هوسيع 6 - Muslim Sindhi Bibleپڇتاءَ لاءِ سڏ 1 اچو تہ خداوند آڏو توبهہتائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو. 2 ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو، ۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو، تانتہ اسين سندس آڏو زندہ رهون. 3 اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي. خداوند جو پنهنجي قوم کي نندڻ 4 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان سان ڇا ڪريان؟ ۽ اي يهوداہ وارؤ! آءٌ اوهان سان ڪيئن هلان؟ اوهان جي وفاداري صبح جي ڪڪر جيان گم ٿيو وڃي هائو، جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي. 5 انهيءَ سبب مون اوهان ڏانهن پنهنجا نبي موڪليا، جن اوهان کي منهنجي فرمان مطابق سزا ۽ برباديءَ بابت ٻڌايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو عدل سدائين نور جيان پيو چمڪندو رهندو. 6 آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو. 7 پر اي اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي قوم هوندي آدم واري هنڌ پهچڻ کان وٺي مون سان ڪيل عهد اقرار ٽوڙيندا رهيا آهيو. هائو، انهيءَ وقت کان وٺي اوهين مون سان بيوفائي ڪندا رهيا آهيو. 8 هاڻي بہ جِلعاد بدڪارن جو شهر آهي، جتي مظلومن جو رت وهايو وڃي ٿو. 9 اوهان جي ڪاهنن جي جماعت لٽيرن جي انهن ٽولن وانگر آهي، جيڪي ماڻهن جي تاڙ ۾ رستن تي لڪي ٿا ويهن. بلڪ اهي مقدس شهر سڪم ڏانهن ويندڙن کي بہ رستي ۾ قتل ٿا ڪن. بيشڪ هنن جا ڪم تمام بڇڙا آهن. 10 مون اوهان اسرائيل وارن ۾ هڪڙي ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي، يعني اوهان ڏاڍي بتپرستي ڪندي پنهنجو پاڻ کي پليت ڪيو آهي. 11 اهڙيءَ طرح اي يهوداہ وارؤ! مون اوهان جي لاءِ بہ سزا جو وقت مقرر ڪيو آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society