Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يسعياہ 12 - Muslim Sindhi Bible


شڪرگذاريءَ جو گيت

1 انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.

2 بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“

3 جهڙيءَ طرح تازو پاڻي اڃايل کي خوشي ٿو بخشي، تهڙيءَ طرح خدا جي قوم کي خوشي حاصل ٿيندي جڏهن هو کين بچائيندو.

4 انهيءَ ڏينهن تي ماڻهو ڳائي چوندا تہ ”خداوند جو شڪرانو بجا آڻيو، هن جي نالي کي ساراهيو. سڀني قومن ۾ سندس ڪمن کي پڌرو ڪريو. ماڻهن کي ٻڌايو تہ هن جو نالو ڪيڏو نہ بلند وَ بالا آهي!

5 خداوند جي واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هن عظيم ڪم ڪيا آهن. شل اها ڳالهہ سڄي ڌرتيءَ تي مشهور ٿئي.

6 اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan