پيدائش 5 - Muslim Sindhi Bibleآدم جو اولاد ( 1.تواريخ 1:1-4 ) 1-2 جڏهن خدا انسان کي پيدا ڪيو تہ کيس پاڻ وانگر ٺاهيائين. خدا هنن کي نر ۽ ناري پيدا ڪري برڪت ڏني ۽ کين ”انسان“ سڏيائين، جن جي اولاد جي هيءَ فهرست آهي: 3 جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن سالن جو ٿيو تہ کيس پنهنجي صورت تي پاڻ جهڙو هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين. 4 انهيءَ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون. 5 آدم نو سؤ ٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. 6 سيت جڏهن هڪ سؤ پنجن سالن جو ٿيو تہ کيس انوس نالي هڪ پٽ ڄائو. 7 انوس جي ڄمڻ کان پوءِ سيت اٺ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 8 سيت نو سؤ ٻارهن سالن جي عمر ۾ هي جهان ڇڏي ويو. 9 جڏهن انوس نوي سالن جو ٿيو تہ کيس قينان نالي هڪ پٽ ڄائو. 10 قينان جي ڄمڻ کان پوءِ انوس اٺ سؤ پندرهن سال زندہ رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 11 انوس نو سؤ پنجن سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو. 12 جڏهن قينان ستر سالن جو ٿيو تہ کيس مهللايل نالي پٽ ڄائو. 13 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ قينان اٺ سؤ چاليهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 14 قينان نو سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. 15 جڏهن مهللايل پنجهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس يارد نالي پٽ ڄائو. 16 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو اٺ سؤ ٽيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 17 مهللايل اٺ سؤ پنجانوي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. 18 جڏهن يارد هڪ سؤ ٻاهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس حنُوڪ نالي هڪ پٽ ڄائو. 19 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ يارد اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 20 هن نو سؤ ٻاهٺ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. 21 جڏهن حنُوڪ پنجهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس متُوشلح نالي هڪ پٽ ڄائو. 22 تنهن کان پوءِ حنُوڪ ٽي سؤ سالن تائين خدا جي رفاقت ۾ رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 23 سندس سموري عمر ٽي سؤ پنجهٺ سال هئي. 24 حنُوڪ پنهنجي حياتي خدا جي رفاقت ۾ گذاريندو رهيو ۽ پوءِ جيئن تہ خدا هن کي کڻي ورتو، سو هو وري نظر نہ آيو. 25 جڏهن متُوشلح هڪ سؤ ستاسي سالن جو ٿيو تہ کيس لمڪ نالي هڪ پٽ ڄائو. 26 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ست سؤ ٻياسي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 27 متُوشلح نو سؤ اوڻهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. 28 جڏهن لمڪ هڪ سؤ ٻياسي سالن جو ٿيو تہ کيس هڪ پٽ ڄائو. 29 هن پٽ جو نالو هي چوندي نوح رکيو تہ ”هي ٻار انهيءَ زمين تي، جنهن تي خدا لعنت ڪئي هئي، اسان جي سموري پورهئي ۽ محنت کان اسان کي آرام ڏيندو.“ 30 نوح جي ڄمڻ کان پوءِ لمڪ پنج سؤ پنجانوي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 31 لمڪ ست سؤ ستهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. 32 جڏهن نوح پنج سؤ سالن جو ٿيو تہ کيس سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ ڄاوا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society