پيدائش 45 - Muslim Sindhi Bibleيوسف جو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ 1 يوسف پنهنجي نوڪرن جي اڳيان پاڻ کي جھلي نہ سگھيو ۽ رڙ ڪري کين چيائين تہ ”سڀيئي ٻاهر هليا وڃو.“ سو جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو موجود ڪونہ هو. 2 يوسف ايترو تہ زور سان رنو جو مصرين ٻڌي ورتو ۽ اها خبر وڃي مصر جي بادشاهہ جي محلات ۾ پهتي. 3 يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”آءٌ يوسف آهيان. ڇا منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟“ پر سندس ڀائر ڪابہ ورندي ڏيئي نہ سگھيا، ڇوجو هو سندس اڳيان گھٻرائجي ويا. 4 پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري منهنجي ويجھا اچو.“ جڏهن هو ويجھا آيس تڏهن چيائين تہ ”آءٌ اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان جنهن کي اوهان وڪڻي مصر ۾ پهچائي ڇڏيو. 5 هاڻي فڪر نہ ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ پريشان ٿيو تہ اوهان مون کي هيڏانهن وڪيو. اصل ۾ خدا ئي مون کي اوهان کان اڳ ۾ اوهان جي جان بچائڻ لاءِ هتي موڪليو. 6 هي ڏڪار جو اڃا ٻيو سال آهي، پر اڃا پنج سال ٻيا بہ اهڙا آهن جن ۾ نڪو هر هلندو، نڪو لابارو پوندو. 7 تنهنڪري خدا مون کي اوهان کان اڳ ۾ موڪليو تہ جيئن هو اوهان کي هن عجيب وَ غريب نموني سان حياتي بخشي ۽ زمين تي اوهان لاءِ باقي بچيل نسل قائم رکي. 8 سو اوهان نہ پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو. هن مون کي بادشاهہ جو هڪ اعليٰ عملدار بڻايو. هن مون کي بادشاهہ جي سڄي گھر جو مالڪ ۽ مصر جي سڄي ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي. 9 هاڻي اوهين جلد منهنجي پيءُ ڏانهن وڃو ۽ کيس هي پيغام ڏيو تہ سندس پٽ يوسف چوي ٿو تہ ’خدا مون کي سڄي مصر جو مالڪ ڪيو آهي. سو بنا دير جي مون وٽ هليا اچو 10 ۽ جشن جي علائقي ۾ اچي رهو. پوءِ توهين، توهان جا پٽ پوٽا، توهان جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ بہ توهان وٽ آهي سو مون کي ويجھو ٿيندو. 11 اتي آءٌ اوهان جي سنڀال پيو لهندس. جيئن تہ اڃا ڏڪار جا پنج سال ٻيا بہ آهن، سو متان توهين، توهان جو خاندان ۽ ٻيا جيڪي توهان وٽ آهن سي ڪنگال ٿي پئو.‘“ 12 يوسف پنهنجي ڀائرن کي وڌيڪ چيو تہ ”هاڻ اوهين ۽ منهنجو ڀاءُ بنيامين پنهنجين اکين سان ڏسو ٿا تہ آءٌ يوسف ئي اوهان سان ڳالهايان ٿو. 13 مصر ۾ جيڪو منهنجو شان وَ شوڪت آهي ۽ ٻيو بہ جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ، سو سڀ منهنجي پيءُ کي بيان ڪري ٻڌائجو. هاڻ اوهين جلدي وڃو ۽ منهنجي پيءُ کي هتي وٺي اچو.“ 14 پوءِ يوسف پنهنجي ڀاءُ بنيامين کي ڀاڪر پائي رنو ۽ بنيامين بہ کيس ڀاڪر پائي رنو. 15 هو پنهنجي سڀني ڀائرن سا روئي مليو ۽ کين چميائين. تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا. 16 جڏهن اها خبر بادشاهہ جي محلات پهتي تہ يوسف جا ڀائر آيا آهن، تڏهن بادشاهہ ۽ سندس عملدار ڏاڍا خوش ٿيا. 17 بادشاهہ يوسف کي چيو تہ ”تون پنهنجي ڀائرن کي چئُہ تہ هو پنهنجا وهٽ لڏي جلدي ڪنعان جي ملڪ ڏانهن موٽي وڃن. 18 پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن گھر وارن کي هتي وٺي اچن. آءٌ انهن کي مصر جي ملڪ جون ڀلي ۾ ڀليون شيون ڏيندس ۽ اهي هن ملڪ ۾ مزي سان زندگي گذاريندا. 19 تون هنن کي هي بہ چئُہ تہ هو پنهنجين زالن ۽ ٻارن لاءِ مصر جي ملڪ مان گاڏيون ڪاهي وڃن ۽ پنهنجي پيءُ کي بہ ساڻ وٺي موٽي اچن. 20 اهي پنهنجي مال ملڪيت جو فڪر نہ ڪن، ڇو تہ مصر ملڪ جون سموريون ڀلي ۾ ڀليون شيون انهن جي لاءِ آهن.“ 21 سو يعقوب جي پٽن ائين ئي ڪيو. يوسف فرعون جي حڪم موجب کين گاڏيون ۽ رستي جي لاءِ سمر ڏنو. 22 هن انهن مان هر هڪ کي هڪ هڪ ڪپڙن جو وڳو ڏنو، پر بنيامين کي ٽي سؤ چانديءَ جا سڪا ۽ پنج وڳا ڏنائين. 23 هن پنهنجي پيءُ ڏانهن مصر جي عمدين شين سان لڏيل ڏهہ گڏهہ ۽ سندس مسافريءَ لاءِ اناج، روٽ ۽ سيڌي سامان سان لڏيل ڏهہ گڏهيون موڪليون. 24 پوءِ هن پنهنجي ڀائرن کي روانو ڪيو. رواني ٿيڻ وقت کين چيائين تہ ”ڏسو، متان رستي تي پاڻ ۾ وڙهو.“ 25 سو هو مصر مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ پهتا. 26 هنن کيس ٻڌايو تہ ”يوسف اڃا جيئرو آهي ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي.“ اهو ٻڌي يعقوب وائڙو ٿي ويو ۽ کيس هنن جي ڳالهين تي يقين نہ آيو. 27 پر جڏهن هنن اهي سڀ ڳالهيون جيڪي يوسف کين چيون هيون سي کيس ٻڌايون ۽ جڏهن هن اهي گاڏيون ڏٺيون جيڪي يوسف کيس وٺي اچڻ لاءِ موڪليون هيون، تڏهن سندن پيءُ يعقوب ۾ وري ساهہ پيو. 28 يعقوب چيو تہ ”هاڻي مون کي خاطري ٿي تہ منهنجو پٽ يوسف اڃا جيئرو آهي. هاڻي آءٌ مرڻ کان اڳي ئي وڃي کيس ڏسندس.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society