پيدائش 6 - Muslim Sindhi Bibleانسان جي بڇڙائي 1 جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ ماڻهو پکڙجي ويا ۽ انهن مان ڌيئرون پيدا ٿيون، 2 تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي. 3 تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“ 4 تن ڏينهن ۾ ۽ پوءِ بہ، زمين تي راڪاس هئا، جيڪي آسماني مخلوق ۽ انهن عورتن جو اولاد هئا. اهي ئي پراڻي زماني جا نالي وارا پهلوان هئا. 5 پوءِ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هر ماڻهو بڇڙائي ڪرڻ ۾ وڌي ويو آهي ۽ انهن جي دل جا خيال هر وقت بڇڙائيءَ جي ڳالهين سان ڀريل آهن، 6 تڏهن خداوند کي ڌرتيءَ تي انسان جي پيدا ڪرڻ جو افسوس ٿيو ۽ دل ۾ ڏک ٿيس. 7 سو خداوند چيو تہ ”جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندس، جانورن، سرندڙ جيتن توڙي پکين سميت، ڇاڪاڻ تہ کين پيدا ڪرڻ کان مون کي ڏک ٿيو آهي.“ 8 پر نوح خداوند جي نظر ۾ مقبول ٿيو. نوح جو هڪ ٻيڙو ٺاهڻ 9-10 نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو. 11 پر ٻيو هر ڪو خدا جي نظر ۾ بگڙيل هو ۽ هر هنڌ ظلم ئي ظلم هو. 12 خدا دنيا تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ اها خراب ٿي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن جي هلت چلت بڇڙي ٿي ويئي هئي. 13 پوءِ خدا نوح کي چيو تہ ”مون انسانذات کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. آءٌ انهن کي بلڪل تباهہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ دنيا انهن جي ظلم سان ڀرجي ويئي آهي. 14 تون ديال جي ڪاٺ مان پنهنجي لاءِ هڪ ٻيڙو ٺاهج، انهيءَ ٻيڙي ۾ ڪوٺيون ٺاهج ۽ ٻيڙي کي اندران ۽ ٻاهران رال لڳائج. 15 ٻيڙو اهڙيءَ طرح ٺاهج جو ان جي ڊيگھہ هڪ سؤ چوٽيهہ ميٽر هجي، ويڪر ٻاويهہ ميٽر ۽ اوچائي تيرهن ميٽر هجي. 16 ٻيڙي جي ڇت کان اڌ ميٽر هيٺ تائين روشندان وانگر چوڌاري کُليل جاءِ رکج. ٻيڙي ۾ ٽي طبقا ٺاهج ۽ پاسي ۾ هڪ در رکج. 17 آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو. 18 پر تو سان آءٌ پنهنجو عهد ڪندس. تون پنهنجيءَ زال، پنهنجي پٽن ۽ انهن جي زالن سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهج. 19-20 هر قسم جي جانورن، هر قسم جي پکين ۽ هر قسم جي سرندڙ جيتن مان ٻہ ٻہ، يعني نر ۽ مادي تو وٽ ايندا، جن کي تون پاڻ سان ٻيڙي ۾ کڻج تہ جيئن اهي جيئرا رهن. 21 پنهنجي ۽ هنن جي لاءِ هر قسم جو کاڌو بہ کڻ.“ 22 سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خدا کيس فرمايو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society