Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 2 - Muslim Sindhi Bible


دائمي امن وَ سلامتي
( ميڪاہ 4‏:1‏-3 )

1 هي انهيءَ رويا جو بيان آهي، جيڪا يسعياہ ولد آموص يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ بابت ڏٺي هئي.

2 ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.

3 اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“

4 خداوند قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، هائو، هو قومن جا جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.

5 اي يعقوب جو اولاد! اچو تہ اسين خداوند جي ڏنل روشن تعليم مطابق زندگي گذاريون.


غرور کي ناس ڪيو ويندو

6 اي خدا! تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي اولاد کي ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھن اوڀر وارين قومن، ۽ فلستين وانگر جادوگر ۽ نجومي پيدا ٿي ويا آهن، ۽ هنن ڌارين سان ويجھا لاڳاپا قائم ڪيا آهن.

7 سندن ملڪ چانديءَ ۽ سون سان مالا مال آهي، ۽ خزانن ۾ ڪا کوٽي ڪين اٿن. سندن ملڪ گھوڙن سان ڀريل آهي، ۽ سندن جنگي گھوڙي گاڏين جو ڪو شمار ئي ڪونهي.

8 ان جي باوجود هنن جو ملڪ بتن سان ڀريل آهي، اهي پنهنجن هٿن سان ٺاهيل انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن.

9 هائو، پنهنجن ئي هٿن جي ڪاريگريءَ آڏو اهي ڪنڌ جھڪائين ٿا. ائين ڪرڻ سان انسان پنهنجو پاڻ کي ذليل وَ خوار ٿا ڪن. سو اي خداوند! تون کين هرگز معاف نہ ڪج.

10-11 اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن اهي خداوند جي غضب، ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا. ان وقت انساني غرور کي ٽوڙيو ويندو، ۽ بني آدم جي وڏائيءَ کي برباد ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.

12 بيشڪ قادرِمطلق پنهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي، سڀني مغرورن، اوچي ڳاٽ وارن ۽ وڏائي خورن تي اچي ڪڙڪندو ۽ کين هيٺ ڪيرائي وجھندو.

13 هو لبنان جي سڀني اوچن ديال جي وڻن، ۽ بسن جي سڀني بلند شاهہ‌بلوط وڻن کي برباد ڪري ڇڏيندو.

14 هو سڀني اوچن جبلن، ۽ اوچين ٽڪرين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندو.

15 هو هر اوچي مناري توڙي هر ڪوٽ کي ڪيرائي وجھندو.

16 هو ترسيس جي سڀني سامونڊي جهازن، توڙي سڀني سهڻين ٻيڙين کي ٻوڙي ڇڏيندو.

17-18 ماڻهن جو هٺ ڀڳو ويندو. هائو، انسان جي غرور کي ناس ڪيو ويندو، ۽ سڀ جو سڀ بت بلڪل نابود ڪيا ويندا. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.

19 جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.

20 انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجيون سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون، جيڪي هنن پنهنجي پوڄڻ لاءِ بڻايون هيون، سي ويرانن ۾ اڇلائي ڇڏيندا، جن ۾ ڪوئا ۽ چمڙا پنهنجا گھر ڪري ويهندا.

21 جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن اهي سندس غضب ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، ٽڪرن جي غارن ۽ پهاڙن جي وٿين ۾ وڃي لڪندا.

22 سو فاني انسان تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن انسان جو ساهہ ڪنهن بہ وقت نڪري سگھي ٿو، تنهن مان مدد جي ڪهڙي اميد رکي ٿي سگھجي؟

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan