عبرانين 10 - Muslim Sindhi Bible1 ڏسو، شريعت آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اها انهن حقيقي شين جي اصلي صورت ناهي. تنهنڪري شريعت مطابق هر سال ساڳيون ئي قربانيون پيش ڪندو رهڻ سان اها شريعت عبادت ڪندڙن کي ڪڏهن بہ خدا وٽ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي. 2 جيڪڏهن شريعت ائين ڪري سگھي ها تہ پوءِ اهي قربانيون پيش ڪرڻ بند ٿي وڃن ها. هائو، جيڪڏهن عبادت ڪندڙ هڪ ئي دفعي هميشہ لاءِ پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گنهگار هجڻ جو احساس ئي نہ رهي ها. 3 پر ان جي بدران اهي قربانيون هر سال ماڻهن کي سندن گناهن جي ياد ڏيارين ٿيون. 4 مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهن کي مِٽائي ڇڏي. 5 تنهنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مهل خدا کي چيو تہ ”تو قرباني ۽ نذرانو نہ چاهيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو. 6 هائو، ساڙڻ وارين قربانين ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين کان تون خوش نہ ٿئين. 7 تڏهن مون چيو تہ ’اي خدا! آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان،‘ جهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام ۾ منهنجي باري ۾ لکيل آهي.“ 8 پهريائين مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاهيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين.“ مسيح ائين چيو جيتوڻيڪ اهي قربانيون شريعت موجب چاڙهيون وڃن ٿيون. 9 پوءِ وري چيائين تہ ”آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“ اهڙي نموني مسيح اڳئين شرعي انتظام کي رد ڪندي نئون انتظام قائم ڪري ٿو. 10 خدا جي انهيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي هڪڙي ئي دفعي هميشہ لاءِ قربان ٿيڻ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهيون. 11 شريعت موجب هر هڪ ڪاهن روزانو بيهي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ هر هر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙهي، جيڪي ڪڏهن بہ گناهن کي مِٽائي نہ ٿيون سگھن. 12 پر مسيح هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي گناهن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“ 13 انهيءَ وقت کان وٺي هو انتظار ۾ آهي تہ ”سندس دشمنن کي سندس پيرن هيٺان ڪيو وڃي.“ 14 سو هن هڪڙي قرباني چاڙهڻ سان انهن کي هميشہ جي لاءِ خدا وٽ ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهن. 15 پاڪ روح بہ انهيءَ باري ۾ اسان کي شاهدي ڏيئي خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ٿو تہ 16 ”جيڪو نئون عهد اچڻ وارن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم سان ٻڌندس، سو هي آهي تہ آءٌ پنهنجا قانون سندن دلين ۾ وجھندس، ۽ سندن ذهنن تي اهي نقش ڪندس.“ 17 پاڪ روح خداوند جو وڌيڪ فرمان ٻڌائي ٿو تہ ”هنن جا گناهہ ۽ هنن جون نافرمانيون آءٌ وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“ 18 هاڻي جيئن تہ انهن جي گناهن جي معافي ٿي ويئي آهي، تڏهن سندن گناهن لاءِ قربانيءَ جي ضرورت ئي ناهي رهي. ثابت قدم رهڻ لاءِ همتافزائي ۽ تاڪيد 19 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آهي تہ اسين عيسيٰ جي رت جي وسيلي آسمان واري مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا. 20 عيسيٰ اسان جي لاءِ پردي منجھان هڪ نئون ۽ زندگي ڏيندڙ رستو کولي ڇڏيو آهي ۽ اهو سندس بدن جي قربانيءَ وسيلي آهي. 21 هو اسان جو اهڙو عظيم ڪاهن آهي، جيڪو خدا جي گھراڻي جو مختيار آهي. 22 سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون. 23 اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي. 24 اچو تہ اسين پيار ۽ چڱن ڪمن جو هڪٻئي ۾ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ويچار ڪريون. 25 اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ خداوند جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي. 26 ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻيواڻي گناهہ ڪندا رهون تہ گناهن جي مِٽائڻ لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي ناهي رهي. 27 پوءِ رڳو خدا جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا خدا جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. 28 جڏهن ڪو ماڻهو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ بنا ڪنهن رحم جي ”ٻن يا ٽن ماڻهن جي شاهديءَ تي کيس ماريو ٿو وڃي،“ 29 تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو، عهد جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پاڪ ڪيو ويو هو ۽ فضل بخشيندڙ روح جي بيحرمتي ڪيائين! 30 هائو، کيس سزا ضرور ملندي، ڇاڪاڻ تہ اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون ٿا جنهن فرمايو آهي تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ وري هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ”خداوند پنهنجي قوم جو فيصلو ڪندو.“ 31 سو ياد رکو، زندہ خدا جي پڪڙ وڏي خوفناڪ آهي. 32 انهن اڳوڻن ڏينهن کي ياد ڪريو، جڏهن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان ثابت قدميءَ سان سخت تڪليفن کي منهن ڏنو. 33 ڪڏهن تہ اوهين ڦٽ لعنت ۽ ستائجڻ جي ڪري خود سرِعام تماشو بڻيا ۽ ڪڏهن وري اوهان اهڙين حالتن ۾ ڦاٿل ماڻهن جو ساٿ ڏنو. 34 جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي ڪئي ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان ڄاتو پئي تہ اوهان وٽ انهيءَ کان بهتر ۽ دائمي ملڪيت موجود آهي. 35 سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو اجر عظيم آهي. 36 هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي، جيئن هن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ 37 ”تمام ٿورو وقت باقي آهي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو. 38 ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو، سو ايمان جي وسيلي جيئرو رهندو، پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو، تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“ 39 سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي ايمان رکي پاڻ کي بچائين ٿا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society