پيدائش 40 - Muslim Sindhi Bibleقيدين جا خواب ۽ يوسف جو تعبير 1 ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ هڪڙي نانوائيءَ پنهنجي مالڪ مصر جي بادشاهہ جو ڪو ڏوهہ ڪيو. 2 تنهنڪري فرعون پنهنجي ٻنهي عملدارن، وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو. 3 پوءِ هن کين پهريدار سپاهين جي سالار جي گھر ۾، انهيءَ ساڳئي قيدخاني ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو جتي يوسف بند هو. 4 پهريدارن جي سالار انهن کي يوسف جي حوالي ڪيو. يوسف هنن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ هو ڪجھہ وقت قيد ۾ رهيا. 5 پوءِ انهن ٻنهي يعني مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ نانوائيءَ جيڪي قيد ۾ بند هئا، تن ساڳيءَ ئي رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو. سندن خوابن جو تعبير ڌار ڌار هو. 6 صبح جو جڏهن يوسف وٽن آيو تڏهن ڏٺائين تہ هو پريشان آهن. 7 تنهن تي کانئن پڇيائين تہ ”اڄ اهڙا پريشان ڇو آهيو؟“ 8 هنن وراڻيس تہ ”اسان ٻنهي ڄڻن هڪ هڪ خواب لڌو آهي، جن جو تعبير ڪرڻ وارو هتي ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يوسف کين چيو تہ ”خوابن جي تعبير جو علم خدا جي طرفان آهي. مون کي پنهنجا خواب ٻڌايو.“ 9 تڏهن وڏي ساقيءَ يوسف کي پنهنجو خواب ٻڌايو. کيس چيائين تہ ”مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي انگورن جي ول منهنجي سامهون آهي. 10 انهيءَ ول ۾ ٽي ٽاريون هيون. جيئن ئي ان ٻور ڪيو تہ منجھس گل نڪتا ۽ ان جا ڇڳا ڦري پڪل انگور ٿي پيا. 11 فرعون جو پيالو منهنجي هٿ ۾ هو، سو مون انگور کڻي فرعون جي پيالي ۾ نچوڙيا ۽ اهو پيالو فرعون جي هٿ ۾ ڏنم.“ 12 تڏهن يوسف کيس چيو تہ ”انهيءَ جو تعبير هي آهي تہ اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن. 13 ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تو کي آزاد ڪندو ۽ تو کي تنهنجو عهدو موٽائي ڏيندو. اڳي وانگر جيئن تون سندس ساقي هئين، تيئن تون وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين. 14 پر جڏهن تنهنجو ڀلو ٿئي تڏهن مهرباني ڪري منهنجي يادگيري ڪجانءِ ۽ فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪري مون کي هتان ٻاهر ڪڍائجانءِ. 15 حقيقت هي آهي تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان زوريءَ هتي کڻي آيا هئا ۽ هتي مون ڪوبہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي جو مون کي قيدخاني ۾ وڌو وڃي.“ 16 جڏهن وڏي نانوائيءَ ڏٺو تہ يوسف سٺو تعبير ٻڌايو آهي تڏهن يوسف کي چيائين تہ ”مون بہ خواب لڌو آهي، جنهن ۾ ڏسان ٿو تہ ٽي مانيءَ واريون ٽوڪريون منهنجي مٿي تي آهن. 17 سڀ کان مٿين ٽوڪريءَ ۾ فرعون جي لاءِ هر قسم جا پڪل طعام هئا. پر پکين انهيءَ ٽوڪريءَ مان پئي کاڌو جيڪا منهنجي مٿي تي رکي هئي.“ 18 يوسف چيس تہ ”انهيءَ جو تعبير هي آهي تہ اهي ٽي ٽوڪريون ٽي ڏينهن آهن. 19 ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي تو کي وڻ ۾ لٽڪائي ڇڏيندو ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان پٽي کائيندا.“ 20 هاڻ ٽئين ڏينهن فرعون جي سالگرہ هئي، تنهن ڏينهن هن پنهنجي سڀني نوڪرن جي دعوت ڪئي. هن وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ کي آزاد ڪري پنهنجي سڀني نوڪرن جي سامهون گھرايو. 21 هن وڏي ساقيءَ کي وري سندس اڳئين عهدي تي مقرر ڪيو، جنهن فرعون جي هٿ ۾ پيالو ڏنو. 22 پر وڏي نانوائيءَ کي جيئن يوسف کين تعبير ڪري ٻڌايو هو ڦاسيءَ تي چاڙهيائين. 23 انهيءَ هوندي بہ وڏي ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، بلڪ کيس وساري ڇڏيائين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society