Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 7 - Muslim Sindhi Bible


نوح جو ٻوڏ کان بچڻ

1 خداوند نوح کي چيو تہ ”تون پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهہ. مون ڏٺو آهي تہ سڄيءَ دنيا ۾ تون ئي هڪڙو آهين جيڪو سچار آهين.

2 سڀني پاڪ جانورن مان ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون ۽ ناپاڪ جانورن مان هڪ هڪ جوڙو يعني نر ۽ مادي پاڻ سان گڏ کڻج.

3 هر قسم جي پکين مان بہ ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون کڻج، تہ جيئن ڌرتيءَ تي انهن جو نسل قائم رهي.

4 ستن ڏينهن کان پوءِ آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندس ۽ سڀني ساهوارن کي، جيڪي مون بڻايا آهن برباد ڪري ڇڏيندس.“

5 سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.

6 جڏهن ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي.

7 نوح ۽ سندس زال، سندس پٽ ۽ انهن جون زالون ٻوڏ کان بچڻ لاءِ اچي ٻيڙي ۾ چڙهيا.

8 هر قسم جي پاڪ ۽ ناپاڪ جانورن، پکين ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان جوڙو جوڙو

9 نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ اچي چڙهيو، جيئن خدا فرمايو هو.

10 ستن ڏينهن کان پوءِ ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي.

11 جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون.

12 چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن پوندو رهيو.

13 انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس زال پنهنجي ٽنهي پٽن سِم، حام ۽ يافت ۽ انهن جي زالن سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا.

14 انهن سان گڏ هر قسم جا جانور، ڍور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ هر قسم جا پکي ٻيڙي ۾ چڙهيا.

15 سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو يعني نر‌ماد نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا،

16 جيئن خدا فرمايو هو. پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.

17 چاليهن ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي ٻوڏ ايندي رهي ۽ پاڻي ويو چڙهندو، تان جو ٻيڙو مٿي کڄي ترڻ لڳو ۽ ڌرتيءَ کان کڄي مٿي ٿيو.

18 پاڻي ڌرتيءَ تي چڙهندو چڙهندو گھڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙو پاڻيءَ تي ترڻ لڳو.

19 پاڻي ڌرتيءَ تي ايترو تہ چڙهيو جو سڄيءَ دنيا جا وڏا وڏا جبل بہ ٻڏي ويا.

20 پاڻي انهن کان بہ ست ميٽر مٿي هو.

21 جيڪي بہ ساهوارا ڌرتيءَ تي گھميا پئي، جهڙوڪ پکي، حيوان، جھنگلي جانور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ انسان، سي سڀ مري ويا.

22 جن ۾ بہ زندگيءَ جو دم هو ۽ سڪيءَ زمين تي رهندا هئا سي سڀ مري ويا.

23 جيڪا بہ ساهواري شيءِ ڌرتيءَ تي هئي، ماڻهو توڙي جانور، زمين تي سرندڙ جيت توڙي پکي، سي سڀ مري ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا سي وڃي بچيا.

24 اهو پاڻي ڏيڍ سؤ ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي بيٺو هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan