Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 36 - Muslim Sindhi Bible


عيسوءَ جو اولاد
( 1.تواريخ 1‏:34‏-37 )

1 عيسو جنهن کي ادوم بہ چيو ويندو آهي تنهن جو اولاد هي آهي.

2 عيسوءَ هنن ڪنعاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي هئي: عدہ جيڪا اَيلون حِتيءَ جي ڌيءَ هئي، اهليباماہ جيڪا عَيناہ جي ڌيءَ ۽ صِبعون حِويءَ جي پوٽي هئي،

3 ۽ بشامہ جيڪا اسماعيل جي ڌيءَ ۽ نبايوت جي ڀيڻ هئي.

4 عدہ کي عيسوءَ مان اليفز ۽ بشامہ کي رعوايل ڄائو.

5 اهليباماہ کي يعوش، يعلام ۽ قورح ڄاوا. اهي عيسوءَ جا پٽ آهن جيڪي کيس ڪنعان جي ملڪ ۾ ڄاوا.

6 عيسوءَ پنهنجيون زالون، پٽ، ڌيئرون ۽ پنهنجي گھراڻي جا سڀ ماڻهو، پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ پنهنجي سموري ملڪيت، جا ڪنعان ملڪ ۾ گڏ ڪئي هئائين سا کڻي پنهنجي ڀاءُ يعقوب کان پري ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.

7 سندن مال ملڪيت ايتري تہ گھڻي ٿي ويئي هئي جو هو گڏ رهي نہ ٿي سگھيا. هو جنهن هنڌ رهيل هئا اتي گھڻي چوپائي مال جي ڪري سندن گذارو ٿي ڪين ٿي سگھيو.

8 انهيءَ ڪري عيسو، جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو سو وڃي سعير جي جابلو علائقي ۾ رهڻ لڳو.

9 انهيءَ جابلو علائقي جي رهاڪو ادومين جي پيءُ عيسوءَ جو اولاد هي آهي.

10 عيسوءَ جي پٽن جا نالا هي آهن: سندس پهرينءَ زال عدہ مان اليفز ۽ ٻي زال بشامہ مان رعوايل پيدا ٿيو.

11 اليفز جا پٽ هي آهن: تيمان، اومار، صفو، جعتام ۽ قنز.

12 عيسوءَ جي پٽ اليفز کي تِمنع نالي سريت هئي، جنهن مان کيس عماليق نالي هڪ پٽ ڄائو. اهي آهن عيسوءَ جي زال عدہ جا پوٽا.

13 رعوايل جا پٽ هي آهن: نحت، زارح، شماہ ۽ مِزہ. اهي آهن عيسوءَ جي زال بشامہ جا پوٽا.

14 عيسوءَ جي زال اهليباماہ جيڪا عَيناہ جي ڌيءَ ۽ صِبعون جي پوٽي هئي، تنهن مان عيسوءَ کي يعوش، يعلام ۽ قورح نالي پٽ ڄاوا.

15 عيسوءَ جي اولاد مان هي قبيلا ٿيا. عيسوءَ جي وڏي پٽ اليفز جا پٽ جن جي نالن جي پٺيان ادوم جي ملڪ ۾ پوءِ قبيلا ٿيا، سي هي آهن: تيمان، اومار، صفو، قنز،

16 قورح، جعتام ۽ عماليق. اهي سڀ عيسوءَ جي زال عدہ جا پوٽا هئا.

17 جيڪو اولاد عيسوءَ جي پٽ رعوايل مان پيدا ٿيو جن جي نالن جي پٺيان ادوم ۾ پوءِ قبيلا ٿيا، سي هي آهن: نحت، زارح، شماہ ۽ مِزہ. اهي عيسوءَ جي زال بشامہ جا پوٽا هئا.

18 عيسوءَ جي زال عَيناہ جي ڌيءَ اهليباماہ جا پٽ جن جي نالن جي پٺيان پوءِ قبيلا ٿيا، سي هي آهن: يعوش، يعلام ۽ قورح.

19 عيسو جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو تنهن جو اولاد ۽ سندن نالن پٺيان قبيلا اهي ئي آهن.


سعير حوريءَ جو اولاد
( 1.تواريخ 1‏:38‏-42 )

20 حوري قبيلي وارا جيڪي سعير جو اولاد هئا ۽ ادوم جي علائقي ۾ رهندا هئا سي هي آهن: لوطان، شوبال، صِبعون، عَيناہ،

21 دِشون، ايصر ۽ ديشان. انهيءَ علائقي ۾ سعير حوريءَ جي اولاد مان انهن جي ئي نالن پٺيان پوءِ قبيلا ٿيا.

22 لوطان کي حوري ۽ هيمام نالي ٻہ پٽ هئا ۽ تِمنع سندس ڀيڻ هئي.

23 شوبال جا پٽ هي آهن: علوان، مانحت، عيبال، شفو ۽ اونام.

24 صِبعون جا پٽ هي آهن: آيہ ۽ عَيناہ. هي عَيناہ اهو آهي جنهن پنهنجي پيءُ صِبعون جا گڏهہ چاريندي جھنگ ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما لڌا هئا.

25 عَيناہ جا ٻار هي آهن: دِشون ۽ سندس ڌيءَ اهليباماہ.

26 دِشون جا پٽ هي آهن: حمدان، اشبان، يتران ۽ ڪران.

27 ايصر جا پٽ هي آهن: بِلهان، زعوان ۽ عقان.

28 ديشان جا پٽ هي آهن: عُوض ۽ اران.

29-30 ادوم جي علائقي ۾ حورين جا قبيلا هي آهن: لوطان، شوبال، صِبعون، عَيناہ، دِشون، ايصر ۽ ديشان.


ادوم ملڪ جا بادشاهہ
( 1.تواريخ 1‏:43‏-54 )

31 بني اسرائيل جي ڪنهن بادشاهہ جي حڪومت هلائڻ کان اڳ جن بادشاهن ادوم جي ملڪ تي بادشاهي ڪئي سي هي آهن:

32 بعور جي پٽ بلع ادوم تي بادشاهي ڪئي. سندس شهر جو نالو دِنهاباہ هو.

33 بلع جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بُصراہ واري زارح جي پٽ يوباب بادشاهي ڪئي.

34 يوباب جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي تيمانين جي علائقي واري حُشام بادشاهي ڪئي.

35 حُشام جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بدد جي پٽ هدد، جنهن موآب ملڪ ۾ مديانين کي هارايو هو تنهن بادشاهي ڪئي ۽ سندس شهر جو نالو عويت هو.

36 هدد جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي مسرقہ واري سملاہ بادشاهي ڪئي.

37 سملاہ جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي شائول، جيڪو فرات نديءَ جي ڪناري واري شهر رحوبوت‌عير جو ويٺل هو تنهن حڪومت ڪئي.

38 شائول جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي عڪبور جي پٽ بعل‌حانان بادشاهي ڪئي.

39 بعل‌حانان جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي هدر بادشاهي ڪئي. هدر جي شهر جو نالو پاعو هو ۽ سندس زال جو نالو مهيطب‌ايل هو، جيڪا مطرد جي ڌيءَ ۽ ميَ‌زاهاب جي ڏوهٽي هئي.

40-43 عيسو ادومين جو وڏو هو. هن جي اولاد جن جي نالن پٺيان پوءِ قبيلا ٿيا، تن جا نالا هي آهن: تِمنع، علوہ، يتيت، اهليباماہ، ايلاہ، فينون، قنز، تيمان، مبصار، مجدي‌ايل ۽ عرام. جيڪي علائقا انهن قبيلن پنهنجي پنهنجي قبضي ڪيا، سي انهن جي نالن پٺيان سڏيا ويا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan