Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 16 - Muslim Sindhi Bible


موآب تي ايندڙ وڌيڪ مصيبتون

1 اي موآب جا بادشاهہ! يروشلم جي حڪمران ڏانهن تحفي طور گھيٽا موڪل، اهي پنهنجي شهر سلح کان بيابان جي رستي صيئون جبل تي پيش ڪر.

2 کيس اهو بہ چوائي موڪل تہ ”موآب جون عورتون برساتي نهر ارنون جي گھاٽن تي ملڪ کان ڀڄڻ لاءِ ائين پيون ڦرنديون وتن، جيئن پکي پنهنجن آکيرن مان اٿاريا ويا هجن.

3 سو اوهين صلاح ڏيو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي. اوهين انهيءَ وڻ وانگر اسان کي پناهہ ڏيو، جيڪو ٽاڪ منجھند جو بہ ٿڌي ڇانوَ ڏئي ٿو. اسان جلاوطنن کي پنهنجي پناهہ ۾ لڪايو، ۽ اسان کي دشمنن جي هٿ ۾ نہ ڏيو.

4 اسان موآب کان جلاوطن ڪيلن کي پنهنجي علائقي ۾ رهڻ ڏيو، ۽ اسان کي برباد ڪندڙن کان پناهہ ڏيو.“ اي موآب وارؤ! جڏهن اوهان تي ظلم ڪندڙ ناس ڪيا ويندا، ۽ تباهي وَ بربادي بند ٿي ويندي، هائو، جڏهن سڀني ظالمن کي اوهان جي ملڪ مان ناس ڪيو ويندو،

5 تڏهن دائود جي اولاد مان هڪڙو بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سچائيءَ ۽ شفقت سان ماڻهن تي حڪمراني ڪندو. اهو اهڙو عادل هوندو جيڪو پورو پورو انصاف ڪندو. هائو، اهو عدل وَ انصاف ڪرڻ ۾ دير نہ ڪندو.

6 اسان يهوداہ وارن موآب جي رهاڪن جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، اهي تمام مغرور ٿي ويا آهن. اسين سندن هٺ، تڪبر ۽ وڏائيءَ کان واقف آهيون. پر سندن ٻٽاڪون فضول آهن،

7 ڇاڪاڻ تہ هاڻي موآب جا ماڻهو پاڻ تي آيل مصيبتن تي واءِ‌ويلا ڪن ٿا. اهي سڀ قيرحراست شهر ۾ کاڌل ڪشمش جي خاص ٽڪين کي ياد ڪري واءِ‌ويلا ٿا ڪن. بيشڪ اهي سڀيئي بدحال ٿي ويا آهن.

8 سندن شهر حشبون جون ٻنيون، ۽ سبماہ شهر جي انگورن جا باغ سڪي سڙي ويا آهن. غير قومن جي سردارن انگورن جي عمدين ولين کي ناس ڪري ڇڏيو آهي. هائو، موآب ملڪ اهڙي عمدي ول مثل هو، جيڪا ڪنهن وقت ڏورانهين شهر يعزير تائين ٿي پهتي. هائو، اها اوڀر ۾ بيابان تائين، ۽ اولهہ ۾ سمنڊ کان پار تائين ٿي پهتي.

9 آہ! هاڻي آءٌ سبماہ جي انگورن جي باغن لاءِ ائين ٿو روئان، جيئن يعزير لاءِ روئندو ٿو رهان. اي حشبون ۽ العالي شهرؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ لڙڪ وهائيندو ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ميون ۽ اناج جي فصلن تي جنگ جي تباهي اچي پيئي آهي.

10 سرسبز ٻنين مان خوشيون ختم ٿي ويون آهن، انگورن جي باغن مان خوشيءَ جي راڳن ڳائڻ جو آواز بند ٿي ويو آهي، ۽ انگورن جي چيچڙن مان رس نہ ٿي ڪڍي وڃي. هائو، انگورن جي فصل جي سموري خوشي ۽ شادماني ختم ٿي ويئي آهي.

11 تنهنڪري قيرحارست شهر بلڪ سڄي موآب جي لاءِ غم وچان آءٌ ائين آهون ۽ دانهون ٿو ڪريان، ڄڻڪ منهنجي اندر ۾ سُرندو پيو وڄي.

12 هاڻ جيتوڻيڪ موآب جا ماڻهو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن تي حاضريون ڀريندي ڀريندي ٿڪجي بہ پون يا اتي ڪيتريون ئي دعائون ڇو نہ گھرن، تہ بہ کين ڪو فائدو نہ ٿيندو.

13 هي ئي اهو فرمان آهي، جيڪو خداوند موآب جي خلاف اڳ ۾ فرمايو هو.

14 هاڻي انهيءَ بابت خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جيئن مزدورن جي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت مقرر هوندو آهي، تيئن ٽن سالن جي وقت اندر ئي موآب جو شان وَ شوڪت انهيءَ جي رهاڪن سميت ختم ڪيو ويندو. انهيءَ جا اڪثر ماڻهو ختم ٿي ويندا ۽ باقي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچندا، سي بہ نہ هجڻ جي برابر هوندا.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan