Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 18 - Muslim Sindhi Bible


سوڊان لاءِ سزا

1 آہ! ويل آهي سوڊان جي انهيءَ علائقي لاءِ! جيڪو ان جي ندين جي هُن پار آهي، ۽ جنهن ۾ پرن وارن جيتن جي ڦڙڦڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.

2 اتان سمنڊ جي رستي ايلچي ٿا اچن، يعني پاڻيءَ ۾ تيزيءَ سان هلندڙ ڪانن جي جهازن ۾. اي تيز رفتار قاصدؤ! اوهين خداوند جو پيغام کڻي موٽي پنهنجي قوم وٽ وڃو، جنهن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي. انهيءَ جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن.

3 دنيا وارن کي ڏنل هن پيغام ۾ اوهان جي قوم بہ شامل آهي، سو ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪو اهو ڌيان سان ٻڌن، ۽ جڏهن جبلن تي جھنڊو کڙو ڪيو وڃي تہ اوڏانهن نظر ڪن. هائو، جڏهن جنگ جي نفيل وڄائي وڃي تہ انهيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي.

4 انهيءَ سبب جو خداوند مون يسعياہ کي پيغام ڏيندي فرمايو تہ ”آءٌ پنهنجي عرش عظيم تان ائين سڪون سان هيٺ نظر ڪندس، جيئن ڏينهن جو گرميءَ ۾ سج جي تپش ماٺ ۾ محسوس ٿيندي آهي، يا جيئن اونهاري ۾ لاباري جي ڏينهن ۾ رات جو ماڪ خاموشيءَ ۾ پوندي آهي.

5 جڏهن ٻور مان گل ۽ گلن مان انگور مس ٿين ٿا، تڏهن فصل جي پچڻ کان اڳ جيئن ولين کي ڏاٽي سان وڍي ناس ڪيو وڃي، تيئن ئي دشمنن جا منصوبا پورا ٿيڻ کان اڳ آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.

6 پوءِ اهي سڀ شڪاري پکين، ۽ جھنگلي جانورن لاءِ ڇڏيا ويندا. هائو، اونهاري ۾ شڪاري پکي انهن تي گذران ڪندا، ۽ سياري ۾ جھنگلي جانور.“

7 انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan