنهن لاءِ آءٌ سڪندو رهندو هئس، سو بدلجي منهنجي لاءِ دهشت ٿي پيو آهي.

5 مون رويا ۾ ڏٺو تہ هڪ وڏي دعوت جي لاءِ غاليچا وڇايا ويا آهن، جن تي بابل جي لشڪرن جا سالار ويٺا کائين پيئن ٿا. تڏهن اوچتو ڪنهن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سالارؤ! اُٿي کڙا ٿيو، پنهنجيون ڍالون ڪڍي تيار ٿيو.“

6 پوءِ پروردگار مون کي فرمايو تہ ”وڃ، وڃي هڪڙو چوڪسي ڪندڙ بيهار، جيڪو ڪنهن کي بہ ايندو ڏسي تہ اطلاع ڏئي.

7 کيس چئُہ تہ جڏهن هو ڪن ٻن ٻن ماڻهن کي گڏ ايندي ڏسي، پوءِ ڀلي اهي گھوڙن، گڏهن يا اٺن تي سوار هجن، تڏهن هو انهن سوارن کي نهايت ئي غور سان ڏسي.“

8 سو هيئن ٿيو جو منهنجي بيهاريل چوڪسي ڪندڙ رڙ ڪري چيو تہ ”اي منهنجا آقا! آءٌ سڄو ڏينهن توڙي سڄي رات پهري واري ٺُلهہ تي چوڪس بيٺو رهيو آهيان.

9 هاڻي اِجھو، آءٌ هڪڙو ماڻهو ايندي ڏسي رهيو آهيان، جنهن جي گاڏيءَ کي ٻہ گھوڙا ڇڪي رهيا آهن. اهو ماڻهو رڙيون ڪري چوي ٿو تہ ’بابل ڪري پيو آهي، هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. انهيءَ جي معبودن جي سڀني اُڪريل مورتين کي زمين تي ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي.‘“

10 اي منهنجي مظلوم قوم بني اسرائيل! بيشڪ اوهين ڪڻڪ جي فصل وانگر ڳاهيا ويا آهيو. پر هاڻي اوهان جي لاءِ هڪڙي خوشخبري آهي، جيڪا قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان مون ٻڌي آهي.


ادوم ملڪ وارن جو سوال

11 هي پيغام سنسان رات بابت آهي. ادوم جي جابلو علائقي مان ڪنهن مون کي پڪاري چيو تہ ”اي پهريدار! رات ڪڏهن پوري ٿيندي؟ ٻڌاءِ تہ رات ڪڏهن ختم ٿيندي؟“

12 مون ورندي ڏني تہ ”هينئر صبح ٿيڻ وارو آهي، پر رات وري ٻيهر ايندي. جيڪڏهن اوهين ٻيهر پڇڻ چاهيو ٿا، تہ ڀلي وري موٽي اچي پڇو.“


عرب جي خيابان بابت پيغام

13 هي پيغام عرب جي خيابان بابت آهي. ڏسو، دداني پناهگيرن جو قافلو عرب جي خيابان ۾ تنبو هنيو ويٺو آهي.

14 سو اي تيما جي علائقي جا رهاڪؤ! اوهين انهن اڃايلن کي پاڻي آڻي ڏيو، ۽ انهن بکايل پناهگيرن کي کاڌو آڻي ڏيو.

15 اهي ماڻهو تلوارن جي قتلام کان، ۽ تيرن جي وسڪاري کان ڀڄي نڪتا آهن. هائو، اهي جنگ جي خطرن کان بچي آيا آهن.

16 پوءِ پروردگار مون کي فرمايو تہ ”ڏس، اڄ کان هڪ سال جي اندر اندر سندن دشمن قيدار جو سمورو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو.

17 هائو، سندن تيراندازن بلڪ سڀني جنگي جوڌن مان ڪي ٿورا وڃي بچندا. اهو مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan