يسعياہ 13 - Muslim Sindhi Bibleبابل جي بربادي 1 هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو. 2 خداوند بابل تي حملو ڪندڙن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين ويران جبل جي چوٽيءَ تان جنگ جو جھنڊو بلند ڪريو. اوهين وڏي آواز سان حڪم جاري ڪريو، ۽ پنهنجو هٿ بلند ڪري اشارو ڏيو تہ جنگي جوڌا مغرورن جي شهر بابل جي دروازن تي حملو ڪري منجھس گھڙي وڃن. 3 اهي ئي منهنجا چونڊيل ماڻهو آهن، جن کي آءٌ خداوند حڪم ڏيان ٿو. هائو، مون پنهنجي انهن بهادرن کي سڏيو آهي، تانتہ هنن جي وسيلي پنهنجو غضب نازل ڪريان، اهي فخر سان للڪاري وڙهن ٿا.“ 4 جبلن تي هڪ وڏي انبوہ جو شور ٻڌو. اهو هڪ وڏي لشڪر جو گوڙ شور آهي، هائو، اهو مختلف ملڪن مان آيل قومن جو هل هنگامو آهي. ڏسو، قادرِمطلق جنگ جي لاءِ اهو لشڪر گڏ ڪري ٿو. 5 اهي ڌرتيءَ جي ڇيڙي وارن ڏورانهن ملڪن مان اچن ٿا. هائو، خداوند پنهنجي غضب جي انهن هٿيارن کي آڻي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هو سڄي دنيا کي برباد ڪري ڇڏي. 6 هاڻي اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا وارو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي. اهو ڏينهن قادرِمطلق طرفان تباهيءَ وارو ڏينهن هوندو. 7 تنهنڪري هر ڪنهن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويندا، ۽ همت پاڻيءَ جيان وهي ويندن. 8 هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي، ۽ عذاب ۽ درد کين وڪوڙي ويندا. هائو، کين ويم واري عورت جهڙا سور اچي لڳندا. هو خوف وچان هڪٻئي جو منهن پيا ڏسندا، ۽ سندن چهرا دهشت ۾ وڪوڙيل هوندا. 9 ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، اهو غضب ۽ قهر جي ڀڙڪڻ وارو بيرحم ڏينهن هوندو، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ کي ويران ڪري ڇڏي، ۽ سڀني گنهگارن کي ناس ڪري ڇڏي. 10 آسمان جي ستارن، ۽ ان جي برجن ۾ روشني نہ رهندي، سج اڀرڻ سان ئي اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي وڃائي ويهندو. 11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دنيا تي تباهي آڻيندس، ۽ سڀني بدڪارن کي سندن گناهن جي ڪري سزا ڏيندس. آءٌ مغرورن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ ظالمن جي تڪبر کي ناس ڪري ڇڏيندس. 12 باقي بچيل ماڻهو ايترا تہ ٿورا هوندا جيترو دنيا ۾ سون، هائو، جيترو اوفير جو نج سون اڻلڀ آهي، ايترو ئي اهي چند ماڻهو وڃي بچندا. 13 آءٌ قادرِمطلق خداوند جنهن ڏينهن پنهنجو غضب ۽ خوفناڪ قهر نازل ڪندس، تنهن ڏينهن آسمان ڏڪي ويندا، ۽ ڌرتي ڌُڏي ويندي.“ 14 انهيءَ ڏينهن بابل ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو پنهنجين قومن ۽ پنهنجن ملڪن ڏانهن ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن ڪا هرڻي شڪاريءَ کان ڀڄي نڪري. هائو، اهي نڌڻڪين رڍن وانگر ٽڙي پکڙي ويندا. 15 پوءِ جيڪو بہ پڪڙيو ويندو، تنهن کي تلوار جي منهن ۾ ڏنو ويندو. هائو، جيڪو بہ گرفتار ڪيو ويندو تنهن کي قتل ڪيو ويندو. 16 انهن جي کير پياڪ ٻارن کي سندن روبرو هيٺ اڇلائي ماريو ويندو. سندن گھرن کي لٽيو ڦريو ويندو، ۽ سندن عورتن سان زوري ڪئي ويندي. 17 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ مادئي قوم وارن کي بابلين تي چاڙهي آڻيندس، جن کي نہ چانديءَ ۽ نہ وري سون جي لالچ ئي، ڪو چڙهائي ڪرڻ کان روڪي سگھندي. 18 اهي پنهنجن تيرن سان جوان ماڻهن کي پروڻ ڪري ڇڏيندا. هنن کي کير پياڪن تي بہ ڪو ترس نہ ايندو، هائو، هو ننڍن ٻارن تي بہ ڪو رحم نہ ڪندا.“ 19 بابل جيڪو سڀني بادشاهتن جي سونهن، ۽ پنهنجي رهاڪن جو فخر ۽ شان آهي، تنهن جو حال سدوم ۽ عموراہ جهڙو ٿيندو، جن کي خدا اونڌو ڪري ڇڏيو هو. 20 اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہبدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو. 21 بلڪ اهو جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻجي ويندو، ۽ انهيءَ جا گھر اُلو پکين جي آکيرن سان ڀرجي ويندا. اتي شتر مرغ اچي آباد ٿيندا، ۽ بدروح اتي پيا نچندا. 22 انهيءَ جي قلعن ۾ بگھڙ پيا روڙان ڪندا، ۽ انهيءَ جي خوبصورت محلن ۾ گدڙ پيا اونائيندا. بيشڪ بابل جي تباهيءَ جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڏينهن پوري ٿيڻ ۾ هاڻي ڪا دير ڪانهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society