پيدائش 47 - Muslim Sindhi Bible1 سو يوسف پنهنجي ڀائرن مان پنجن ڄڻن کي ساڻ ڪري فرعون وٽ آيو ۽ اندر وڃي کيس ٻڌايائين تہ ”منهنجو پيءُ، منهنجا ڀائر، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ٻيو جيڪي وٽن آهي، تنهن سوڌا ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهن ۽ هاڻي هو جشن جي علائقي ۾ آهن.“ 2 پوءِ هن پنهنجي ڀائرن کي وٺي آڻي فرعون جي اڳيان حاضر ڪيو. 3 فرعون يوسف جي ڀائرن کان پڇيو تہ ”اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟“ هنن فرعون کي جواب ڏنو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ڌنار آهيون.“ 4 هنن فرعون کي ائين بہ چيو تہ ”اسين هن ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ آيا آهيون، ڇو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ سخت ڏڪار آهي ۽ اُتي اسان يعني توهان جي ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي. تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو.“ 5 تڏهن فرعون يوسف کي چيو تہ ”تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجا ڀائر تو وٽ اچي ويا آهن. 6 مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“ 7 پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي اندر وٺي آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريو. يعقوب فرعون لاءِ خير جي دعا گھري. 8 فرعون يعقوب کان پڇيو تہ ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“ 9 يعقوب فرعون کي جواب ڏنو تہ ”منهنجي زندگيءَ جي سفر جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ سال آهن. منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن. جيترا ڏينهن منهنجي ابن ڏاڏن زندگيءَ جي سفر ۾ گذاريا اوترا اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.“ 10 پوءِ يعقوب موڪلائڻ وقت فرعون لاءِ خير جي دعا گھري وٽانئس ٻاهر نڪري آيو. 11 يوسف پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ سڀ کان ڀلي زمين يعني رعمسيس شهر ۾ آباد ڪيو ۽ اها زمين سندن قبضي ۾ ڏنائين. 12 يوسف پنهنجي پيءُ، پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي خاندان ۽ سندن ٻارن آهر کاڌ خوراڪ ڏيئي سندن پرورش ڪرڻ لڳو. ڏڪار 13 ڏڪار ايترو تہ سخت ٿي ويو جو سڄي ملڪ ۾ کائڻ لاءِ بہ ڪجھہ نہ بچيو. ڏڪار جي ڪري مصر ۽ ڪنعان ٻنهي ملڪن جا ڏاڍا برا حال اچي ٿيا. 14 مصر ۽ ڪنعان ملڪ کي جيڪو اناج وڪيو ويو هو، تنهن جي سموري رقم گڏ ڪري يوسف فرعون جي محل ۾ آڻي جمع ڪئي. 15 جڏهن مصر ۽ ڪنعان جي ماڻهن وٽان پئسو کٽي ويو، تڏهن سڀ مصري يوسف وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي کاڌو ڏيو. توهان جي هوندي اسين ڇو بک مرون؟ اسان وٽان پئسو کپي ويو آهي.“ 16 تڏهن يوسف چين تہ ”جيڪڏهن اوهان وٽان پئسو کپي ويو آهي تہ پوءِ پنهنجو چوپايو مال ڪاهي اچو. آءٌ اوهان کي انهيءَ جي بدلي ۾ اناج ڏيندس.“ 17 سو هو پنهنجو چوپايو مال يوسف وٽ ڪاهي آيا. هن کين سندن گھوڙن، گڏهن، ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي بدلي کاڌو ڏنو. اهو سڄو سال هو سندن سموري چوپائي مال جي عيوض انهن جي کاڌ خوراڪ جو پورائو ڪندو رهيو. 18 جڏهن اهو سال پورو ٿيو تہ ٻئي سال هو وري وٽس آيا. هنن کيس چيو تہ ”اسين پنهنجي آقا کان اها ڳالهہ نہ ٿا لڪايون تہ اسان وٽان سمورو پئسو کپي ويو آهي ۽ اسان جو چوپايو مال بہ اوهان جو ٿي ويو آهي. هاڻ اسان وٽ اوهان لاءِ اسان جي سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ بچيو آهي. 19 سو اوهان جي هوندي اسين ڇو مرون ۽ اسان جي زمين ڇو ناس ٿي وڃي. اسان کي ۽ اسان جي زمين کي کاڌي جي عيوض خريد ڪر. اسين فرعون جا غلام ٿينداسين ۽ اسان جي زمين جو مالڪ بہ اُهو ئي ٿيندو. اسان کي اناج ڏيو تہ مرڻ کان بچون ۽ ٻج ڏيو تہ جيئن اسان جي زمين ويران نہ ٿئي.“ 20 سو يوسف مصر جي سڄي زمين فرعون جي نالي تي خريد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مصرين مان هر ڪنهن پنهنجي زمين وڪڻي ڇڏي، ڇوجو ڏڪار کين ڏاڍو هلاڪ ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سڄي زمين بہ فرعون جي ٿي ويئي. 21 باقي رهيا ماڻهو، تن کي هن مصر جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين غلام بڻائي ڇڏيو. 22 پر مذهبي اڳواڻن جي زمين هن خريد نہ ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي اڳواڻن کي فرعون کان وظيفو ملندو هو ۽ هو انهيءَ تي گذران ڪندا هئا. سو انهن کي پنهنجي زمين وڪڻڻ جي ضرورت پيش نہ آئي. 23 پوءِ يوسف ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اڄ مون اوهان کي ۽ اوهان جي زمينن کي فرعون جي نالي تي خريد ڪيو آهي. سو اوهين پنهنجي لاءِ هتان هي ٻج وٺو ۽ وڃي زمين ۾ پوکيو. 24 جڏهن فصل کڻو تڏهن پنجون حصو فرعون کي ڏجو. باقي ٻيا چار حصا ٻنين جي ٻج لاءِ، اوهين پنهنجي لاءِ، پنهنجي گھراڻي لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن جي کاڌ خوراڪ لاءِ رکجو.“ 25 هنن وراڻيو تہ ”توهان اسان جي جان بچائي آهي. اسان جي آقا جي اسان تي مهربانيءَ جي نظر رهي. اسين فرعون جا غلام رهنداسين.“ 26 سو يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون ٺاهي ڇڏيو تہ فصل جو پنجون حصو فرعون بادشاهہ کي ملي. اهو قانون اڄ ڏينهن تائين هلندو ٿو اچي. رڳو مذهبي اڳواڻن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي. 27 بني اسرائيل مصر ملڪ جي جشن علائقي ۾ رهي پيا. اتي هنن ملڪيت ٺاهي ۽ وڌندا ويجھندا ويا. 28 يعقوب مصر جي ملڪ ۾ سترهن سال جيئرو رهيو. سو يعقوب جي ڪل عمر هڪ سؤ ستيتاليهہ سال هئي. 29 جڏهن يعقوب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏهن پنهنجي پٽ يوسف کي پاڻ وٽ گھرائي چيائين تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رکي چئُہ تہ تون مون سان مهرباني ۽ وفاداريءَ جو سلوڪ ڪندي مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪندين. 30 پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن وڏن سان ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃي اتي دفن ڪجانءِ جتي هو دفن ٿيل آهن.“ يوسف جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ئي ڪندس.“ 31 يعقوب چيس تہ ”مون سان قسم کڻ،“ تڏهن يوسف ساڻس قسم کنيو. پوءِ يعقوب پنهنجي کٽ جي سيرانديءَ تي مٿو جھڪائي سجدو ڪيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society