هوسيع 12 - Muslim Sindhi Bible1 اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن. 2 بيشڪ يهوداہ وارا پڻ مون خداوند جا ڏوهاري آهن. سو آءٌ يعقوب جي سڄي اولاد کي سندن چال چلت موجب سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين سندن عملن مطابق بدلو ڏيندس. 3 يعقوب ماءُ جي پيٽ ۾ ئي پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي کُڙيءَ کان ورتو هو، ۽ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مون خدا سان ملهہ وڙهيو هو. 4 هائو، هو منهنجي ملائڪ سان ملهہ وڙهيو هو، ۽ ڏاڍيءَ مشڪل کان پوءِ هو انهيءَ ملائڪ کان کٽي ويو هو. پوءِ هن روئندي روئندي مون خداوند کان برڪت گھري هئي. تنهن هوندي بہ مون خداوند بيتايل ۾ اچي يعقوب سان ڳالهايو هو. 5 آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جنهن جو نالو خداوند آهي. هائو، آءٌ اهو ئي قادرِمطلق خدا آهيان، جنهن کي خداوند جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. 6 سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين پنهنجي خداوند آڏو توبهہتائب ٿيو، وفاداريءَ ۽ سچائيءَ تي قائم رهو، ۽ پنهنجي خدا تي هميشہ ڀروسو رکو. 7 اسرائيل وارا هڪ اهڙي واپاريءَ جيان آهن، جنهن جي هٿ ۾ ٺڳيءَ واري تارازي هجي، هائو، اهي سدائين ڪنهن جو حق کسڻ کي پسند ٿا ڪن. 8 اسرائيل وارا چون ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ جھجھو مال گڏ ڪيو اٿئون. انهيءَ ڳالهہ ۾ اسان ڪنهن جو بہ حق نہ کسيو آهي، جنهن کي اسان جو گناهہ ليکيو وڃي.‘ 9 پر ياد رکو، آءٌ مصر ملڪ کان وٺي خداوند اوهان جو خدا آهيان، هاڻي بہ آءٌ ئي وري اوهان کي خيمن ۾ رهڻ تي مجبور ڪندس، جيئن اوهين اڳ بيابان ۾ رهندا هئا. 10 آءٌ نبين سان ڳالهائيندو رهيس، ۽ کين رويا مٿان رويا ڏيکاريندو رهيس، ۽ انهن نبين جي ئي وسيلي مثال ڏيئي اوهان کي سمجھائيندو رهيس. 11 پر جِلعاد جي علائقي ۾ اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي، هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو. اوهان جون قربانگاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن، جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن. 12 يعقوب ارام ملڪ ڏانهن ڀڳو، هائو، اسرائيل اتي پنهنجي زال جي خاطر ٻانهو بڻيو، ۽ سهري جون رڍون چارڻ لڳو. 13 پوءِ مون خداوند موسيٰ نبيءَ جي وسيلي اوهان يعقوب جي اولاد کي مصر مان ڪڍي آندو، هائو، انهيءَ نبيءَ جي ئي وسيلي مون اوهان جي سنڀال ڪئي. 14 پر اوهان اسرائيل وارن پنهنجن بڇڙن ڪمن ڪري مون کي سخت غصو ڏياريو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجين بڇڙاين سبب موت جي لائق آهيو. اوهان جيڪي بہ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن، سي آءٌ خداوند موٽائي اوهان تي آڻيندس.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society