هوسيع 8 - Muslim Sindhi Bibleبتپرستيءَ ڪري خدا جو اسرائيل وارن کي نندڻ 1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”نفيل وڄائي اعلان ڪيو وڃي، ڇوجو اسرائيل جو دشمن مون خداوند جي چونڊيل ملڪ مٿان باز جيان لامارا ٿو ڏئي. انهيءَ لاءِ جو منهنجي قوم مون سان ٻڌل عهد ٽوڙيو آهي، ۽ منهنجي شريعت جي خلاف هليا آهن. 2 جنگ وقت اهي مون کي پڪاري چوندا تہ ’اي خدا! اسين تنهنجي قوم بني اسرائيل آهيون، ۽ تون ئي اسان جو خداوند آهين.‘ 3 پر اسرائيل وارن نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري انهن جو دشمن سندن پٺيان پيل رهندو. 4 هنن پنهنجا بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، جيڪي منهنجي طرفان ناهن، هنن جيڪي پنهنجا اڳواڻ بڻايا آهن، تن لاءِ منهنجي رضامندي ڪانهي، هنن سون ۽ چانديءَ جا جيڪي بت ٺاهيا آهن، تن جي ئي ڪري هو تباهہ ٿي ويندا. 5 آءٌ اسرائيل واري سامريہ علائقي جي سوني گابي واري بت جي خلاف آهيان، منهنجو غضب اتان جي رهاڪن خلاف ڀڙڪندو رهي ٿو، اهي ڪڏهن بتپرستيءَ کي ڇڏي ڏيندا؟ 6 اهي آهن اسرائيل وارن جا ڪرتوت جو انهن منجھان ڪنهن ڪاريگر پنهنجي هٿن سان اهو گابو جوڙيو آهي، ۽ اهي انهيءَ کي ئي پنهنجو خدا سمجھن ٿا. سامريہ جي انهيءَ سوني گابي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو. 7 جڏهن هو واءُ پوکيندا تہ لڻندا بہ طوفان، سندن فصل ۾ ڪو سنگ نہ بچندو، نڪي انهيءَ مان ڪو اناج نڪرندو، پر جي کڻي انهيءَ مان اناج نڪري بہ تہ اهو ڌاريا لٽي ڦري کائي ويندا. 8 بلڪ اسرائيل ملڪ کي دشمن اڳي ئي ڳهي ويا آهن، ۽ اهو ٻين قومن جي آڏو ڪنهن بيڪار ڀڳل ٿانوَ وانگر آهي. 9 اسرائيل وارا اشور ڏانهن ائين ويا آهن، جيئن ڪو اڪيلو رولو گڏهہ وڃي، اتي وڃي هنن پنهنجي مدد لاءِ اشورين کي ڀاڙي تي سڏيو آهي. 10 توڙي جو اهي ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ ٻين قومن ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا آهن، تہ بہ هاڻي آءٌ پڪڙي کين گڏ ڪندس، آءٌ کين جلد ئي اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي تڪليفن ۾ وجھي ڇڏيندس. 11 اسرائيل وارن پنهنجن گناهن جي ڪفاري لاءِ گھڻا ئي قربانگاهہ جوڙايا، پر اهي ئي قربانگاهہ وڌيڪ گناهن جو سبب بڻيا. 12 توڙي جو منهنجي شريعت جا حڪم بيشمار بيان ڪيل آهن، تہ بہ انهن کي ڌاريو سمجھي مٿن ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي. 13 اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري انهن جو گوشت کائين ٿا، پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري، کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس. 14 اسرائيل ۽ يهوداہ وارن پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي، انهيءَ بجاءِ هنن ڪيترائي ڪوٽن وارا شهر ۽ محلات بڻائي ڇڏيا آهن، پر آءٌ باهہ موڪلي سندن انهن شهرن ۽ محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندس.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society