يسعياہ 15 - Muslim Sindhi Bibleموآب تي مرثيو 1 موآب جي باري ۾ هي پيغام آهي تہ ”بيشڪ هڪڙيءَ ئي رات ۾ موآب جا شهر عار ۽ قير ويران ۽ نابود ٿي ويا. هائو، هڪڙيءَ ئي رات ۾ موآب ملڪ تي بربادي اچي ڪڙڪي. 2 سو ديبون شهر جا رهاڪو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن ۾ وڃي روئڻ پٽڻ لڳا، بلڪ سڄي موآب ملڪ جا ماڻهو پنهنجي شهرن نبو ۽ ميدبا تي واءِويلا ٿا ڪن. سوڳ وچان سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀني جون ڏاڙهيون ڪتريل آهن. 3 هو گھٽين ۾ پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌيو پيا گھمن. هو سڀ پنهنجن گھرن جي ڇتين تي ۽ چونڪن ۾ واءِويلا ڪندي روئندا رڙندا ٿا وتن. 4 حشبون ۽ العالي شهرن جا ماڻهو روئن رڙن ٿا، سندن رڙين جو آواز تمام پري يهض تائين پيو ٻڌڻ ۾ اچي. انهيءَ ڪري موآب جا سپاهي بہ خوف وچان دانهون ٿا ڪن. هائو، موآب جا جنگي جوڌا همت هاري ويٺا آهن. 5 مون کي موآب وارن جي حال تي روئڻ ٿو اچي. ان جا ماڻهو ضغر شهر ۽ عجلت شليشياہ ڏانهن ڀڄي ويا آهن، جن مان ڪي لوحيت شهر جي چاڙهيءَ تي چڙهندي روئندا رڙندا پيا وڃن، ۽ ڪي وري حورونايم شهر جي رستي سان ويندي تباهيءَ تي روئندا دانهون ڪندا ٿا وڃن. 6 سندن ملڪ ۾ ايتري تہ تباهي وَ بربادي آئي آهي جو نمريم جون نهرون بہ خشڪ ٿي ويون آهن، ۽ گاهہ ۽ ٻوٽا سڪي سڙي ويا آهن. ايتري قدر جو ساوڪ جو نالو نشان ئي نہ رهيو آهي. 7 تنهنڪري وٽن جيڪو جھجھو مال آهي، ۽ جيڪي ڪجھہ گڏ ڪري رکيو اٿائون، تنهن مان جيڪي بہ هو کڻي سگھيا آهن، سو بچائڻ لاءِ لئي واري ماٿريءَ جي هن پار پاڻ سان کنيو ٿا وڃن. 8 بيشڪ موآب جي سڄي ملڪ ۾ رڙيون پئجي ويون آهن، ايتري قدر جو سندن واءِويلا جو آواز اِجلائم توڙي بيرايليم شهرن تائين پڻ ٻڌڻ ۾ پيو اچي. 9 ديمون شهر وٽان گذرندڙ نديون رت سان ڀرجيو پيون وهن، بلڪ خداوند ديمون تي اڃا بہ وڌيڪ مصيبتون آڻيندو. هائو، موآب مان ڀڄي آيلن، ۽ انهيءَ ملڪ جي باقي بچيل سڀني ماڻهن کي هو شينهن جيان حملو ڪري چيري ڦاڙي ڇڏيندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society