Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

هوسيع 9 - Muslim Sindhi Bible


اسرائيل وارن لاءِ سزا جو اعلان

1 اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻين قومن جيان خوشي ۽ شادمانو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا سان بي‌وفائي ڪري کانئس پري ٿي ويا آهيو. هائو، اوهان بعل ديوتائن اڳيان پاڻ کي ڪسبياڻيءَ جيان پيش ڪيو آهي، ائين اوهان کي جيڪو اناج ملي ٿو، تنهن کي اوهين پنهنجي ڪسب جو عيوضو ٿا سمجھو.

2 پر اناج هجي يا زيتون جو تيل يا مئي اهي سڀيئي اڳتي هلي اوهان جي خوراڪ لاءِ ڪافي نہ هوندا.

3 اوهين خداوند جي چونڊيل ملڪ ۾ رهي نہ سگھندا، اوهان مان ڪي مصر ڏانهن واپس هليا ويندا، تہ ڪن کي وري اشور ملڪ ۾ حرام کاڌو کائڻو پوندو.

4 اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا. هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا، نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا. اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون، جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي، جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي. جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا، اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.

5 اوهين خداوند جا مقرر ڪيل عيد جا ڏينهن ملهائي نہ سگھندا. هائو، اوهين اهڙيون پاڪ گڏجاڻيون ڪري نہ سگھندا.

6 اوهين تباهيءَ جي وقت پري پري تائين ٽڙي پکڙي ويندا، پر پوءِ اوهين مصر ۾ اچي گڏ ڪيا ويندا، جتي اوهين مري ويندا ۽ نوف شهر ۾ دفن ڪيا ويندا. اوهين جيڪي چانديءَ جا خزانا ڇڏي ويندا، تن کي ڪنڊن وارا ٻوٽا وڪوڙي ويندا. هائو، اوهان جي ويران گھرن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪنڊا اڀري ايندا.

7 هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“

8 خداوند مون هوسيع کي اسرائيل وارن جي سڌاري لاءِ نبي بڻائي موڪليو آهي. پر هو جتي ڪٿي مون کي پکيءَ جيان ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، بلڪ خدا جي هيڪل ۾ بہ مون کان ڏاڍي نفرت ڪئي ٿي وڃي.

9 اي اسرائيل وارؤ! اوهين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيو، جيئن گھڻو وقت اڳ ۾ جِبعت شهر ۾ ٿيا هئا، اوهان جا ڪيل گناهہ خدا کان وسري نہ ويا آهن، هو اوهان کي انهن جي سزا ضرور ڏيندو.


اسرائيل وارن جا گناهہ ۽ سندن سزا

10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.

11 بني اسرائيل جا پويان بہ پنهنجن ابن ڏاڏن وارين عادتن تي قائم رهيا، سو هاڻي اسرائيل وارن جي وڏائي ۽ گھڻائي پکيءَ جيان اُڏامي ويندي، سندن عورتن کي حمل نہ ٿيندو، هائو، منجھن ڪوبہ ٻار ڪين ڄمندو.

12 توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“

13 اي خداوند! جيئن تو فرمايو، تيئن آءٌ انهن جي ٻارن کي شڪار ٿيندي ڏسان پيو، هائو، آءٌ کين شڪاريءَ جي هٿان ڪُسندي ڏسان پيو.

14 هاڻي آءٌ تو کي انهن ماڻهن جي لاءِ وڌيڪ ڇا چوان؟ بس، سندن ٻار پيٽ اندر ئي مري وڃن ۽ انهن جي مائرن جو ٿڃ سڪي وڃي!

15 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جي بڇڙائي جِلجال کان ئي شروع ٿي، هائو، آءٌ اتي ئي ساڻن ڏاڍي نفرت ڪرڻ لڳو هئس. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ وارن ڪمن جي ڪري کين پنهنجي چونڊيل ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. آءٌ انهن سان وري محبت نہ رکندس، ڇاڪاڻ تہ سندن سڀ اڳواڻ مون کان باغي آهن.

16 اسرائيل وارن کي هنڌائتو ڌڪ لڳو آهي، جو انهن جي پاڙ سڪي ويئي آهي، هاڻي هو ڦر ڪين جھلي سگھندا، هائو، هو بي‌اولاد ئي رهندا. پر جيڪڏهن کين ڪو اولاد ٿيو بہ تہ آءٌ سندن انهيءَ پياري اولاد کي ڪهي ڇڏيندس.“


هوسيع جو اسرائيل وارن کي چتاءُ ڏيڻ

17 منهنجو خدا اسرائيل وارن کي ڌڪاريندو، ڇاڪاڻ تہ هنن انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو. اهي نافرماني ڪرڻ ڪري غير قومن ۾ دربدر ٿيندا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan