Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 4 - Muslim Sindhi Bible


آرام ڏيڻ لاءِ خدا جو واعدو

1 بني اسرائيل سان آرام ڏيڻ وارو اهو واعدو اڃا قائم آهي جيڪو اسان جي لاءِ بہ آهي. هاڻي اسان کي خبردار رهڻ گھرجي تہ متان اسان مان بہ ڪو آرام حاصل ڪرڻ کان پوئتي رهجي نہ وڃي.

2 ڏسو، خدا کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري پيغام مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.

3 انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي اعتبار رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ خدا فرمايو هو تہ ”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“ جڏهن تہ دنيا جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو.

4 اهو بيان ڪندي پاڪ ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن ٻڌايو ويو آهي تہ ”خدا پنهنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“

5 هي اهو ساڳيو آرام آهي جنهن جو ذڪر هلي رهيو آهي تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.“

6 هاڻي ڏسو، جن کي آرام واري اها خوشخبري پهريائين ٻڌائي ويئي هئي، تن پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري آرام حاصل نہ ڪيو. جڏهن تہ اهو آرام ماڻهن کي ملڻ لاءِ اڃا تائين قائم آهي.

7 تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پاڪ لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“

8 ڏسو، يشوع بني اسرائيل جي ٻي پيڙهيءَ کي انهيءَ ملڪ يعني ڪنعان ۾ تہ آندو، پر کين آرام ڪونہ مليو. جيڪڏهن ان وقت کين آرام ملي ها، تہ بعد ۾ آرام ڏيڻ لاءِ خدا ڪنهن ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.

9 انهيءَ مان سمجھي سگھجي ٿو تہ خدا جي چونڊيلن لاءِ اهڙو آرام باقي رهيل آهي، جيڪو خدا جي ستين ڏينهن واري آرام جهڙو آهي.

10 سو جنهن کي خدا کان آرام ملي ٿو، سو خدا وانگر پنهنجي ڪمن کي پورو ڪري آرام حاصل ڪري ٿو.

11 تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي خدا جي غضب هيٺ اچي وڃي.

12 انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.

13 ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


عيسيٰ مسيح عظيم سردار ڪاهن

14 تنهنڪري اچو تہ انهيءَ ايمان تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عظيم سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو عرش عظيم تي خدا وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ.

15 اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ بي‌گناهہ رهيو.

16 تنهنڪري اچو تہ دليريءَ سان خدا جي فضل واري تخت جي ويجھو هلون، تہ جيئن هو اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي اهو فضل عطا ڪري جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan