Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حبقوق 1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي حبقُوق نبيءَ جي ڏٺل رويا جو بيان آهي.


حبقُوق نبيءَ جي شڪايت

2 اي خداوند! ڪيستائين آءٌ مدد لاءِ تو کي سڏيندو رهندس، تون تہ ٻڌين ئي ڪونہ ٿو؟ ڪيستائين آءٌ تو آڏو ”ظلم، ظلم“ پڪاريندو رهندس، تون تہ بچائين ئي ڪونہ ٿو؟

3 ڇو تون مون کي ناانصافي ٿو ڏيکارين؟ ڇو تون بڇڙائيءَ کي برداشت ٿو ڪرين؟ تباهي ۽ ڏاڍ منهنجي سامهون آهن، فتنو ۽ فساد بہ خوب لڳو پيو آهي.

4 تنهنڪري شريعت لولي لنگڙي ٿي پيئي آهي ۽ انصاف جو تہ نالو ئي ڪونہ رهيو آهي. شرير ماڻهو سچن کي وڪوڙي ٿا وڃن، تان جو انصاف بگڙي ٿو وڃي.


خداوند جو جواب

5 خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”ٻين قومن کي جاچي ڏسو ۽ انهن مان عبرت حاصل ڪريو، ڇوجو اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائجي تہ اوهين هرگز اعتبار ڪين ڪندا.

6 ڏسو، آءٌ بابلين کي کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪا هڪ چيڙاڪ ۽ بدمزاج قوم آهي، جيڪا سڄي دنيا کي ٻهاريندي ٿي وتي ۽ پراين وسندين تي قبضا ڪندي ٿي وتي.

7 اها خوفناڪ ۽ هيبتناڪ قوم آهي. اها جيڪا پاڻ ئي پنهنجي عدالت آهي، ۽ پاڻ ئي پنهنجي مان ۾ اضافو ڪندي آهي.

8 هنن جا گھوڙا چيتن کان بہ وڌيڪ تيز رفتار آهن، اهي رات جو شڪار ڪندڙ بگھڙن کان بہ وڌيڪ خوفناڪ آهن. سندن گھوڙيسوار ٽپندا ڪڏندا ٿا اچن. هائو، اهي ڏورانهين پنڌ کان ٿا اچن. اهي ائين ٿا اڏامندا اچن، جيئن باز شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ اڏامندو ايندو آهي.

9 اهي جيڪي اچن ٿا سي ڦرلُٽ لاءِ ٿا اچن. سندن ٽولا ائين ٿا وڌندا اچن جيئن اوڀر جو واءُ ايندو آهي، اهي ماڻهن کي ائين قيد ڪري گڏ ٿا ڪن، جيئن واريءَ جا ذرڙا گڏ ڪبا آهن.

10 هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ حاڪمن جو مذاق ٿا اڏائين. هو قلعي وارن سڀني شهرن تي کِلن ٿا، هو مٽيءَ جي دڙن وارا مورچا اڏي انهن قلعن کي قبضي هيٺ آڻين ٿا.

11 پوءِ هو واچوڙي وانگر سڀڪجھہ ٻهاريندا گذري ٿا وڃن، اهي ڏوهاري پنهنجي قوت کي ئي پنهنجو خدا ٿا سمجھن.“


حبقُوق جي ٻي شڪايت

12 اي خداوند، منهنجا خدا! اي منهنجا پاڪ خدا! ڇا تون ازل کان ناهين؟ ڇا تون ابد تائين نہ رهندين؟ اي خداوند! تو انهن بابلين کي مقرر ڪيو آهي تہ اهي اسان تي فتويٰ جاري ڪن. اي اسان جا محافظ! تو کين مقرر ڪيو آهي تہ هو اسان کي سزا ڏين.

13 پر تنهنجيون اکيون اهڙيون تہ پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نہ ٿيون چاهين. تون تہ ظلم کي برداشت نہ ٿو ڪري سگھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو دغابازن کي برداشت ڪرين؟ جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين، تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟

14 ڇو تو ماڻهن کي مڇين وانگر بي‌وس بڻائي ڇڏيو آهي؟ هائو، اهي انهن جيت‌جڻن جي هشام وانگر آهن، جن جو ڪوبہ سنڀاليندڙ ڪونهي.

15 بڇڙا ماڻهو انهن کي ڪنڍيءَ يا ڄار ۾ ڦاسائي مٿي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿا وٺن. هو انهن کي پنهنجي وڏي ڄار ۾ گڏ ٿا ڪن ۽ پوءِ هو انهيءَ تي خوش ۽ سرها ٿا ٿين.

16 انهيءَ ڪري هو پنهنجي ئي ڄار کي خدا ٿا سمجھن ۽ انهيءَ لاءِ ئي قرباني ٿا ڪن ۽ لوبان ٿا ساڙين، ڇو تہ هو انهيءَ جي ئي وسيلي عيش واري زندگي ٿا گذارين ۽ لذيذ ۽ سڻڀا طعام ٿا کائين.

17 ڇا هاڻ هو ائين ئي پنهنجي ڄار جي وسيلي ڪندا رهندا؟ ۽ بي‌رحميءَ سان قومن کي تباهہ ڪندا رهندا؟

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan