عبرانين 7 - Muslim Sindhi Bibleڪاهن ملڪِصدق 1 هي اهو ملڪِصدق آهي، جيڪو سالم شهر جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو. جڏهن ابراهيم چئن بادشاهن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِصدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين. 2 ابراهيم هن کي مالِغنيمت جي سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِصدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو بادشاهہ“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو بادشاهہ بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي سلامتي، سو هو ”سلامتيءَ جو بادشاهہ“ بہ آهي. 3 هو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ هو خدا جي فرزند جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي. 4 سو غور ڪري ڏسو تہ اهو ڪيڏي نہ عظيم هستي آهي، جو قوم جي ابي ڏاڏي ابراهيم بہ کيس ڏهون حصو ڏنو. 5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي شريعت موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابراهيم جي نسل مان ئي آهن. 6 پر توڙي جو ملڪِصدق جو لاويءَ جي نسل سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابراهيم کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، تنهن کي دعائون ڏنائين. 7 انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاهون هوندو آهي. 8 لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي فاني انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِصدق جنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پاڪ ڪلام شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيئرو آهي. 9 هاڻي اسين اهو چئي سگھون ٿا تہ لاوي، جنهن جو اولاد ڏهون حصو اُڳاڙي ٿو، تنهن بہ ابراهيم جي وسيلي ڏهون حصو ڏنو، 10 ڇاڪاڻ تہ جڏهن ملڪِصدق ابراهيم سان گڏيو هو، تڏهن لاوي اڃا پنهنجي ابي ڏاڏي جي بدن ۾ هو. عيسيٰ مسيح ملڪِصدق جهڙو ڪاهن 11 بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ شريعت وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور خدا لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِصدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي. 12 ڳالهہ هيءَ بہ آهي تہ جڏهن ڪاهني بدلجي ٿي، تڏهن ان سان واسطو رکندڙ شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿي پوي ٿو. 13 اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي تہ اسان جو خداوند، جنهن بابت هي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، سو لاوي نہ پر ٻئي قبيلي جو آهي جنهن مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ قربانگاهہ جي خدمت ڪانہ ڪئي آهي. 14 هائو، هو يهوداہ قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪاهن ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ ڪجھہ بہ ڪونہ چيو آهي. 15 هاڻ بدلجڻ واري اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي وڃي ٿي، جڏهن هڪ ٻيو ڪاهن ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو ملڪِصدق جهڙو ئي آهي. 16 هو شريعت جي قاعدي موجب ڪنهن خاص انساني نسل مان نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب ملڪِصدق جهڙو ڪاهن مقرر ٿيو آهي. 17 انهيءَ بابت پاڪ ڪلام ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ ”تون ملڪِصدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“ 18 اهڙيءَ طرح لاوين واري ڪاهنيءَ سان واسطو رکندڙ شريعت جو پراڻو قاعدو ڪمزور ۽ بيفائدي هئڻ ڪري ختم ٿي ويو، 19 ڇاڪاڻ تہ شريعت ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھي. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين خدا وٽ وڃي ٿا سگھون. 20-21 ان کان علاوہ هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ انهيءَ ڪاهن کي مقرر ڪرڻ وقت خدا خود قسم کنيو، جڏهن تہ لاوي ڪاهنن کي مقرر ڪرڻ وقت هن ڪو قسم نہ کنيو. هائو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ خدا انهيءَ ڪاهن يعني عيسيٰ کي هيئن چيو تہ ”آءٌ خداوند قسم ٿو کڻان، جنهن کان آءٌ ڪڏهن ڪين ڦرندس تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“ 22 قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري عيسيٰ هڪ بهتر عهد جو ضامن مقرر ٿيو. 23 ان کان علاوہ هي بہ فرق آهي تہ موت لاوي ڪاهنن کي قائم رهڻ نہ ٿي ڏنو، تنهنڪري انهن مان گھڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيندا رهيا. 24 پر عيسيٰ جي ڪاهني لازوال آهي، ڇاڪاڻ تہ هو هميشہ تائين جيئرو رهڻ وارو آهي. 25 انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي. 26 سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بيڏوهہ، بيعيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي. 27 ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي گناهن ۽ پوءِ قوم وارن جي گناهن واسطي قربانيون پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي گناهن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ قرباني پيش ڪئي، جڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين. 28 شريعت تہ انهن کي سردار ڪاهن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور انسان آهن، پر اهو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ خدا کنيو، سو سندس فرزند کي هميشہ جي لاءِ ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿو ڪري. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society