حبقوق 2 - Muslim Sindhi Bible1 آءٌ پنهنجي پهري واري ٺُلهہ تي چڙهي بيهندس ۽ ڏسندس تہ خدا مون سان ڇا ٿو ڳالهائي ۽ مون کي منهنجي شڪايت جو ڪهڙو جواب ٿو ملي. خداوند جي ورندي 2 تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”هيءَ رويا لک. اها تختين تي اهڙن تہ صاف اکرن ۾ لک جو ڊوڙندڙ ماڻهو بہ اها آسانيءَ سان پڙهي سگھي. 3 هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي. 4 لک تہ ’بڇڙا پنهنجي بڇڙائيءَ سبب فنا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهن جون خواهشون سچائيءَ تي ناهن. پر سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا.‘“ بڇڙن جي سزا بابت حبقُوق جو پيغام 5 سچ پچ بڇڙا ماڻهو مئي جيان ٺڳين ٿا، اهي هٺيلا آهن ۽ ٽِڪاڻو تہ اٿن ئي ڪونہ. اهي ايترا ئي حريص آهن جيترو موت، هائو، موت وانگر سندن ڍءُ ئي نہ ٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هو سڀني قومن کي پنهنجي گھيري هيٺ ٿا آڻين، ۽ سڀني ماڻهن کي قيدي ٿا بڻائين. 6 پوءِ اهي سڀيئي مظلوم انهن تي ٺٺوليون ڪندا ۽ نفرت وچان ملامت ڪري هيئن بہ چوندن تہ ”ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پرائو مال ميڙي مالدار ٿا بڻجن، ۽ جيڪي گروي ٿيل سامان رکي گھر ڀرين ٿا. پر ائين آخر ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“ 7 اي بڇڙؤ! اوهان جا قرض خواہ اوچتو نہ جاڳندا ڇا؟ اهي پنهنجو قرض اُڳاڙڻ لاءِ توهان کي نہ ڊيڄاريندا ڇا؟ ۽ پوءِ توهان انهن جو شڪار ٿي نہ پوندءُ ڇا؟ 8 جيئن تہ اوهان گھڻين ئي قومن کي لٽيو ڦريو آهي، سو جيڪي ماڻهو باقي بچيا آهن سي وري توهان کي لٽيندا، ڇاڪاڻ تہ توهان انساني رت وهايو آهي. هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ. 9 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ناجائز ڪمائيءَ سان پنهنجا گھر ٿا ڀريو، ۽ پنهنجا آکيرا تمام اوچي هنڌ ٿا اڏيو، تہ جيئن مصيبت جي چنبي کان بچي سگھو. 10 توهان گھڻين ئي قومن خلاف منصوبا رٿيا آهن، جن سببان توهان پنهنجن گھرن کي لڄايو آهي، ۽ پنهنجو پاڻ کي برباد ڪيو اٿوَ. 11 اوهان جي ڀتين جا پٿر بہ اوهان جي خلاف شاهدي ڏيندا. هائو، اوهان جي جاين جا شهتير بہ اوهان جي خلاف واڄٽ ڪندا. 12 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي رت وهائي ڳوٺن جو بنياد ٿا وجھو، ۽ ڏوهہ ڪندي شهر ٿا اڏيو. 13 انهن مظلوم قومن اجايو پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي، هائو، انهن جو پورهيو باهہ ۾ ساڙي چٽ ڪيو ويو آهي. ڇا اهو سڀ ڪجھہ قادرمطلق خداوند طرفان مقرر ناهي؟ 14 ڌرتي خداوند جي جلال جي ڄاڻ سان ائين ڀرجي ويندي جيئن سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي. 15 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي پنهنجي آسپاس وارن ملڪن جي ائين بيحرمتي ٿا ڪريو، جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي مئي جي سانداريءَ مان ايستائين پيئاريندو رهي جيستائين هو نشي ۾ مدهوش ٿي وڃي، تانتہ هو انهيءَ جي اوگھڙ ڏسي سگھي. 16 پر هاڻ توهان بہ فخر بدران شرمسار ٿيندءُ، توهان جو بہ وارو اچڻ وارو آهي، جڏهن توهان کي بہ اهڙي مئي پيئاري نشي ۾ بيحرمتو ڪيو ويندو. خدواند جي طرفان غصي وارو پيالو توهان ڏانهن ڦرڻ وارو آهي، ۽ خواري توهان جي فخر تي غالب ايندي. 17 جيڪو ظلم توهان لبنان جي ٻيلن سان ڪيو، سو توهان تي ئي اچي ڪڙڪندو، ۽ جيڪو ڪوس توهان اتي جي جانورن ۾ وڌو، جنهن سان هو ڊڄي ويا سو بہ توهان کي ئي ڏهڪائي ڇڏيندو. انهيءَ سبب جو توهان انساني رت وهايو آهي، هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن، ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ. 18 تراشيل بت يا پلٽيل مورتيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ اهي تہ رڳو انساني هٿ جا ٺهيل آهن، ۽ ڪوڙ سان ڀريل آهن. پنهنجي هٿ سان ٺاهيل شيءِ تي انسان ڪيئن ڀروسو ڪري ٿو، جڏهن تہ اهي ڳالهائي بہ نہ ٿا سگھن؟ 19 سو ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ڪاٺيءَ کي چئو ٿا تہ ”جاڳ!“ يا وري بيجان پٿر کي ٿا چئو تہ ”اُٿ!“ انهن مان اوهان کي ڇا حاصل ٿيندو؟ ان بت تي سون ۽ چاندي تہ چاڙهي ويئي آهي پر منجھس ساهہ تہ آهي ئي ڪونہ. 20 پر خداوند پنهنجي مقدس هيڪل ۾ موجود آهي، سو سڄي جهان کي گھرجي تہ هن جي اڳيان خاموش رهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society