عبرانين 2 - Muslim Sindhi Bibleعظيم ڇوٽڪاري تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تاڪيد 1 تنهنڪري لازمي آهي تہ عيسيٰ بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون. 2 ڏسو، شريعت جو جيڪو پيغام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رهيو ۽ جنهن انهيءَ تي عمل نہ ڪندي ان جي نافرماني ڪئي تنهن کي جوڳي سزا ڏني ويئي. 3 تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني. 4 خدا بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي معجزن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ ڇوٽڪاري جي شاهدي ڏيندو رهيو. ڇوٽڪاري جو مالڪ 5 بيشڪ هي ڇوٽڪارو ملائڪن جي معرفت ٻڌايل پيغام کان عظيم آهي، ڇاڪاڻ تہ هن آخري زماني کان پوءِ نئين سر بحاليءَ وارو ايندڙ زمانو، جنهن بابت اسين هن خط ۾ ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي خدا ملائڪن جي تابع نہ ڪيو آهي. 6 ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي خدا! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ڪرين. 7 تو هن کي ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو آهي. تو هن کي عزت ۽ عظمت وارو تاج پارائي 8 سڀ شيون هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون آهن.“ هاڻ جيئن سڀ شيون انسان جي پيرن هيٺ ڪيون ويون آهن، تڏهن ان مان ظاهر آهي تہ خدا ڪابہ اهڙي شيءِ نہ ڇڏي آهي جيڪا انسان جي تابع نہ هجي. تنهن هوندي بہ اسين اڃا تائين سڀ شيون انسان جي تابع نہ ٿا ڏسون. 9 پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي. 10 حقيقت ۾ خدا، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي تڪليفن جي وسيلي سندن ڇوٽڪاري جو ڪامل وسيلو بڻائي. 11 هاڻ جيئن تہ پاڪ ۽ مخصوص ڪرڻ واري يعني عيسيٰ جو ۽ پاڪ ۽ مخصوص ٿيڻ وارن يعني ٻارن جو پيءُ هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري عيسيٰ انهن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي، 12 بلڪ هو خدا کي چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي ڀائرن ڀينرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس. جماعت ۾ آءٌ تنهنجي واکاڻ جا گيت ڳائيندس.“ 13 هو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ بہ خدا تي ڀروسو رکندس.“ هو ائين بہ چوي ٿو تہ ”آءٌ انهن ٻارن سميت خدا آڏو حاضر آهيان، جيڪي هن مون کي ڏنا آهن.“ 14 سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن عيسيٰ پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني ابليس کي ناس ڪري. 15 اهڙيءَ طرح هو انهن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار آهن. 16 هاڻ ظاهر آهي تہ جن جي هو مدد ٿو ڪري سي ملائڪ نہ آهن، پر ابراهيم جو نسل آهن. 17 تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي. 18 هاڻ جيئن تہ عيسيٰ مسيح آزمائش ۾ پئي پاڻ تڪليفون سٺيون، تنهنڪري هو انهن جي مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society