پيدائش 37 - Muslim Sindhi Bibleيوسف جا خواب 1 يعقوب ڪنعان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو جتي سندس پيءُ پرديسي ٿي گذاريو هو. 2 يعقوب جي گھر ٻار جو احوال هن ريت آهي. يوسف جڏهن سترهن سالن جو هو تڏهن پنهنجي ڀائرن، جيڪي سندس پيءُ جي ٻين زالن بلهاہ ۽ زِلفاہ جا پٽ هئا، تن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو. هو انهن جون خراب ڳالهيون پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو. 3 يعقوب پنهنجي ٻين سڀني پٽن کان وڌيڪ يوسف سان پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ اهو پوڙهپ ۾ ڄائو هئس. هن کيس هڪڙو خاص رنگارنگي ڪڙتو بہ ٺهرائي ڏنو هو. 4 جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ ٻين سڀني ڀائرن کان وڌيڪ هن سان پيار ڪري ٿو، تڏهن اهي يوسف کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ کيس سلام بہ ڪين ڪندا هئا. 5 هڪ دفعي يوسف هڪڙو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي وڃي ٻڌايائين. تڏهن اهي ويتر وڌيڪ کانئس نفرت ڪرڻ لڳا. 6 هن کين چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي سو ٻڌو. 7 اسان ٻنيءَ ۾ گڏا پئي ٻڌا تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا ان جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ ان جي اڳيان جھڪيا.“ 8 تڏهن ڀائرن چيس تہ ”واقعي تون اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا واقعي اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟“ سو هو سندس خوابن ۽ هن جي ڳالهين جي ڪري کانئس اڃا بہ وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳا. 9 پوءِ يوسف هڪڙو ٻيو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي ٻڌائيندي چيائين تہ ”ٻڌو، مون هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي جنهن ۾ سج، چنڊ ۽ يارهن تارا منهنجي اڳيان اچي جھڪيا.“ 10 جڏهن هن اهو خواب پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي ٻڌايو تڏهن پڻس ڇينڀ ڏيئي چيس تہ ”هي تو ڪهڙو خواب لڌو آهي؟ ڇا واقعي آءٌ، تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر اچي تنهنجي اڳيان جھڪنداسين؟“ 11 سو سندس ڀائر تہ ساڙ ۾ سڙي ويا پر پڻس اها ڳالهہ پنهنجيءَ دل ۾ رکي ڇڏي. يوسف جو پنهنجي ڀائرن هٿان وڪامجڻ 12 هڪ ڏينهن جڏهن سندس ڀائر پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ لاءِ سڪم ڏانهن ويا، 13 تہ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ چاري رهيا هوندا. آءٌ تو کي اوڏانهن موڪلڻ ٿو چاهيان.“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ حاضر آهيان.“ 14 تڏهن هن چيس تہ ”وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر ۽ ڌڻ خيريت سان آهن. پوءِ موٽي اچي مون کي ٻڌاءِ.“ سو يعقوب يوسف کي حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيو. جڏهن يوسف سڪم ۾ پهتو 15 تہ هڪڙي ماڻهوءَ کيس جھنگ ۾ رلندي ڏٺو، سو هن کانئس پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڳولين؟“ 16 يوسف وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي ڀائرن کي ٿو ڳوليان. جيڪڏهن خبر هجيئي تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ اهي پنهنجا ڌڻ ڪٿي ٿا چارين؟“ 17 تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ٻڌايس تہ ”اهي هتان هليا ويا آهن. مون کين ائين چوندي ٻڌو هو تہ ’هلو تہ دوتان ڏانهن هلون.‘“ پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن جي پٺيان ويو ۽ دوتان ۾ وڃي کين لڌائين. 18 هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو. هو اڃا پري ئي هو تہ هنن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. 19 هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اِجھو، اچيوَ ٿو خوابن لهڻ وارؤ! 20 سو هاڻي اچو تہ کيس ماري ڪنهن کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيون. پوءِ چونداسين تہ ڪو جھنگ جو جانور کائي ويو اٿس. پوءِ ڏسنداسين تہ هن جي خوابن جو ڇا ٿو ٿئي.“ 21 جڏهن روبن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن يوسف کي هنن جي هٿان بچائڻ خاطر کين چيائين تہ ”اسين هن کي قتل نہ ڪريون. 22 اسين سندس رت نہ وهايون، پر هتي هن رڻپٽ ۾ جيڪو کوهہ آهي تنهن ۾ کڻي اڇلايونس. کيس وڌيڪ هٿ نہ لايون.“ روبن چاهيو ٿي تہ کيس هنن جي هٿان ڇڏائي واپس سندس پيءُ وٽ پهچائي. 23 سو جڏهن يوسف پنهنجي ڀائرن وٽ پهتو تڏهن جيڪو رنگارنگي ڪڙتو پاتل هئس سو هنن لاهي ورتس. 24 پوءِ انهن کيس کوهہ ۾ کڻي اڇلايو. اهو کوهہ بلڪل سڪل هو. 25 پوءِ هو ماني کائڻ ويهي رهيا. تڏهن اوچتو اکيون کڻي نهاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اسماعيل قبيلي وارن جو هڪڙو قافلو جِلعاد کان ايندو نظر آين. انهن جا اٺ مصالحن، سرهاڻين ۽ مُرَ سان لڏيل هئا. اسماعيل قبيلي وارا اهو سامان مصر ڏانهن کنيو ٿي ويا. 26 تڏهن يهوداہ پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اسين پنهنجي ڀاءُ کي ماري ڇڏيون ۽ سندس خون لڪائي ڇڏيون تہ انهيءَ مان اسان کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ 27 اچو تہ هن کي اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ پاڻ وڌيڪ هٿ نہ لايونس. آخرڪار هو اسان جو ڀاءُ آهي، اسان جو هڏ رت آهي.“ يهوداہ جي ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي. 28 پوءِ جڏهن اهي مدياني سوداگر اتان اچي لانگھائو ٿيا تہ يوسف جي ڀائرن يوسف کي کوهہ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي کيس وڪڻي ڇڏيائون. اهي سوداگر يوسف کي مصر ڏانهن وٺي هليا ويا. 29 جڏهن روبن موٽي کوهہ وٽ آيو ۽ جيئن جو ڏٺائين تہ يوسف تہ منجھس آهي ئي ڪونہ! تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. 30 هو پنهنجي ڀائرن وٽ ويو ۽ کين چيائين تہ ”ڇوڪر تہ آهي ئي ڪونہ، هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟“ 31 تڏهن هنن يوسف جو ڪڙتو کنيو ۽ هڪڙو ٻڪر ڪهي سندس رت ۾ اهو ڪڙتو ٻوڙيائون. 32 پوءِ هنن اهو رنگارنگي ڪڙتو پنهنجي پيءُ وٽ آندو ۽ چيائونس تہ ”اسان هي لڌو آهي. جاچي ڏس تہ هي تنهنجي پٽ جو ڪڙتو تہ ڪونهي؟“ 33 يعقوب اهو ڪڙتو سڃاتو ۽ چيائين تہ ”هي تہ منهنجي پٽ جو ڪڙتو آهي. ڪو جھنگلي جانور کائي ويو اٿس. يوسف پڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي.“ 34 پوءِ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. هن کٿو گوڏ ڪري ٻڌو ۽ انهيءَ ئي حالت ۾ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ سوڳ ڪندو رهيو. 35 سندس سمورا پٽ ۽ ڌيئر چپ ڪرائڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳس پر کيس آٿت نہ ٿي آئي. هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ روئندو پٽيندو پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس.“ اهڙيءَ طرح هو يوسف جي لاءِ روئندو رهيو. 36 انهيءَ وچ ۾ مديانين يوسف کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جيڪو فرعون جي عملدارن مان هو ۽ پهريدار سپاهين جو سالار هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society