Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 19 - Muslim Sindhi Bible


مصر لاءِ سزا

1 مصر بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند هڪ تيز رفتار بادل تي سوار ٿي مصر ڏانهن اچي رهيو آهيان. منهنجي اچڻ تي مصر وارن جا ديوتا ڏڪڻ لڳندا، ۽ ماڻهو همت هاري ويهندا.

2 هائو، آءٌ مصر ۾ اهڙي تہ گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏيندس، جو ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهندو ۽ پاڙيسري پاڙيسريءَ سان. شهر شهر جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو، ۽ حڪمران هڪٻئي جي خلاف ٿي ويندا.

3 جڏهن آءٌ مصرين جي منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندس، تڏهن اهي همت هاري ويهندا. پوءِ هو پنهنجن بتن کان، جادوگرن کان، ڀوپن کان، ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کان پيا پڇائون ڪندا.

4 آءٌ مصرين کي هڪڙي جابر ۽ ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. جيڪو مٿن حڪمراني ڪندو. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“

5 نيل نديءَ جو پاڻي گھٽجي ويندو، بلڪ اها سڪي ٺوٺ ٿي ويندي.

6 انهيءَ مان نڪرندڙ نهرن جي سُڪندڙ پاڻيءَ مان بدبوءِ پيئي ايندي، بلڪ نيل مان نڪرندڙ سڀ واهہ سڪي خشڪ ٿي ويندا، ۽ ڪانا ۽ سَرَ ڪومائجي ويندا.

7 نيل نديءَ جي ڪناري واريون پوکون ۽ چراگاهون ويندي سمنڊ جي ڇوڙ تائين سڀ سڪي سڙي نابود ٿي وينديون.

8 نيل نديءَ جي مڇيءَ تي گذران ڪندڙ مهاڻا روئندا رڙندا، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪُنڍيون توڙي ڄار بيڪار پيا هوندا.

9 انهيءَ جو اثر صاف ڪيل سڻيءَ جي ڪاريگرن تي بہ پوندو، هائو، عمدي سڻيءَ مان ڪپڙو اڻڻ وارا نااميد ٿي ويندا.

10 بيشڪ مصر جا ڪپڙو اُڻيندڙ ڪاريگر دل‌شڪستہ ٿيندا، ۽ سڀيئي مزدور غمگين ۽ ملول ٿي پوندا.

11 مصر جي شهر ضُعن جا اڳواڻ بلڪل بي‌وقوف آهن. فرعون جي سڀني کان عقلمند مشيرن جي صلاح بہ احمقانہ ليکجي ٿي، پوءِ بہ اهي پنهنجي لاءِ چون ٿا تہ ”اسين ڏاهن جو اولاد ۽ شاهاڻي نسل مان آهيون.“

12 اي فرعون! هاڻي تنهنجي انهن ڏاهن جي ڏاهپ ڪٿي آهي؟ جڏهن تہ اهي ٻڌائي ئي نہ ٿا سگھن تہ قادرِمطلق خداوند جو مصر جي باري ۾ ڪهڙو ارادو آهي؟

13 ضُعن شهر جا اڳواڻ بي‌وقوف ٿي پيا آهن، نوف شهر جا شاهي عملدار ٺڳجي ويا آهن. هائو، جن تي مصري قبيلن کي ڀروسو هو، تن ئي کين گمراهہ ڪيو آهي.

14 اهو خداوند ئي آهي، جنهن مصرين منجھہ مونجھارو وجھي ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو سندن ئي اڳواڻن کين سڀني ڪمن ۾ گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هائو، اهي انهيءَ نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿي پيا آهن، جيڪو پنهنجي الٽيءَ تان پاڻ ئي ترڪي پوي.

15 مصر ۾ ڪوبہ اهڙو نہ هوندو، جيڪو ملڪ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھي، پوءِ اهو شاهوڪار هجي توڙي غريب، خاص هجي توڙي عام.


مصرين جو خداوند ڏانهن لاڙو

16 جڏهن خداوند قادرِمطلق پنهنجي زورآور هٿ سان مصرين کي سزا ڏيندو، تڏهن اهي ڊپ وچان ڏڪندا ۽ کين دهشت وٺي ويندي. هائو، اهي عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پوندا.

17 ان وقت يهوداہ جو ملڪ مصر جي لاءِ دهشت جو سبب بڻبو. هائو، جنهن وٽ بہ يهوداہ جو ذڪر ڪيو ويندو، سو ڊڄي ويندو. اهو سڀ خداوند قادرِمطلق جي انهيءَ ارادي جي ڪري ٿيندو، جيڪو هن مصر جي خلاف رٿيو آهي.

18 انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي پنجن شهرن ۾ عبراني ٻولي ڳالهائي ويندي ۽ انهن مان هڪڙي شهر کي ”سج جو شهر“ سڏيو ويندو. انهن شهرن جا ماڻهو عهد اقرار ڪندي خداوند قادرِمطلق جا ٻانها بڻجي ويندا.

19 انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي وچ ۾ خداوند جي هڪڙي قربان‌گاهہ قائم ڪئي ويندي ۽ ملڪ جي سرحد تي ٿنڀي جيان خداوند جي نالي جو هڪڙو نشان کڙو ڪيو ويندو.

20 اهي ٻئي شيون مصرين لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي ثابتي هونديون تہ قادرِمطلق خداوند ساڻن گڏ موجود آهي. پوءِ اهي جڏهن ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن خداوند جي حضور ۾ مدد لاءِ ٻاڏائيندا تہ هو سندن لاءِ ڪو بچائيندڙ ۽ مددگار موڪليندو، جيڪو اچي کين دشمنن کان ڇڏائيندو.

21 اهڙيءَ طرح خداوند پنهنجو پاڻ کي مصر وارن تي ظاهر ڪندو ۽ پوءِ مصرين ۾ خداوند جي سڃاڻ ايندي. سو اهي قربانين ۽ نذرانن پيش ڪرڻ سان خداوند جي عبادت ڪندا. هو خداوند جي حضور ۾ باسون باسيندا ۽ اهي پوريون ڪندا.

22 پوءِ جڏهن بہ اهي ڦرندا تڏهن خداوند کين سزا ڏيندو ۽ اهي سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا. پوءِ هو کين بچائيندو. هائو، هو سندن دعائون ٻڌندو ۽ هنن تان مصيبتون ٽاري ڇڏيندو.

23 انهن ڏينهن ۾ مصر کان اشور تائين اچ وڃ جو رستو کُليل هوندو، سو اشور وارا مصر ۾ ايندا ۽ مصر وارا اشور ڏانهن ويندا. اهي ٻئي قومون گڏجي خداوند جي عبادت ڪنديون.

24 تڏهن بني اسرائيل مصر ۽ اشور جي ٻنهي ملڪن سان گڏجي ويندا ۽ اهي ٽيئي قومون پوريءَ دنيا لاءِ برڪت جو باعث ٿينديون.

25 انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند انهن کي هي چوندي برڪت وارو ڪندو تہ ”اي مصر وارؤ! منهنجي قوم، اي اشور وارؤ! منهنجي ڪاريگري، ۽ اي بني اسرائيل! منهنجي چونڊيل قوم، آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪريان ٿو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan