عبرانين 11 - Muslim Sindhi Bibleايمان 1 ايمان مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن. 2 اهو انهن جو ايمان ئي هو جو اڳئين زماني جي ماڻهن خدا جو راضپو حاصل ڪيو. 3 ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان خدا جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي. 4 ايمان جي ڪري ئي هابيل خدا آڏو قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني پيش ڪئي. انهيءَ جي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي ايمان جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو. 5 ايمان جي ڪري ئي حنوڪ مٿي آسمان ڏانهن کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇاڪاڻ تہ خدا مٿي کڻي ورتس.“ اهو هن ڪري ٿيو جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ هن بابت اها شاهدي ڏني ويئي هئي تہ ”هو خدا کي پسند آيو آهي.“ 6 ايمان کان سواءِ خدا کي پسند اچڻ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو خدا ڏانهن اچي ٿو، تنهن لاءِ اهو ايمان رکڻ لازمي آهي تہ خدا موجود آهي ۽ جيڪي چاهہ سان سندس طلبگار ٿين ٿا تن کي اجر ڏئي ٿو. 7 ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي. 8 جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. 9 ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا. 10 ابراهيم انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آهي. 11 ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پيءُ ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ هو تمام پوڙهو هو ۽ سندس زال سارہ بہ سنڍ هئي. ابراهيم واعدي ڪرڻ واري کي سچو ڄاتو. 12 اهڙيءَ طرح هڪڙي اهڙي پوڙهي شخص مان جيڪو ڄڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي هو، ”آسمان جي تارن جيترو ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو بيشمار اولاد“ پيدا ٿيو. 13 اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“ 14 جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، سي ظاهر ڪندا آهن تہ ”اسان جو وطن ڪو ٻيو آهي، جنهن جا اسين طلبگار آهيون.“ 15 ائين چوندي جيڪڏهن هنن جو انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃڻ جو خيال هجي ها، جنهن مان نڪري آيا هئا تہ هو اوڏانهن موٽي وڃي ٿي سگھيا. 16 پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آسماني وطن جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ خدا، انهن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي. 17-18 ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پنهنجي آزمائش وقت اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. جيتوڻيڪ ابراهيم خدا جا واعدا قبول ڪيا هئا ۽ خدا کيس فرمايو هو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. 19 انهيءَ جو سبب هي هو جو هن سمجھيو ٿي تہ خدا کي مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي بہ قدرت آهي. سو اسحاق جي موت کان بچي وڃڻ جي باوجود ابراهيم کيس مثالي طرح مئلن مان وري حاصل ڪيو. 20 ايمان جي ڪري ئي اسحاق پنهنجي ٻنهي پٽن يعقوب ۽ عيسوءَ کي ايندڙ وقت جي ڳالهين بابت بہ دعا ڪئي. 21 ايمان جي ڪري ئي يعقوب مرڻ مهل پنهنجي پٽ يوسف جي ٻنهي پٽن مان هر هڪ کي دعا ڪئي ۽ پنهنجي لٺ جي چوٽيءَ تي مٿو رکي خدا آڏو سجدو ڪيائين. 22 ايمان جي ڪري ئي يوسف جڏهن مرڻ کي ويجھو هو، تڏهن هن مصر ملڪ مان بني اسرائيل جي نڪرڻ بابت ٻڌايو ۽ اهو حڪم بہ ڏنو تہ ”منهنجي هڏين کي ساڻ کڻي وڃجو.“ 23 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ جي ماءُ پيءُ سندس ڄمڻ کان پوءِ ٻارڙي جي خوبصورتي ڏسي کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو. هو بادشاهہ جي انهيءَ حڪم جي خلافورزيءَ کان ڪين ڊنا تہ نئين ڄاول پٽ کي ماريو وڃي. 24 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ وڏي ٿيڻ تي مصر جي بادشاهہ جي ڌيءَ جو پٽ سڏائڻ کان انڪار ڪيو. 25 انهيءَ جو سبب هي هو تہ ٿوري وقت تائين گناهہ جا مزا ماڻڻ بدران هن خدا جي قوم وارن سان شامل ٿي بري سلوڪ سهڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو. 26 هن مسيح جي خاطر بيعزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو. هن جي نظر ملڻ واري اجر تي هئي. 27 ايمان جي ڪري ئي بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو. 28 ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي. 29 ايمان جي ڪري ئي جڏهن ڳاڙهي سمنڊ مان پاڻي سڪي ويو تہ بني اسرائيل اتان لنگھي ويا. پر جڏهن مصرين انهن جو پيڇو ڪندي ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اهي ٻڏي مئا. 30 ايمان جي ڪري ئي بني اسرائيل جڏهن يريحو شهر جي چوڌاري ست ڏينهن ڦيرا ڏنا تہ شهر جو ڪوٽ ڪري پيو. 31 ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي بچي ويئي جڏهن انهيءَ شهر جي نافرمانن کي ماريو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل قوم جي جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو هو. 32 هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان. 33 ايمان جي ڪري ئي انهن مان ڪن بادشاهتون فتح ڪيون، ڪن انصاف سان نگهباني ڪئي، ڪن اهي برڪتون حاصل ڪيون جن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا. 34 انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان زورآور ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو 35 ۽ ڪن عورتن کي سندن مري ويل پيارا وري جيئرا ٿي مليا. ايمان جي ڪري ئي ڪي ماڻهو ايذاءَ سهندي سهندي مري ويا پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ ٻيهر جيئرا ٿي بهتر زندگي حاصل ڪن. 36 ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو. 37 ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي 38 بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هيءَ دنيا انهن جي رهڻ لائق نہ هئي. 39 جيتوڻيڪ انهن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري خدا جو راضپو حاصل ٿيو، تڏهن بہ کين اهو ڪجھہ نہ مليو جنهن جو خدا واعدو ڪيو هو. 40 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا اڳي ئي هڪ بهتر منصوبو جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ اسين بہ شامل آهيون. خدا چاهيو ٿي تہ اهي سڀ اسان سان گڏجڻ سان ئي وٽس ڪامل ڪيا وڃن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society