يسعياہ 1 - Muslim Sindhi Bible1 هن ڪتاب ۾ يسعياہ ولد آموص جي رويا بيان ڪيل آهي، جيڪا هن يهوداہ جي بادشاهن عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ بابت ڏٺي. خدا جو پنهنجي قوم کي ڇينڀڻ 2 خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي. 3 جڏهن تہ ڍڳو بہ پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ بہ پنهنجي آهر کي ڄاڻي ٿو، پر بني اسرائيل کي تہ اها بہ خبر ڪانهي، هائو، منهنجي قوم اهو سمجھي ئي نہ ٿي.“ 4 اي گنهگار ۽ خطائن سان ڀريل قوم! اي بدڪار ۽ خراب ڪم ڪندڙ نسل! ويل آهي اوهان جي لاءِ! جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي. اوهان بني اسرائيل جي پاڪ معبود کي حقير ڄاتو آهي، ۽ کانئس پٺيرا ٿي ويا آهيو. 5 ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن. 6 پيرن جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين اوهان جي بدن ۾ ڪا تندرستي ڪانهي، بلڪ رڳو زخم، گھاءَ ۽ رت ڳاڙيندڙ ڦٽ آهن، جن کي نہ زور ڏيئي صاف ڪيو ويو آهي، نہ پٽي ٻڌي ويئي اٿن، ۽ نہ وري مٿن ڪا ملم ئي لڳائي ويئي آهي. 7 اوهان جا شهر ساڙيا ويا آهن، بلڪ اوهان جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو آهي. اوهان جي هوندي ڌارين ماڻهن اوهان جي ملڪ کي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. بلڪ اوهان جي ملڪ کي انهن اجاڙي ويران ڪري ڇڏيو آهي. 8 رڳو يروشلم شهر ئي باقي وڃي بچيو آهي، جيڪو دشمنن جي گھيري هيٺ آيل لاچار شهر جيان آهي، جيئن انگورن جي باغ ۾ ڪا جھوپڙي، يا جيئن ونگن جي واڙيءَ ۾ ڪا جھُڳي هجي. 9 جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها. 10 اي يروشلم جا حڪمرانؤ ۽ رهاڪؤ! اوهين بہ سدوم جي حڪمرانن، ۽ عموراہ جي رهاڪن جهڙا گنهگار آهيو. هاڻي اوهين خداوند جو فرمان ٻڌو، هائو، اسان جي خدا جي شريعت تي ڌيان ڏيو. 11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جون هيتريون ساريون قربانيون منهنجي ڪنهن ڪم جون نہ آهن. هائو، آءٌ گھٽن جي ساڙڻ وارين قربانين کان، توڙي پليل ڍورن ڍڳن جي سڻڀي مال کان بيزار آهيان. مون کي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي رت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي. 12 اوهان کي ڪير ٿو چوي تہ اوهين منهنجي عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ اچي اهڙي قسم جا ڪم ڪريو؟ ائين ڪري منهنجي مقدس هيڪل جي بيحرمتي نہ ڪريو. 13 اڳتي اوهين اجايا نذرانا مون وٽ نہ آڻيو. اوهان جي لوبان ساڙڻ توڙي نئين چنڊ، سبت، ۽ عيد جي گڏجاڻين کان بہ مون کي نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي گڏجاڻين سان گڏ بدڪاريءَ کي آءٌ ڪڏهن بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگھان. 14 اوهان جي نئين چنڊ وارين گڏجاڻين، توڙي مقرر ڪيل عيدن کان منهنجي دل کي ڪراهت ٿي اچي. اهي مون لاءِ ايڏو تہ بار آهن جو آءٌ انهن کان بيزار ٿي پيو آهيان. هاڻي آءٌ اهو برداشت ڪري نہ ٿو سگھان. 15 سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن. 16 سو اوهين وهنجو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪريو. اوهين بڇڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو، جيڪي آءٌ اوهان ۾ ڏسان ٿو. هائو، بڇڙائيءَ کان توبهہتائب ٿيو. 17 اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رننزالن سان انصاف ڪريو.“ 18 خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس. 19 جيڪڏهن اوهين دل وَ جان سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا، تہ پوءِ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اپت کائيندا. 20 پر جيڪڏهن اوهين نافرمان ۽ باغي ٿيندا، تہ پوءِ اوهان جي دشمنن جي تلوار اوهان کي ڳڙڪائي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ گنهگار شهر يروشلم 21 آہ! جيڪو شهر ڪڏهن باوفا هو، سو هاڻي ڪيئن نہ هڪ زناڪار عورت جهڙو ٿي پيو آهي! اڳ اهو انصاف سان ڀريل هو، ۽ منجھس سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ۾ رڳو قاتل ۽ خوني ٿا رهن. 22 افسوس! اي يروشلم! ڪڏهن تہ تنهنجا رهاڪو چانديءَ جهڙا هئا، پر هاڻي اهي ڪين جهڙا ٿي پيا آهن. افسوس! ڪڏهن تہ اهي سٺي مئي جهڙا هئا، پر هاڻي اهي لذت وڃائي رڳو پاڻيءَ جهڙا ٿي پيا آهن. 23 تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رننزالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي. 24 تنهنڪري اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا يروشلم جي رهاڪن کي فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اوهان لاءِ، اي منهنجا مخالفؤ! آءٌ ضرور اوهان کان بدلو وٺندس. اوهين منهنجا دشمن آهيو، هاڻي اوهين مون کي وڌيڪ تڪليف ڏيئي نہ سگھندا. 25 آءٌ اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اوهان کي ائين صاف ڪندس، جيئن چانديءَ تان ڪَسُ صاف ڪبي آهي. هائو، آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي اوهان جي ناپاڪي دور ڪري ڇڏيندس. 26 آءٌ اوهان جي مٿان اهڙا ئي حاڪم توڙي مشير مقرر ڪندس، جهڙا مون شروع ۾ مقرر ڪيا هئا. تڏهن يروشلم کي سچار ۽ وفادار شهر ڪري سڏيو ويندو.“ 27 اي يروشلم شهر! تون تڏهن بچي ويندين، جڏهن تو ۾ انصاف پيدا ٿيندو. هائو، جڏهن تو ۾ رهندڙ ماڻهو گناهن کان باز ايندا، تڏهن اهي پنهنجي سچائيءَ جي ڪري بچي ويندا. 28 پر سڀني بدڪارن ۽ گنهگارن کي ناس ڪيو ويندو، ۽ جن خداوند کي ڇڏي ڏنو سي نيست وَ نابود ڪيا ويندا. 29 اي يروشلم وارؤ! اوهين نهايت خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان شاهہبلوط وڻن کي خوشيءَ سان پئي پوڄيو آهي، ۽ ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن. 30 بيشڪ اوهين ان شاهہبلوط وڻ وانگر ٿيندا، جنهن جا پن ڇڻي ويا هجن، اوهين انهيءَ باغ جيان ٿيندا، جيڪو پاڻي نہ ملڻ ڪري ويران ٿي ويو هجي. 31 اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society