هوسيع 1 - Muslim Sindhi Bible1 انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو. هوسيع جو ڪٽنب 2 خداوند شروع ۾ هوسيع کي فرمايو تہ ”اي هوسيع! جيئن تہ اسرائيل وارا هڪ بيوفا زال وانگر مون خداوند کان ڦري ويا آهن. سو تون وڃي هڪڙي بيوفا عورت سان شادي ڪر ۽ سندس ئي جهڙا ٻار پيدا ڪر.“ 3 سو هوسيع وڃي ڊبلائم جي ڌيءَ جُمر سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ڄائو. 4 تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ ٻار جو نالو يزرعيل رک، ڇاڪاڻ تہ ٿوري ئي عرصي ۾ آءٌ ييهوءَ جي شاهي گھراڻي ۾ اهڙو قتلام وجھندس، جهڙو هن يزرعيل شهر ۾ وڌو هو. اهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل تان سندس گھراڻي جي بادشاهي ختم ڪري ڇڏيندس. 5 انهيءَ ڏينهن آءٌ يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ اسرائيل جي لشڪر جو زور بہ ٽوڙي ڇڏيندس.“ 6 جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس هڪ ڌيءَ ڄائي. تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لورحامہ رک، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن تي اڳتي وري رحم نہ ڪندس، نڪي کين ڪنهن طرح معافي ڏيندس. 7 پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“ 8 هاڻي جڏهن لورحامہ جو ٿڃ ڇڏايو ويو، تڏهن جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. 9 تڏهن خداوند وري هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لوعمي رک، ڇاڪاڻ تہ هاڻي اسرائيل وارا منهنجي قوم نہ آهن، نڪي آءٌ هنن جو خدا آهيان.“ اسرائيل ملڪ جي بحاليءَ لاءِ خداوند جو واعدو 10 انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“ 11 تڏهن اسرائيل وارا ۽ يهوداہ وارا وري گڏ ٿي ويندا ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو ئي سردار چونڊيندا. پوءِ هو پنهنجي ملڪ ۾ وڌندا ويجھندا ۽ خوشحال ٿيندا ۽ اهو هڪ عظيم وقت ٿيندو جڏهن يزرعيل جو نالو سچو ثابت ٿي ويندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society