Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حجيءَ 1 - Muslim Sindhi Bible


هيڪل جي نئين سر اڏاوت لاءِ حڪم

1 فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.

2 قادرِمطلق خداوند حجيءَ کي فرمايو تہ ”هيءَ قوم صحيح نہ ٿي چوي تہ اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت جو وقت نہ آيو آهي.

3 سو تون ماڻهن کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ

4 ’اي منهنجي قوم! ڇا اهو مناسب آهي جو اوهين تہ هن وقت عاليشان گھرن ۾ رهو ٿا، جڏهن تہ منهنجي هيڪل اڃا مٽيءَ جا دڙا لڳي پيئي آهي؟

5 سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي حال تي غور ڪريو.

6 اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.

7 سو اوهين انهن ڳالهين تي غور ڪريو تہ ائين ڇو ٿو ٿئي.

8 هاڻي منهنجو هي فرمان آهي تہ اوهين جابلو علائقي ۾ وڃو ۽ اتان ڪاٺ آڻي منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت ڪريو. تڏهن آءٌ خداوند ائين ڪرڻ سان خوش ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ اتي بندگي ڪرڻ سان منهنجو شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندو.

9 اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.

10 اهو ئي سبب آهي جو آسمان مان برسات پوڻ بند ٿي ويئي آهي ۽ زمين پنهنجي پيداوار ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي.

11 منهنجي حڪم سان ئي اوهان جي ملڪ ۾ خشڪ سالي آئي آهي. هائو، اوهان جي جبلن مان، پوک وارين ٻنين مان، انگورن ۽ زيتون جي باغن مان، زمين جي هر فصل ۽ پيداوار مان، انسانن توڙي جانورن مان، اوهان جي هر پورهئي مان، بلڪ هر شيءِ مان برڪت کسي ويئي آهي.‘“


قوم جو خداوند جي حڪم تي عمل ڪرڻ

12 تڏهن گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻيا اهي سڀ ماڻهو جيڪي بابل جي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني اهو ئي ڪجھہ ڪيو جنهن جو خداوند سندن خدا کين حڪم ڏنو هو. هنن خداوند جو خوف رکندي حجيءَ جي معرفت مليل پيغام تي عمل ڪيو.

13 تنهن کان پوءِ حجي نبيءَ ماڻهن کي خداوند جو ٻيو پيغام ٻڌايو تہ ”آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، اهو مون خداوند جو واعدو آهي.“

14 خداوند هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي هيڪل جي ڪم لاءِ جذبو جاڳايو. سو يهوداہ جو گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ اهي ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني قادرِمطلق خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل تي ڪم شروع ڪيو.

15 اهو ڪم شهنشاهہ دارا جي حڪمرانيءَ جي ساڳئي سال، ساڳئي مهيني جي چوويهين تاريخ کان شروع ڪيو ويو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan