هوسيع 14 - Muslim Sindhi Bibleهوسيع جي اسرائيل وارن سان حجت 1 اي اسرائيل وارؤ! اوهان جي بدڪاريءَ ئي اوهان کي ٿاٻو ڏيئي ڪيرايو آهي، تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہتائب ٿيو. 2 هائو، اوهين خداوند آڏو توبهہ ڪندي کيس هيئن چئو تہ ”اي خداوند! اسان جون سڀ خطائون معاف ڪر، ۽ اڳتي هلي اسين جيڪي نيڪيون ڪريون سي تون قبول ڪر. هاڻ اسين رڳو تنهنجي ئي واکاڻ ڪنداسون. 3 اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“ خداوند جو اسرائيل وارن کي معاف ڪرڻ جو واعدو 4 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جيڪا سرڪشي ڪئي آهي، سا آءٌ کين معاف ڪري ڇڏيندس. آءٌ کُليءَ دل سان ساڻن پيار ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هاڻي هنن مٿان منهنجو غصو ٽري ويو آهي. 5 سو جيئن ڪنهن ويران زمين تي برسات وسي، تيئن ئي آءٌ اسرائيل وارن تي رحم ڪندس. پوءِ هو سوسن جي ٻوٽي جيان گھڻا گل جھليندا، اهي اهڙيون مضبوط پاڙون هڻندا، جيئن لبنان جو ديال پاڙون هڻي ٿو. 6 هنن جون ٽاريون اهڙيون پکڙبيون، جو منجھائن زيتون جي وڻن جهڙي سونهن نظر ايندي، ۽ لبنان جي وڻن جهڙي خوشبوءَ ايندي. 7 ڪڻڪ جي سلي جيان هو تازا توانا رهندا. اهي انگورن جي ول جيان جھجھو ڦر ڏيندا، ۽ لبنان جي مئي وانگر مشهور ٿيندا. هائو، اهي وري منهنجي ڇانوَ هيٺ رهندا. 8 تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ ’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘ آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس، ۽ سندن حفاظت ڪندس. آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس، ۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“ ڏاها ۽ سچار ماڻهو 9 ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society