پيدائش 42 - Muslim Sindhi Bibleيوسف جي ڀائرن جو مصر ڏانهن وڃڻ 1 جڏهن يعقوب کي اها خبر پيئي تہ مصر ۾ اناج ملي ٿو، تڏهن پنهنجي پٽن کي چيائين تہ ”اوهين ڇو ويٺا هڪٻئي جي منهن ڏانهن نهاريو؟“ 2 وڌيڪ چيائين تہ ”مون ٻڌو آهي تہ مصر ۾ اناج آهي. سو اوهين اوڏانهن وڃو ۽ اتان اسان جي لاءِ خريد ڪري اچو تہ جيئن اسان بک وگھي مري نہ وڃون.“ 3 تڏهن يوسف جي ڀائرن مان ڏهہ ماٽيلا ڀائر اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ڏانهن ويا. 4 پر يعقوب يوسف جي سڳي ڀاءُ بنيامين کي انهن سان گڏ نہ موڪليو، ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان مٿس ڪا مصيبت اچي پوي. 5 سو يعقوب جا پٽ بہ اناج خريد ڪرڻ لاءِ ٻين ماڻهن سان گڏ اتي آيا، ڇاڪاڻ تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو. 6 يوسف ملڪ جو وزير اعظم هو ۽ هن ئي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اناج پئي وڪيو. سو يوسف جا ڀائر آيا ۽ اچي يوسف جي اڳيان زمين تي جھڪي کيس سلام ڪيائون. 7 يوسف پنهنجي ڀائرن کي ڏسي کين سڃاتو، پر نہ سڃاڻڻ وارو نمونو ڪري ساڻن کهرو ڳالهايائين. هن کانئن پڇيو تہ ”ڪٿان ٿا اچو؟“ هنن ورندي ڏني تہ ”اسين کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ڪنعان ملڪ مان آيا آهيون.“ 8 يوسف تہ پنهنجي ڀائرن کي سڃاتو پر هنن کيس نہ سڃاتو. 9 پوءِ يوسف کي اهي خواب ياد آيا جيڪي هنن جي بابت ڏٺا هئائين. تڏهن کين چيائين تہ ”اوهين جاسوس آهيو ۽ هن ملڪ جي تنگ حالت ڏسڻ آيا آهيو.“ 10 پر انهن جواب ڏنو تہ ”نہ آقا! اسين توهان جا غلام کاڌو خريد ڪرڻ آيا آهيون. 11 اسين سڀيئي پاڻ ۾ ڀائر آهيون. اسين سچا آهيون. اسين توهان جا غلام جاسوس ناهيون.“ 12 يوسف چين تہ ”نہ، اوهين هن ملڪ جي تنگ حالت ڏسڻ آيا آهيو.“ 13 هنن وراڻيو تہ ”اسين توهان جا غلام ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ، پاڻ ۾ ٻارهن ڀائر هئاسون. سڀني کان ننڍو هن وقت اسان جي پيءُ وٽ آهي ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي.“ 14 يوسف چين تہ ”ڳالهہ اها ئي آهي جيڪا مون اوهان کي چئي آهي تہ اوهين جاسوس آهيو. 15 هاڻي هن ريت اوهان کي آزمائجي ٿو، فرعون جي سر جو قسم آهي تہ جيستائين اوهان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ هتي نہ ايندو تيستائين اوهين هتان وڃي ڪين سگھندا. 16 اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي کيس وٺي اچي. جيستائين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيستائين اوهين ٻيا هتي قيدي ٿي رهو. نہ تہ فرعون جي سر جو قسم آهي تہ اوهين پڪ جاسوس آهيو.“ 17 پوءِ هن سڀني کي گڏ ٽن ڏينهن تائين قيد ۾ بند رکيو. 18 ٽئين ڏينهن تي يوسف کين چيو تہ ”مون کي خدا جو خوف آهي، سو اوهين جيڪڏهن هيئن ڪندءُ تہ اوهان جي جان بچي ويندي. 19 جيڪڏهن اوهين سچا آهيو تہ اوهان مان هڪڙو انهيءَ قيدخاني ۾ رهي ۽ ٻيا اناج کڻي پنهنجن ڏڪاريل گھرن ڏانهن وڃن. 20 پوءِ اوهين پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ضرور مون وٽ وٺي اچجو. اهڙيءَ طرح اوهان جي ڳالهہ سچي ثابت ٿيندي ۽ اوهين مرڻ کان بچي ويندا.“ هو ائين ڪرڻ تي راضي ٿيا. 21 هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيڪي ڪجھہ اسان پنهنجي ڀاءُ سان ڪيو هو، اڄ انهيءَ جو نتيجو لوڙيون ٿا. جڏهن هن جي دل پيڙجي رهي هئي ۽ اسان کي آزيون نيزاريون ٿي ڪيائين تہ بہ اسان هن جي نہ ٻڌي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هيءَ مصيبت اسان تي آئي آهي.“ 22 تڏهن روبن کين وراڻيو تہ ”مون اوهان کي ڪونہ چيو هو تہ ’ڇوڪري سان ظلم نہ ڪريو.‘ پر اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هاڻ انهيءَ جي خون جي پڇا ٿي آهي.“ 23 هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ سندن ڳالهہ ٻولهہ يوسف سمجھي رهيو آهي، ڇاڪاڻ تہ يوسف ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ ترجمو ٿي ڪيو. 24 يوسف هنن کان پرڀرو وڃي روئڻ لڳو. پوءِ وري وٽن موٽي اچي ساڻن ڳالهايائين. پوءِ هن انهن مان شمعون کي سندن روبرو ٻڌرائي ڇڏيو. يوسف جي ڀائرن جي ڪنعان ڏانهن واپسي 25 يوسف حڪم ڏنو تہ هنن جي ٻورن ۾ اناج ڀريو وڃي ۽ هر ڪنهن جا پئسا بہ موٽائي سندن ٻوري ۾ وڌا وڃن ۽ کين واٽ جي لاءِ سمر بہ ڏنو وڃي. سو جيئن يوسف چيو تيئن ئي ڪيو ويو. 26 پوءِ هنن پنهنجن گڏهن تي اناج لڏيو ۽ اتان روانا ٿيا. 27 هو رات جو هڪ جاءِ تي ترسيا. انهن مان هڪڙي ڄڻي پنهنجي گڏهہ کي داڻي ڏيڻ لاءِ جيئن ئي پنهنجو ٻورو کوليو تہ ڇا ڏسي تہ ٻوري جي منهن ۾ سندس پئسا رکيل هئا! 28 تڏهن هن پنهنجي ڀائرن کي رڙ ڪري چيو تہ ”ڏسو، ڏسو! منهنجا پئسا تہ موٽائي وڌا اٿن. اهي تہ منهنجي ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن.“ تڏهن هنن جو ساهہ ئي سڪي ويو ۽ ڪنبندي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي خدا اسان سان ڇا ڪيو آهي؟“ 29 جڏهن هو ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ پهتا تہ جيڪي ڪجھہ ساڻن وهيو واپريو هو سو کيس ٻڌايائون. 30 کيس چيائون تہ ”مصر جي وزير اعظم اسان سان کهرو ڳالهايو ۽ اسان کي انهيءَ ملڪ جا جاسوس ڪري سمجھيائين. 31 اسان کيس چيو تہ ’اسين سچا ماڻهو آهيون. اسين جاسوس نہ آهيون. 32 اسين هڪڙي ئي پيءُ جا پٽ، پاڻ ۾ ٻارهن ڀائر هئاسون. هڪڙي جو پتو ڪونهي، باقي سڀني کان ننڍو هن وقت ڪنعان جي ملڪ ۾ اسان جي پيءُ وٽ آهي.‘ 33 تنهن تي انهيءَ وزير اعظم چيو تہ ’آءٌ تڏهن سمجھندس تہ اوهين سچا آهيو جڏهن اوهين پنهنجو هڪڙو ڀاءُ هتي مون وٽ ڇڏيو، باقي ٻيا پنهنجن ڏڪاريل گھرن لاءِ اناج کڻو ۽ هليا وڃو. 34 مگر پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو. تڏهن آءٌ سمجھندس تہ اوهين جاسوس نہ پر سچا آهيو. پوءِ آءٌ اوهان جو ڀاءُ اوهان کي واپس ڪندس ۽ اوهين ڀلي هن ملڪ ۾ وڻج واپار ڪجو.‘“ 35 پوءِ جڏهن هنن پنهنجا ٻورا خالي ڪيا، تڏهن ڇا ڏسن تہ هر ڪنهن جي پئسن جي ٿيلهي سندس ٻوري ۾ پيئي هئي. پوءِ تہ هو ۽ سندن پيءُ پئسن جون ٿيلهيون ڏسي ڊڄي ويا. 36 سندن پيءُ کين چيو تہ ”اوهان مون کي بياولاد ڪندا ٿا وڃو. يوسف هليو ويو، شمعون هليو ويو ۽ هاڻي بنيامين کي بہ وٺي ويندءُ. اهي سڀ سور مون لاءِ ئي آهن.“ 37 تڏهن روبن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ بنيامين کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ تون منهنجا ٻئي پٽ ماري ڇڏجانءِ. هن کي منهنجي هٿن ۾ ڏي ۽ آءٌ کيس موٽائي تو وٽ آڻيندس.“ 38 پر يعقوب چيو تہ ”منهنجو پٽ اوهان سان اوڏانهن نہ هلندو. هن جو ڀاءُ مري ويو آهي ۽ هو اڪيلو وڃي بچيو آهي. جيڪڏهن رستي ۾ هن تي ڪا آفت اچي پيئي تہ پوءِ اوهين مون پيرسن ماڻهوءَ کي انهيءَ جي غم ۾ قبر داخل ڪندا.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society