يسعياہ 14 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جي قوم جي وطن واپسي 1 پر خداوند بني اسرائيل تي رحم فرمائيندو ۽ هڪ دفعو وري کين پنهنجي چونڊيل قوم بڻائيندو. هو کين وري سندن وطن ۾ موٽائي آڻي آباد ڪندو. ڌاريا بہ اچي ساڻن گڏبا ۽ بني اسرائيل جو حصو ٿي رهندا. 2 گھڻيون ئي قومون بني اسرائيل کي خداوند جي ڏنل ملڪ ۾ موٽائي آڻڻ ۾ سندن مدد ڪنديون. پوءِ اهي قومون ٻانها ۽ ٻانهيون بڻجي سندن خدمت ڪنديون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل اڳ جن جا قيدي هئا تن کي قيد ڪندا ۽ انهن تي حڪمراني ڪندا جيڪي مٿن ظلم ڪندا هئا. بابل جي بادشاهہ تي مرثيو 3 اهڙيءَ طرح خداوند بني اسرائيل کي ڏکن ۽ تڪليفن کان ۽ انهيءَ سخت پورهئي کان آرام بخشيندو، جيڪو کانئن زور زبردستيءَ سان ڪرايو ويندو هو. 4 جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن بابل جي بادشاهہ تي هي ٺٺوليون ڪري چيو ويندو تہ ”ظالم بادشاهہ ڪيئن نہ نيست وَ نابود ٿي ويو آهي! هاڻي هو وري ڪنهن تي بہ ظلم نہ ڪندو. 5 خداوند بابل جي حاڪمن جي شاهي لٺ ڀڃي ڇڏي آهي، هائو، هن انهن بدڪار حاڪمن جي طاقت ٽوڙي ڇڏي آهي. 6 اهي غصي وچان غير قوم وارن کي پيا ماريندا ڪٽيندا هئا، ۽ غضبناڪ بڻجي مٿن حڪومت ڪندا هئا. اهي انهن ماڻهن تي ظلم پيا ڪندا هئا، جن تي فتح حاصل ڪندا هئا. 7 پر هاڻي سڄي دنيا آرام ۽ سڪون ۾ آهي، ۽ هر ڪو خوشيءَ جا گيت پيو ڳائي. 8 هائو، هاڻي لبنان جا صنوبر توڙي ديال جا وڻ بہ انهيءَ ڪريل بادشاهہ مٿان خوشيون ڪندي چون ٿا تہ ’جڏهن کان تون ڪيرايو ويو آهين، تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍي ڪيرائڻ ڪونہ آيو آهي.‘ 9 پاتال جيڪو بابل جي بادشاهہ جي اچڻ تي سندس استقبال ڪرڻ لاءِ بيچين هو، تنهن هن جي خاطر اڳئين زماني جي مئل حڪمرانن جي روحن کي جاڳايو. هائو، هن ملڪن جي سڀني بادشاهن کي سندن تخت تان اٿاري کڙو ڪيو. 10 بادشاهہ جي اچڻ تي انهن سڀني روحن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ’واہ! نيٺ تون بہ اسان وانگر عاجز ٿي پئين! هاڻي تہ تون بہ اسان جهڙو ٿي ويو آهين. 11 تو کي تنهنجي شان وَ شوڪت ۽ تنهنجي واکاڻ ۾ وڄندڙ سارنگين سميت آڻي پاتال جي تري ۾ اڇلايو اٿن. هتي تہ ڪينئان ئي تنهنجو بسترو ٿيندا، ۽ ڪيڙا ئي تنهنجي چادر بڻبا.‘ 12 واہ! اي بابل جا بادشاهہ! تون جيڪو صبح جو روشن ستارو هئين، هاڻي ڏس، ڪيئن نہ آسمان مان هيٺ اچي ڪريو آهين! اي قومن کي پست ڪرڻ وارا! تو کي ڪيئن نہ هاڻي زمين تي اڇلائي پست ڪيو ويو آهي! 13 تون تہ پنهنجيءَ دل ۾ چوندو هئين تہ ’آءٌ عرش عظيم تي چڙهي ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي ستارن کان بہ مٿاهون ڪندس، ۽ عرش تي معبودن جي گڏجاڻيءَ واري جبل تي بادشاهہ بڻجي ويهندس.‘ 14 تو سوچيو ٿي تہ ’آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهي ويندس، آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.‘ 15 مگر انهيءَ جي بجاءِ تون تہ قبر ۾، بلڪ پاتال جي تمام هيٺاهين ڀاڱي ۾ لاٿو ويو آهين. 16 اتي مئل ماڻهو تو کي چتائي ڏسن ٿا، ۽ حيرت وچان چون ٿا تہ ’هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن ڌرتيءَ کي ٿي ڏڪايو، ۽ بادشاهتن کي لوڏي ٿي ڇڏيائين؟ 17 هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن شهرن کي ڊاهي ويران ڪري ڇڏيو هو، ۽ دنيا کي بيابان بڻائي ڇڏيو هئائين، جنهن قيدين کي آزاد نہ ڪيو هو، تانتہ اهي پنهنجن گھرن ڏانهن وڃن؟‘ 18 ڌرتيءَ جا سمورا بادشاهہ، هائو، انهن مان سڀڪو پنهنجيءَ وفات بعد عزت سان پنهنجي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. 19 پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي. 20 تون ٻين بادشاهن وانگر قبر ۾ وڃي آرامي نہ ٿيو آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي ملڪ کي ناس ڪري ڇڏيو هو، ۽ پنهنجي رعيت کي ڪهي ڇڏيو هو. سو اي بدڪارن جا نسل! تنهنجو نالو نشان بہ باقي نہ رهندو. 21 هائو، تنهنجي اولاد لاءِ بہ قتل جو سامان تيار آهي، اهي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري ماريا ويندا. اهي وري دنيا جا مالڪ نہ بڻجي سگھندا، ۽ نہ ئي روءِزمين تي ڪو شهر آباد ڪري سگھندا.“ بابلين لاءِ سزا 22 خداوند قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بابل وارن جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندس ۽ سندن نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس. پوءِ ننڍو هجي توڙي وڏو منجھس ڪوبہ باقي جيئرو نہ رهندو. 23 آءٌ قادرِمطلق خداوند بابل کي فنا جي ٻهاريءَ سان مِٽائي صاف ڪري ڇڏيندس. انهيءَ کي آءٌ ويران ڪري پير ٻوڙ پاڻيءَ ۽ گپ واري زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس، جتي ٻگھہ پيا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ اشورين لاءِ سزا 24 خداوند قادرِمطلق قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن مون رٿيو آهي، تيئن ضرور ٿيندو. هائو، جيڪو ارادو مون ڪيو آهي، سو ضرور پورو ٿيندو. 25 آءٌ پنهنجي ملڪ يهوداہ ۾ اشورين کي شڪست ڏيندس. هائو، آءٌ پنهنجي جبلن تي کين پيرن هيٺ لتاڙيندس. تڏهن منهنجي قوم جي ڳچين مان اشورين جي غلاميءَ جي پاڃاري نڪرندي. هائو، تڏهن سندن ڪلهن تان بار لهي ويندو، 26 ڇاڪاڻ تہ هر قوم منهنجي ظابطي ۾ آهي، بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجي منصوبن تي عمل پيو ٿئي. 27 هائو، مون قادرِمطلق خداوند ئي اهي منصوبا جوڙيا آهن، هاڻي ڪنهن کي طاقت آهي جو مون کي روڪي سگھي؟ اهڙو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو منهنجي وڌيل هٿ کي پوئتي هٽائي سگھي.“ فلستين لاءِ سزا 28 جنهن سال بادشاهہ آخز وفات ڪئي، تنهن سال خداوند فلستين لاءِ هي پيغام ڏنو تہ 29 ”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي. 30 آءٌ خداوند هڪ ريڍار جيان پنهنجي قوم جي غريبن ۽ محتاجن جي سار سنڀال لهندس، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذاريندا. مگر اوهان فلستين جي نسل کي آءٌ ڏڪار سان ماريندس، اهو ڏڪار اوهان مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيندو. 31 اي فلستي شهرن جا دروازؤ! اوهين واءِويلا مچايو، اي فلستي شهرؤ! اوهين رڙيون ڪريو. هائو، اي فلستيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين ڊڄو ۽ ڏڪو، ڇاڪاڻ تہ اتر طرف کان هڪڙو لشڪر مٽيءَ جو طوفان اٿاريندو ايندو، انهن جي صفن ۾ ڪوبہ پٺتي هٽڻ وارو نہ هوندو.“ 32 تڏهن فلستي ملڪ کان ايندڙ قاصدن کي اسين ڪهڙو جواب ڏيون؟ هنن لاءِ جواب هي آهي تہ خداوند ئي صيئون جبل کي کڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society