يسعياہ 11 - Muslim Sindhi Bibleسلامتيءَ واري بادشاهت 1 جيئن وڻ جي وڍيل ٿُڙ مان نوان ڏار ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ اهي وڌي ڦلدار ٿيندا آهن، تيئن يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان هڪڙو نئون بادشاهہ پيدا ٿيندو. 2 انهيءَ تي خداوند جو روح نازل ٿيندو، يعني ڏاهپ ۽ سمجھہ جو روح، مصلحت ۽ طاقت جو روح، علم ۽ خداوند جي خوف جو روح. 3 خداوند جي تابع رهڻ مان ئي کيس خوشي حاصل ٿيندي. هن جون اکيون کيس انصاف واري رستي کان هٽائي ڪين سگھنديون، نڪي سندس ڪن کيس بيانصافيءَ ڏانهن مائل ڪري سگھندا. 4 بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا. 5 هو ماڻهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان حڪمراني ڪندو. 6 هن جي حڪومت ۾ ايترو تہ امن وَ سڪون هوندو جو بگھڙ گھيٽي سان گڏ رهندو، شينهن ٻڪري گڏ چرندا، گابو ۽ چيتو گڏ گذاريندا، ۽ ننڍڙا ٻار انهن کي پيا چاريندا ڦيرائيندا. 7 هائو، ڳئون ۽ رڇڻيون گڏ چرنديون، ۽ انهن جا ٻچا پاڻ ۾ گڏجي سمهندا. شينهن بہ ڏاند وانگر گاهہ کائيندو. 8 ايترو امن هوندو جو کير پياڪ ٻار نانگن جي ٻرن وٽ پيا کيڏندا، ۽ ٿڃ ڇڏايل ٻار ڪاريهر جي ٻرن ۾ هٿ وجھندا، تہ بہ کين ڪو نقصان نہ پهچندو. 9 هائو، خداوند جي پاڪ جبل صيئون تي نہ ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسندو ۽ نہ وري ڪو ماريو ويندو، ۽ جيئن پاڻي سمنڊ کي ڀري ڇڏي ٿو، تيئن پوري ڌرتي خداوند کي سڃاڻڻ وارن سان ڀريل هوندي. 10 انهيءَ وقت يسيءَ جي پٽ دائود جي نسل مان اهو بادشاهہ اٿي کڙو ٿيندو، جنهن جي جھنڊي هيٺ سڀيئي قومون اچي گڏ ٿينديون ۽ سندس شاهي شهر وڏي شان وارو ٿيندو. جلاوطنن جي واپسي 11 انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا. 12 خداوند غير قومن کي ڏيکارڻ لاءِ انهيءَ بادشاهہ جو جھنڊو کڙو ڪندو، جنهن بعد اسرائيل توڙي سڄي يهوداہ ملڪ جي جلاوطن ٿيل ماڻهن کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو، جيڪي ڌرتيءَ جي چئني پاسن تي ٽڙيل پکڙيل هوندا. 13 تڏهن اسرائيل وارا يهوداہ وارن سان اڳتي حسد نہ ڪندا، نڪي يهوداہ وارا اسرائيل وارن سان دشمني رکندا. هائو، اسرائيل وارن مان حسد وَ ڪينو هليو ويندو، ۽ يهوداہ وارن جي دشمني بلڪل ختم ٿي ويندي. 14 انهيءَ جي بجاءِ هو پاڻ ۾ متحد ٿي رهندا، ۽ گڏجي اولهہ طرف فلستين جي مٿان وڃي ڪڙڪندا. جڏهن تہ اهي اوڀر طرف ادومين، موآبين ۽ بني عمون کي وڃي شڪست ڏيندا. هو انهن سڀني تي حڪمراني ڪندا، ۽ جيڪو چاهيندا سو کانئن کسي وٺندا. 15 خداوند مصر واري ڳاڙهي سمنڊ کي سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان فرات نديءَ تي اُلر ڪندو، ۽ انهيءَ کي ستن ننڍڙين واهين ۾ ورهائي ڇڏيندو، جن مان ماڻهو جتيءَ سان پار لنگھي سگھندا. 16 سو سندس قوم مان جيڪي اشور ۾ باقي بچيا هوندا، تن جي لاءِ هڪڙو اهڙو کُليل رستو هوندو، جهڙو بني اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن تي هو، جڏهن اهي مصر ملڪ مان نڪري آيا هئا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society