يسعياہ 17 - Muslim Sindhi Bibleارام ۽ اسرائيل لاءِ سزا 1 ارام جي گاديءَ واري شهر دمشق بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، هاڻي کان پوءِ دمشق شهر نہ رهندو، بلڪ اهو رڳو برباديءَ جو ڍير بڻجي ويندو. 2 هائو، ارام ملڪ جا سڀ شهر هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندا. اهي رڍن ٻڪرين جون چراگاهون ۽ وٿاڻ بڻجي ويندا، جتي اهي سلامتيءَ سان رهنديون، ۽ انهن کي ڪوبہ ڊپ ڊاءُ نہ هوندو. 3 باقي بچيل ارامين جي شان وَ شوڪت جو حشر بہ بني اسرائيل جي شان وَ شوڪت جهڙو ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اسرائيل ۾ ڪوبہ ڪوٽ يا قلعو باقي نہ رهندو، جڏهن تہ ارام جي شهر دمشق مان بادشاهي ختم ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ 4 خداوند فرمايو تہ ”اهو ڏينهن ايندو، جڏهن اسرائيل وارن جو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو، ۽ انهن جي خوشحالي مفلسيءَ ۾ بدلجي ويندي. 5 تڏهن اسرائيل ملڪ جو حال اهڙي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن ۾ بيٺل فصل جو اهڙيءَ طرح لابارو ڪيو ويو هجي، جو ان ۾ هڪڙو سنگ بہ نہ ڇڏيو ويو هجي. هائو، ان جو حال رفائين جي ماٿريءَ جي اهڙي سکڻي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن مان سنگ ميڙي ان کي خالي ڪيو ويو هجي. 6 پر جيڪڏهن ان ۾ ڪي ماڻهو بچي بہ ويا تہ اهي ايترا تہ ٿورا هوندا، جيئن ڪنهن ڌوڻو ڏنل زيتون جي وڻ ۾ ڪي ٿورا زيتون وڃي بچندا آهن، ٻہ ٽي داڻا مٿاهين ٽارين ۾، ۽ هيٺاهين ڦلدار ٽارين ۾ رڳو چار پنج داڻا بس. اهو مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“ 7 انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجي خالق آڏو ٻاڏائيندا، هائو، سندن اکيون بني اسرائيل جي پاڪ معبود ڏانهن مدد لاءِ واجھائينديون. 8 پوءِ اهي انهن غير معبودن جي قربانگاهن ڏانهن نہ نهاريندا، جيڪي پنهنجي هٿن سان ٺاهيون اٿائون. نڪي هو انهن بتپرستيءَ وارين شين کي مان ڏيندا، جيڪي سندن آڱرين جوڙيون هونديون، پوءِ اهي يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا هجن يا لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون. 9 جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن ماڻهن جا ٺهيل قلعن وارا مضبوط شهر برباد ڪري ويران ڪيا ويندا. پوءِ اهي انهن شهرن جيان وڻن ۽ ٻوٽن سان ڀرجي ويندا جن کي پراڻي وقت ۾ بني اسرائيل جي اڳيان ماڻهو ڇڏي ڀڄي نڪتا هئا. 10 اي اسرائيل وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان پنهنجي بچائيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن مضبوط ٽڪر جيان اوهان جي حفاظت ٿي ڪئي. انهيءَ جي بدران ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن. 11 جيتوڻيڪ اوهان جا پوکيل ٻوٽا انهيءَ ڏينهن وڌي وڻ ٿي وڃن، ۽ صبح جو گل جھلين، تہ بہ اوهان کي انهيءَ مان ڪوبہ فصل نہ ملندو، اٽلندو اوهين ڏک ۽ سخت مصيبت ۾ مبتلا هوندا. دشمن قومن جي بربادي 12 آہ! گھڻين قومن جو گوڙ شور ٻڌڻ ۾ پيو اچي، جيڪي سمنڊ جي گجگوڙ وانگر گجن ٿيون. آہ! اهي وڏي ٻوڏ وانگر شور مچائينديون ٿيون اچن. 13 هائو، غير قومون پاڻيءَ جي وڏي وهڪري وانگر ڌوڪينديون ٿيون اچن. پر خدا انهن تي عتاب نازل ڪندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون. هائو، اهي ڄڻ تيز هوا جي اڳيان جبلن جي مٽيءَ وانگر، ۽ طوفاني واچوڙي جي اڳيان بُهہ وانگر اڏامي ويندا. 14 شام جي وقت اهي دهشت بڻجي اچي ڪڙڪندا، مگر صبح ٿيڻ کان اڳ ئي نابود ٿي ويندا. انهن دشمنن جو اهو ئي مقدر آهي، جيڪي ڪاهہ ڪري اچي اسان کي لٽين ڦرين ٿا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society