Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

هوسيع 13 - Muslim Sindhi Bible


اسرائيل وارن کي بي‌وفائي جي سزا

1 بيشڪ خداوند ڀوائتيون ڳالهيون ڪري اسرائيل وارن کي ڊيڄاريو. هن انهن جي خلاف سخت لهجي ۾ ڳالهايو تہ ”بعل ديوتا جي پوڄا ڪري اهي گنهگار ٿيا آهن، سو هو ضرور ماريا ويندا.“

2 پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا، ۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون. هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا، پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ ”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“ ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي، جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟

3 تنهنڪري هو صبح جي ڪڪر جيان گم ٿي ويندا، يا جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي. اهي ائين کڄي ويندا جيئن واچوڙو ڳاهہ جي پِڙ تان بُهہ اڏائي کڻي ويندو آهي، يا هو دونهين مثل جلدي ختم ٿي ويندا.

4 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اهو ئي خداوند اوهان جو بچائيندڙ خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو. تنهنڪري اوهان کي مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود بڻائڻ نہ گھرجي ها.

5 مون ئي رڻ‌پٽ ۾ اوهان جي سار لڌي. هائو، بيحد ويران علائقي ۾ مون ئي اوهان کي سنڀاليو.

6 پر جڏهن اوهين سرسبز ملڪ ۾ داخل ٿيا، ۽ اوهان کائي پي ڍءُ ڪيو، هائو، جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريو، تڏهن اوهين مغرور ٿي ويا ۽ اوهان مون کي وساري ڇڏيو.

7 تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف ببر شينهن جيان ٿيندس. هائو، آءٌ چيتي جيان اوهان جي رستي ۾ ڇپ هڻي اوهان کي تاڙي ويهندس.

8 آءٌ اهڙي رڇڻيءَ جيان اچي اوهان تي ڪڙڪندس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن. جيئن جھنگلي جانور پنهنجي شڪار کي اتي ئي چيري ڦاڙي ڇڏيندا آهن، تيئن آءٌ بہ شينهن جيان اوهان جو پيٽ ڦاڙي اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏيندس.

9 ٻڌو اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻڌو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙو ڪوبہ نہ هوندو جيڪو اچي اوهان جي مدد ڪري.

10 هاڻي اوهان جو اهو بادشاهہ ڪٿي آهي، جيڪو دشمنن کان اوهان ۽ اوهان جي شهرن کي بچائي؟ ڪٿي آهن اوهان جا اهي حاڪم جن بابت اوهان چيو ٿي تہ ’اسان جي مٿان بادشاهہ ۽ حاڪم مقرر ڪيا وڃن.‘

11 تڏهن مون غصي ۾ اچي اوهان کي بادشاهہ ڏنا، ۽ پوءِ پنهنجي غضب وچان انهن کي بہ هٽائي ڇڏيو.

12 اسرائيل وارن جيڪا بدڪاري ڪئي، سا لکي رکي ويئي آهي. هائو، هنن جيڪي گناهہ ڪيا تن کي گڏ ڪيو ويو آهي.

13 ڪوبہ ٻار ويم جي وقت پيٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار نہ ٿو ڪري، پر اسرائيل وارا ايترا تہ نادان آهن، جو هو گناهن کان ٻاهر نڪري زندهہ رهڻ نہ ٿا چاهين.

14 تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.

15 توڙي جو اوهين ڦلدار وڻن وانگر ٻين کان وڌيڪ ميوو جھليندا، تڏهن بہ سخت جھولو اوهان کي سَٽي وجھندو. هائو، مون خداوند جو جھولو بيابان مان اُٿندو، تڏهن اوهان جا پاڻيءَ جا چشما ۽ کوهہ سڪي ويندا، ۽ اوهان جو هر قيمتي خزانو لٽجي ويندو.

16 اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن، اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو، ۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan