پيدائش 41 - Muslim Sindhi Bibleفرعون جو خواب ۽ يوسف جو تعبير 1 ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جي بادشاهہ فرعون هڪ خواب لڌو. هن ڏٺو تہ هو پاڻ نيل نديءَ جي ڪپ تي بيٺو آهي. 2 اُتي ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون نيل نديءَ مان نڪتيون ۽ گاهہ چرڻ لڳيون. 3 انهن جي پٺيان ست ٻيون بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون نڪتيون ۽ نيل نديءَ جي ڪناري تي انهن جي ڀرسان اچي بيٺيون. 4 اهي بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون انهن ٺاهوڪين ۽ ٿلهين ستن ڳئن کي ڳڙڪائي ويون. پوءِ فرعون کي جاڳ ٿي ويئي. 5 هو وري سمهي پيو ۽ هڪ ٻيو خواب لڌائين. هن ڏٺو تہ ست ان سان ڀريل ٿلها ۽ سٺا سنگ هڪڙي ڪاني مان نڪتا. 6 انهن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ جھولي جا سڙيل ڦٽي نڪتا. 7 اهي سنهڙا ست سنگ انهن ٿلهن ۽ ان سان ڀريل ستن سنگن کي ڳڙڪائي ويا. پوءِ فرعون کي جاڳ ٿي ويئي ۽ سمجھيائين تہ هو خواب ڏسي رهيو هو. 8 صبح جو هن جي دل گھٻرائڻ لڳي. سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر ۽ ڏاها ماڻهو گھرايا. فرعون انهن کي پنهنجا خواب ٻڌايا پر انهن مان ڪوبہ سندس خوابن جو تعبير نہ ڪري سگھيو. 9 تڏهن وڏي ساقيءَ فرعون کي چيو تہ ”اڄ مون کي پنهنجيون خطائون ياد ٿيون پون. 10 هڪ دفعي توهان پنهنجن نوڪرن تي ڪاوڙيا هئا. توهان مون کي ۽ وڏي نانوائيءَ کي پهريدارن جي نگران جي گھر ۾ بند ڪرايو هو. 11 اُتي اسان ٻنهي ڄڻن ساڳيءَ ئي رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو. انهن خوابن جو تعبير ڌار ڌار هو. 12 اُتي اسان سان گڏ هڪڙو عبراني جوان بہ هو جيڪو پهريدارن جي نگران جو نوڪر هو. اسان انهيءَ کي پنهنجا خواب ٻڌايا ۽ هن هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خواب جو تعبير ٻڌايو. 13 جيئن هن تعبير ڪيو هو تيئن ئي ٿيو. مون کي منهنجو عهدو موٽي مليو ۽ هن کي ڦاسي ملي.“ 14 تڏهن فرعون يوسف کي وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو. سو کيس جلد قيدخاني مان آندو ويو. هو سيرب ٺهرائي ۽ ڪپڙا بدلائي فرعون وٽ آيو. 15 فرعون يوسف کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ جو تعبير نہ ٿو ڪري سگھي. پر تنهنجي باري ۾ ٻڌو اٿم تہ تون خوابن جو تعبير ڪري ٿو سگھين.“ 16 يوسف فرعون کي ورندي ڏني تہ ”اهو منهنجي هٿ ۾ ناهي، خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.“ 17 پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”مون خواب ۾ ڏٺو تہ آءٌ نيل نديءَ جي ڪناري تي بيٺو آهيان. 18 ڇا ڏسان تہ ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون نديءَ مان نڪتيون ۽ گاهہ چرڻ لڳيون. 19 انهن جي پٺيان وري ست ٻيون ڪمزور، بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون نديءَ مان نڪري آيون. مون اهڙيون بدشڪل ڳئون سڄي مصر جي ملڪ ۾ ڪڏهن ڪونہ ڏٺيون آهن. 20 پوءِ اهي ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون پهرين ستن ٿلهين ڳئن کي کائي ويون. 21 جڏهن هو انهن کي کائي ويون، تڏهن ائين معلوم ئي ڪونہ ٿي ٿيو تہ ڪو هو انهن جي پيٽ ۾ ويون آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اڃا بہ اهڙيون ئي بدشڪل ٿي لڳيون جهڙيون پهريائين هيون. پوءِ مون کي جاڳ ٿي ويئي. 22 مون وري ٻيو خواب لڌو جنهن ۾ ڏٺم تہ هڪڙي ڪاني تي ست سنگ ڀريل ۽ چڱا نڪتا. 23 انهن کان پوءِ ٻيا ست سنگ ڪومايل، سنهڙا ۽ جھولي جا سڙيل نڪتا. 24 اهي سنهڙا سنگ انهن ستن چڱن سنگن کي ڳڙڪائي ويا. مون اها ڳالهہ جادوگرن کي ٻڌائي پر ڪوبہ مون کي انهيءَ جو مطلب سمجھائي نہ سگھيو.“ 25 تڏهن يوسف فرعون کي چيو تہ ”انهن ٻنهي خوابن جو مطلب ساڳيو ئي آهي. خدا جيڪي ڪرڻ وارو آهي، سو تو کي ڏيکاريو اٿس. 26 ست چڱيون ڳئون ست سال آهن ۽ ست چڱا سنگ بہ ست سال آهن، خواب هڪڙو ئي آهي. 27 اهي ست ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون جيڪي پوءِ آيون ۽ ست خالي ۽ جھولي جا سڙيل سنگ، سي ڏڪار جا ست سال آهن. 28 اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا مون تو کي ٻڌائي آهي، يعني خدا جيڪي ڪرڻ وارو آهي سو تو کي ڏيکاريو اٿس. 29 سڄي مصر جي ملڪ ۾ ست سال ڏاڍي سڪار جا اچڻ وارا آهن. 30 پر انهن کان پوءِ ست سال ڏڪار پوندو. پوءِ اهو سڄو سڪار مصر جي ملڪ ۾ ماڻهن کان وسري ويندو، ڇو تہ ڏڪار ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. 31 ملڪ ۾ ايندڙ اهو ڏڪار ايترو تہ سخت هوندو جو انهيءَ سڪار جو ملڪ ۾ نالو نشان ئي نہ رهندو. 32 اهو خواب جيڪو تو کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، تنهن جو مطلب آهي تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي ۽ هو جلد ائين ڪندو. 33 تنهنڪري هاڻي اوهان کي گھرجي تہ ڪو سمجھو ۽ سياڻو ماڻهو ڳولي هٿ ڪري کيس مصر جي ملڪ تي وزير اعظم مقرر ڪريو. 34 فرعون جي اختياريءَ هيٺ هو ملڪ جي مٿان داروغا مقرر ڪري ۽ سڪار وارن ستن سالن دوران سڄي مصر جي ملڪ مان پيداوار جو پنجون حصو اُڳاڙي. 35 اهي داروغا انهن اچڻ وارن چڱن سالن دوران سموريون کاڌي جون شيون گڏ ڪن ۽ فرعون جي هٿ هيٺ هر شهر ۾ اناج جا انبار ڪن ۽ انهن جي سنڀال ڪن. 36 اُهو ئي اناج مصر ملڪ ۾ ايندڙ ڏڪار جي ستن سالن جي لاءِ ذخيرو هوندو. اهڙيءَ طرح ملڪ تباهہ ٿيڻ کان بچي ويندو.“ يوسف جو وزير اعظم مقرر ٿيڻ 37 اها ڳالهہ فرعون ۽ سندس عملدارن کي چڱي نظر آئي. 38 سو فرعون پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اسان کي هن کان وڌيڪ سٺو ماڻهو هٿ نہ ايندو، هڪ اهڙو ماڻهو جنهن ۾ خدا جو روح آهي.“ 39 پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”جڏهن تہ خدا تو کي اهو سڀ ڪجھہ سمجھايو آهي، تہ پوءِ تون ئي وڏو سمجھو ۽ سياڻو آهين. 40 تون منهنجي محلات جو مختيار ٿيءُ. منهنجي سڄي رعيت تنهنجي حڪم موجب هلندي، فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري منهنجو درجو تو کان مٿي هوندو.“ 41 پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”آءٌ تو کي مصر جي سڄي ملڪ مٿان وزير اعظم مقرر ڪريان ٿو.“ 42 ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس. 43 هن کيس پاڻ کان ٻئي درجي واري گاڏيءَ ۾ ويهاريو ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياريائين تہ ”گوڏا کوڙيو! گوڏا کوڙيو!“ اهڙيءَ طرح هن يوسف کي مصر جي سڄي ملڪ تي وزير اعظم مقرر ڪيو. 44 پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”آءٌ فرعون آهيان. تنهنجي حڪم کان سواءِ مصر جي سڄي ملڪ ۾ ڪوبہ ماڻهو هٿ پير نہ چوريندو.“ 45 فرعون پنهنجي ٻوليءَ ۾ يوسف جو نالو صفناتفعنيح رکيو. هن يوسف جي شادي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات سان ڪرائي. پوءِ يوسف مصر جي سڄي ملڪ جو گشت ڪيو. 46 ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو. 47 سڪار جي ستن سالن دوران زمين تي تمام جھجھو فصل ٿيو. 48 تڏهن يوسف مصر ۾ سڪار وارن ستن ئي سالن جو سمورو اناج گڏ ڪيو ۽ هر قسم جو کاڌو آڻي شهرن ۾ گڏ ڪري رکيائين. جيڪا ٻني جنهن شهر کي ويجھي هئي تنهن جو اناج انهيءَ ويجھي شهر ۾ گڏ ڪري رکيائين. 49 اهڙيءَ طرح يوسف سمنڊ جي واريءَ وانگر ايترو تہ گھڻو اناج گڏ ڪيو جو انهيءَ جو حساب رکڻ بہ ڇڏي ڏنائين، ڇاڪاڻ تہ اهو حساب کان ٻاهر هو. 50 ڏڪار کان اڳ ۾ يوسف کي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات مان ٻہ پٽ ڄاوا. 51 يوسف وڏي جو نالو منسي رکيو، جيئن تہ چيائين تہ ”خدا منهنجي سڄي تڪليف ۽ منهنجي پيءُ جو گھر مون کان وسارائي ڇڏيو آهي.“ 52 هن ٻئي جو نالو افرائيم رکيو، جيئن تہ چيائين تہ ”خدا منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ مون کي وڌايو آهي.“ 53 پوءِ مصر جي ملڪ ۾ اهي سڪار وارا ست سال اچي پورا ٿيا 54 ۽ ڏڪار جا ست سال شروع ٿيا، جيئن يوسف چيو هو. ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو، پر مصر جي سڄي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو. 55 پوءِ جڏهن مصر جا ماڻهو بک ۾ پاهہ ٿيڻ لڳا تڏهن کاڌي لاءِ فرعون وٽ اچي دانهون ڪرڻ لڳا. فرعون انهن کي چيو تہ ”اوهين يوسف وٽ وڃو ۽ جيڪي هو اوهان کي چوي سو ڪريو.“ 56 سو جڏهن ڏڪار سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو، تڏهن يوسف اناج جا سمورا ڀانڊا کولائي مصرين کي اناج وڪڻڻ لڳو، ڇو تہ سڄي مصر ۾ ڏڪار سخت ٿي ويو هو. 57 پوءِ تہ سڄيءَ دنيا جا ماڻهو اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا، ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا ۾ سخت ڏڪار هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society